ڪلسين 2
2
1ڇالاءِ جو منهنجي مرضي آهي تہ اوهان کي خبر پوي تہ ڪيتري قدر آئون اوهان لاءِ ۽ لوديڪيہ وارن لاءِ، ۽ انهن سڀني لاءِ جن منهنجو منهن نہ ڏٺو آهي، جانفشاني ٿو ڪريان؛ 2انهي لاءِ تہ انهن جي دلين کي تسلي ملي، ۽ اُهي محبت جي ڪري پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن، ۽ سمجهہ جي پوري معموري حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز يعني مسيح کان واقف ٿين؛ 3جنهن ۾ سياڻپ ۽ علم جا سڀ خزانا پوشيدہ آهن. 4اهو آئون انهي ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري اوهان کي ڀُلائي، 5ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ آئون جسم جي ڪري غير حاضر آهيان، تڏهن بہ روح جي ڪري اوهان وٽ آهيان، ۽ اوهان جو انتظام ۽ مسيح ۾ اوهان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.
6تنهنڪري جهڙيءَ طرح اوهان مسيح يسوع خداوند کي قبول ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح انهي ۾ هلندا رهو، 7۽ منجهس پاڙ ڄمائيندا وڌندا وڃو، ۽ پنهنجي ايمان ۾ اهڙا قائم ٿيندا وڃو، ۽ اهڙي بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو، جهڙي اوهان کي تعليم ملي هئي.
8خبردار رهجو متان ڪو ماڻهو پنهنجي فيلسوفيءَ ۽ اجائي فريب سان، ماڻهن جي روايتن ۽ دنيا جي ابتدائي تعليم موجب، ۽ نہ مسيح موجب، اوهان کي شڪار ڪري وٺي. 9ڇالاءِ جو اُلوهيت جي ساري معموري مجسم طور منجهس ٿي رهي، 10۽ انهي ۾ اوهين معمور ڪيا ويا آهيو، جو ساريءَ حڪومت ۽ اختيار جو سر آهي. 11۽ انهي ۾ اوهان جو اهڙو ختنو بہ ٿيو جو هٿن سان نہ ٿيندو آهي يعني مسيح جو ختنو، جنهنڪري اوهان تان جسم لاٿو ويو، 12۽ بپتسما جي ڪري انهي سان گڏ دفن ٿيا، ۽ خدا جنهن کيس مُئلن مان جياريو، تنهن جي قدرت سان، ايمان آڻڻ جي ڪري اوهين بہ ساڻس گڏ جياريا ويا. 13۽ اوهين جي پنهنجن گناهن ڪري ۽ پنهنجي جسم جي نامختونيءَ جي ڪري مُئل هئا، تن کي هن سان گڏ جيئرو ڪيائين ۽ اسان جا سڀيئي ڏوهہ بخشيائين؛ 14۽ شريعت جو حڪم نامو جو اسان جي برخلاف ۽ اسان جي اُبتڙ هو سو مٽائي ڇڏيائين: ۽ انهي کي صليب تي ڪليون هڻي رد ڪري ڇڏيائين، 15۽ حڪومتن ۽ طاقتن جو زور ڀڃي ڇڏيائين، ۽ کُليو کُلايو انهن جو تماشو ڪري صليب جي وسيلي انهي تي فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين.
16تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو کاڌي پيتي بابت، يا ڪنهن عيد يا نئين چنڊ يا سبت جي نسبت ۾ اوهان تي الزام نہ آڻي؛ 17اِهي ايندڙ شين جون علامتون آهن؛ پر اصلي شيون مسيح جون آهن. 18ائين نہ ٿئي تہ ڪوبہ ماڻهو جو پنهنجي حليميءَ تي فخر ٿو ڪري، ۽ ملائڪن جي عبادت ٿو ڪري، سو اوهان کي انعام کٽڻ کان محروم رکي، ڇوتہ اهڙو ماڻهو پنهنجي جسماني عقل تي اجايو ڦونڊجي روايتن ۾ محو ٿو رهي، 19پر سر سان لاڳاپو نٿو رکي، جنهن سان سارو بدن، سَنڌن ۽ ٻَنڌن جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿو رهي، ۽ پرورش پائي خدا جي برڪت سان وڌندو ٿو وڃي.
20جيڪڏهن اوهين مسيح سان دنيا جي ابتدائي ڳالهين بابت مري ويا، تہ پوءِ ڇو دنيا جي ماڻهن وانگر پاڻ کي طهرن ۽ قاعدن جو تابعدار ٿا ڪريو؟ 21هن شيءِ کي هٿ نہ لايو، هن کي نہ چکو، هن کي نہ ڇهو، 22جي سڀ شيون ڪم آڻڻ سان خلاص ٿيو وڃن ۽ ماڻهن جي تعليم ۽ روايتن موجب آهن. 23انهن سڀني ڳالهين ۾، حقيقت ڪري، مرضيءَ موجب عبادت، ۽ نماڻائي ۽ بدن جي رياضت جي رستي، ڏاهپ جو رڳو ڏيک آهي، پر جسماني خواهش جي روڪڻ ۾ اهي ڪنهن بہ ڪم جون نہ آهن.
Currently Selected:
ڪلسين 2: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.