۽ اوهين جي پنهنجن گناهن ڪري ۽ پنهنجي جسم جي نامختونيءَ جي ڪري مُئل هئا، تن کي هن سان گڏ جيئرو ڪيائين ۽ اسان جا سڀيئي ڏوهہ بخشيائين؛ ۽ شريعت جو حڪم نامو جو اسان جي برخلاف ۽ اسان جي اُبتڙ هو سو مٽائي ڇڏيائين: ۽ انهي کي صليب تي ڪليون هڻي رد ڪري ڇڏيائين،