ڪلسين 4
4
1اي مالڪو، پنهنجن نوڪرن سان عدل ۽ انصاف جي هلت ڪريو ۽ ياد رکو تہ اوهان جو بہ هڪڙو ڌڻي آهي.
2دعا گهُرڻ ۾ قائم رهو، ۽ شڪرگذاريءَ سان انهيءَ ۾ هوشيار رهو؛ 3اسان جي لاءِ بہ دعا گهُرندا رهو، تہ خدا اسان لاءِ ڪلام جو دروازو کولي، تہ آئون مسيح جي انهي راز جو بيان ڪري سگهان، جنهن جي ڪري آئون قيد ۾ بہ آهيان؛ 4۽ انهي جو اهڙو اظهار ڪريان جهڙو ڳالهائڻ فرض اٿم. 5وقت کي غنيمت ڄاڻي جيڪي (ڪليسيا کان) ٻاهر آهن، تن سان ڏاهپ سان هلت ڪريو. 6اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ فضيلت واري ۽ سلوڻي هئڻ کپي، جنهنڪري اوهان کي خبر پوي تہ هرهڪ کي ڪيئن واجبي جواب ڏجي.
7منهنجو سارو احوال اوهان کي تخڪس کان معلوم ٿيندو، جو پيارو ڀاءُ، ۽ ايماندار خادم، ۽ خداوند ۾ اسان جو هم خدمت آهي؛ 8انهي کي مون انهي ڪم لاءِ اوهان ڏانهن موڪليو آهي، تہ اسان جي حال جي اوهان کي خبر پوي، ۽ هو اوهان جي دلين کي تسلي ڏئي؛ 9انهي سان گڏ انيسمس کي بہ موڪليو اٿم، جو ايماندار ۽ پيارو ڀاءُ آهي، ۽ اوهان مان هڪڙو آهي. اُهي اوهان کي هتي جون سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندا.
10ارسترخس، جو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، ۽ برناباس جي سوٽ مرقس (جنهن جي بابت اوهان کي حڪم مليو، اهو جي اوهان وٽ اچي تہ انهي جو استقبال ڪجو.) 11۽ يسوع، جنهن کي يوستس ڪري سڏيندا آهن، ۽ جي مختون آهن، تن اوهان کي سلام ڏنا آهن. رڳو اهي خدا جي بادشاهت لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ منهنجا هم خدمت آهن ۽ اِهي ئي منهنجي تسلي جو سبب پئي ٿيا آهن. 12اپفراس، جو اوهان مان هڪڙو آهي، ۽ مسيح يسوع جو غلام آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي ۽ هميشہ اوهان جي لاءِ جانفشانيءَ سان دعا ٿو گهُري، انهي لاءِ تہ اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان خدا جي ساريءَ مرضيءَ تي قائم رهو. 13ڇالاءِ جو آئون شاهدي ڀري ٿو چوان تہ هن اوهان جي لاءِ، ۽ لوديڪيہ وارن لاءِ، ۽ هيراپلس وارن لاءِ گهڻو پورهيو ڪيو آهي. 14پيارو طبيب لوقا ۽ ديماس اوهان کي سلام ٿا ڏين.
15جيڪي ڀائر لوديڪيہ ۾ آهن، تن کي ۽ نمفاس کي، ۽ جيڪا ڪليسيا سندن گهر ۾ آهي، تن کي سلام ڏجو. 16۽ جڏهن هي خط پڙهي پورو ڪريو، تڏهن اهو لوديڪيہ وارن جي ڪليسيا ۾ بہ پڙهيو وڃي؛ ۽ جيڪو خط لوديڪيہ مان اچي، اهو اوهين بہ پڙهجو. 17۽ ارخپس کي چئجو تہ جيڪا خدمت خداوند ۾ توکي ملي آهي، انهيءَ ۾ هوشيار رهہ، انهيءَ کي پورو ڪر.
18آئون پولس پنهنجي هٿ سان اوهان ڏانهن سلام ٿو لکان. منهنجا زنجير ياد رکجو. شل اوهان تي فضل هجي.
Currently Selected:
ڪلسين 4: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.