YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 7

7
1تنهن تي سردار ڪاهن پڇيس تہ اهي ڳالهيون ائين آهن ڇا؟ 2هو چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو ۽ بزرگو ٻُڌو: اسان جو پيءُ ابراهيم حاران ۾ وڃي رهيو، تنهن کان اڳي جڏهن ميسپتاميا ۾ رهندو هو، تڏهن خدا ذوالجلال مٿس ظاهر ٿيو، 3۽ چيائينس، تہ تون پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي مائٽن مان نڪري اُنهي ملڪ ۾ وڃ جو آئون توکي ڏيکاريندس. 4تڏهن هو ڪسدين جي ملڪ مان نڪري حاران ۾ اچي رهڻ لڳو: ۽ جڏهن سندس پيءُ مري ويو، تڏهن خدا کيس هن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اوهين اڃا تائين رهندا اچو. 5۽ هن ملڪ ۾ ڪابہ ميراث ڪانہ ڏنائينس، نہ، بلڪ پير رکڻ جيتري جاءِ بہ ڪانہ ڏنائينس؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اولاد ڪونہ هو، تہ بہ اهو واعدو ڪيائينس تہ اِهو ملڪ توکي ۽ توکان پوءِ تنهنجي نسل کي ملڪيت ڪري ڏيندس. 6۽ خدا هيئن بہ چيو، تہ تنهنجو نسل هڪڙي ڌارئي ملڪ ۾ وڃي رهندو؛ جتي هن کي چار سؤ ورهيہ غلاميءَ ۾ رکندا، ۽ ساڻن بري هلت ڪندا. 7۽ خدا هيئن بہ چيو، تہ جنهن قوم جي غلامي ۾ هو هوندا، تنهن کي آئون سزا ڏيندس: تنهن کانپوءِ هو اُتان نڪري اچي هن هنڌ منهنجي عبادت ڪندا. 8۽ ساڻس ختني جو عهد ڪيائين. پوءِ ابراهيم کي اسحاق ڄائو، ۽ هن اٺين ڏينهن هن جو ختنو ڪيو؛ ۽ اسحاق مان يعقوب، ۽ يعقوب مان ٻارهن قبيلن جا بزرگ پيدا ٿيا. 9۽ اُنهن بزرگن کي يوسف تي جو حسد آيو، سو کيس وڪڻي ڇڏيائون تہ مصر ۾ وٺي وڃنس؛ پر خدا ساڻس هو. 10۽ کيس سڀني مصيبتن کان ڇڏايائين، ۽ دانائي بخشيائينس، سو هو فرعون وٽ قبول پيو، جنهن هن کي مصر ۽ پنهنجي سڄي گهر تي حاڪم ڪيو. 11پوءِ ساري مصر ۽ ڪنعان ۾ اچي ڏڪار پيو، ۽ وڏي مصيبت اچي ڪڙڪي: ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي کاڌو ملي نٿي سگهيو. 12پر جڏهن يعقوب ٻُڌو تہ مصر ۾ اَن آهي، تڏهن هن اسان جي ابن ڏاڏن کي پهريون ڀيرو اوڏانهن موڪليو. 13۽ ٻئي ڀيري يوسف پنهنجي ڀائرن کي پاڻ سڃاڻايو؛ ۽ فرعون کي خبر پيئي تہ يوسف ڪهڙيءَ قوم جو آهي. 14پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي ۽ پنهنجي سڀني مائٽن کي، جي پنجهتر ڄڻا هئا، پاڻ وٽ گهُرائي ورتو. 15سو يعقوب مصر ۾ ويو؛ اُتي هو پاڻ ۽ اسان جا ابا ڏاڏا گذر ڪري ويا؛ 16۽ اُنهن کي کڻي وڃي شڪم ۾ اُنهي قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جو ابراهيم شڪم ۾ حمور جي پٽن کان رپيا ڏيئي خريد ڪيو هو.
17پر جيڪو واعدو خدا ابراهيم سان ڪيو هو، تنهن جو مدو جڏهن پورو ٿيڻ تي آيو، تڏهن مصر ۾ اها قوم وڌي گهڻي ٿي ويئي؛ 18۽ مصر تي ٻيو بادشاهہ قائم ٿيو، جو يوسف کي سڃاڻندو ئي ڪونہ هو. 19تنهن اسان جي قوم سان ڊوهہ ڪري، اسان جي ابن ڏاڏن سان اهڙي بري هلت ڪئي، جو هنن کي پنهنجا ٻار ٻاهر اُڇلائي ڇڏڻا پيا، تہ جيئرا نہ رهن. 20اُنهن ڏينهن ۾ موسيٰ ڄائو، جو ڏاڍو خوبصورت هو، ۽ ٽن مهينن تائين هو پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ نپنو؛ 21۽ جڏهن اُنهي کي ٻاهر اُڇلايائون، تڏهن فرعون جي ڌيءَ کڻي ورتس، ۽ پنهنجو پٽ ڪري پاليائينس. 22۽ موسيٰ کي مصرين جي سڀ ڪنهن قسم جي حڪمت جي تعليم ملي: ۽ هو ڪلام توڙي ڪمن ۾ طاقت وارو هو. 23پر جڏهن هو اٽڪل چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن سندس دل ۾ آيو، تہ وڃي ڏسان تہ منهنجي ڀائرن، بني اسرائيلين جو ڪهڙو حال آهي. 24۽ جڏهن ڏٺائين تہ اُنهن مان هڪڙي تي ظلم پيو ٿئي، تڏهن سندس مدد ڪيائين، ۽ جنهن تي ظلم پئي ٿيو، تنهن جو وير ورتائين، ۽ اُنهي مصريءَ کي ماري ڇڏيائين: 25۽ ڀانيائين تہ منهنجا ڀائر سمجهندا تہ خدا منهنجي هٿان کين ڇوٽڪارو ڏيندو؛ پر هنن سمجهيو ئي ڪين. 26۽ ٻئي ڏينهن وري هنن مان ٻن کي پاڻ ۾ وڙهندو ڏسي وٽن ويو، ۽ کين پاڻ ۾ پرچائڻ جي ارادي سان چيائين، اوهين ڀائر آهيو، هڪ ٻئي تي ظلم ڇو ٿا ڪريو؟ 27پر جنهن پاڙيسريءَ تي ظلم پئي ڪيو، تنهن پري ڌڪي چيس تہ توکي اسان جي مٿان حاڪم ۽ قاضي ڪنهن مقرر ڪيو آهي؟ 28جيئن تو ڪالهہ هن مصريءَ کي ماري وڌو، تيئن مون کي بہ ماري ڇڏيندين ڇا؟ 29۽ موسيٰ ايترو ٻُڌي اُٿي ڀڳو، ۽ وڃي مديان جي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهڻ لڳو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا.
30۽ جڏهن چاليهہ ورهيہ پورا ٿيا، تڏهن سينا جبل جي رڻ پٽ ۾ هڪڙي ٻوٽي ۾ باهہ جي مچ منجهہ ملائڪ هن کي ڏيکاري ڏني. 31جڏهن موسيٰ اهو ڏٺو، تڏهن اُنهي نظاري تي عجب لڳس، ۽ چتائي ڏسڻ لاءِ جيئن ويجهو ٿيو، تيئن خداوند جو آواز آيس، 32تہ آئون تنهنجن ابن ڏاڏن جو خدا، ابراهيم جو، ۽ اسحاق جو، ۽ يعقوب جو خدا آهيان. تڏهن موسيٰ ڏڪي ويو، ۽ اوڏانهن نهارڻ جي همت نہ ٿيس. 33پر خداوند چيس، تہ پنهنجي پيرن مان جُتي لاهي ڇڏ: ڇالاءِ جو جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين، سا پاڪ زمين آهي. 34تحقيق جيڪا منهنجي اُمت مصر ۾ آهي، تنهن جي مصيبت ڏٺي اٿم، ۽ سنديس آهہ ٻُڌي اٿم، ۽ کيس ڇڏائڻ لاءِ لهي آيو آهيان: ۽ هاڻي اچ، آئون توکي مصر ۾ موڪليندس. 35اُهوئي موسيٰ، جنهن کي هنن قبول نہ ڪيو، پر چيائونس تہ ڪنهن توکي حاڪم ۽ قاضي مقرر ڪيو آهي، تنهن کي ئي خدا حاڪم ۽ ڇوٽڪارو ڏيڻ وارو ٺهرائي، انهي ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻوٽي ۾ ڏيکاري ڏني هئي. 36اهوئي شخص هنن کي ڪڍي آيو؛ ۽ مصر ۾، ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾، ۽ رڻ پٽ ۾، چاليهہ ورهيہ عجب جهڙا ڪم ڪيائين، ۽ نشان ڏيکاريائين. 37هيءُ اهوئي موسيٰ آهي، جنهن بني اسرائيل کي چيو تہ خداوند اوهان جي ڀائرن منجهان اوهان جي لاءِ مون جهڙو هڪڙو نبي کڙو ڪندو. 38هي اُهو ئي آهي جو رڻ پٽ ۾ ڪليسيا منجهہ اُنهي ملائڪ سان هو، جنهن سينا جبل تي ساڻس ڳالهايو، ۽ جو اسان جي ابن ڏاڏن سان هو؛ انهي کي زندگيءَ جو ڪلام مليو تہ اسان کي پهچائي ڏي: 39۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي مرضي نہ هئي تہ کيس مڃيون، بلڪ هن کي پاڻ وٽان ڌڪي ڪڍيائون، ۽ سندن دلين جو لاڙو مصر ڏانهن ٿيو، 40۽ هارون کي چيائون تہ اسان کي اهڙا معبود جوڙي ڏي، جي اسان جي رهبري ڪن، ڇالاءِ جو اسان کي خبر ئي ڪانهي تہ هي موسيٰ، جو اسان کي مصر ملڪ مان وٺي آيو آهي، تنهن کي ڇا ٿيو. 41تن ڏينهن ۾ هنن هڪڙو گابو ٺاهيو ۽ انهي بُت تي قرباني چاڙهيائون ۽ جيڪي پنهنجن هٿن سان ٺاهيو هئائون، سو ڏسي خوش ٿيا. 42پر خدا هنن کان منهن موڙيو ۽ ڇڏي ڏنائينِ، تہ وڃي آسمان جي لشڪر کي پوڄين، جيئن نبين جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ ”اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان رڻ پٽ ۾ چاليهہ ورهيہ جانور ڪُهي منهنجي لاءِ قربانيون چاڙهيون ڇا؟ 43۽ اوهان مولڪ جو تنبو، ۽ پنهنجي ديوتا رفان جو تارو، ۽ جي مورتون اوهان پوڄڻ لاءِ جوڙيون، سي ساڻ کنيون؛ هاڻي آئون اوهان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.“
44اسان جي ابن ڏاڏن وٽ رڻ پٽ ۾ شاهديءَ جو تنبو هو، جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڪلام ڪرڻ واري حڪم ڏنو هو، تہ جيڪو نمونو تو ڏٺو آهي، تنهن جهڙو ٺاهہ. 45۽ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن انهن قومن جي ملڪيت وڃي هٿ ڪئي، جن کي خدا سندن اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو، تڏهن اهو تنبو جو کين مليو هو، سو يشوع سان گڏ کڻي آيا؛ ۽ اُهو دائود جي وقت تائين رهيو. 46دائود خدا وٽ قبول پيو، ۽ هن عرض ڪيو تہ يعقوب جي خدا جي لاءِ ڪا جاءِ تيار ڪرڻ جي اجازت مليم. 47پر سليمان ئي خدا لاءِ هڪڙو گهر اڏايو. 48انهي هوندي بہ خدا تعاليٰ هٿن سان جوڙيل گهرن ۾ نٿو رهي؛ جيئن نبي چوي ٿو تہ، 49”خداوند فرمايو تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ يا منهنجي آرام جي جاءِ ڪٿي آهي؟ 50اهي سڀ شيون منهنجي هٿن نہ جوڙيون آهن ڇا؟“
51اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو. 52اهو ڪهڙو نبي هو، جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ۽ جن انهي راستباز جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني، تن کي ماري وڌائون؛ جنهن جا اوهين هاڻ جهلائڻ ۽ مارڻ وارا ٿيا آهيو؛ 53اوهين اُهي آهيو، جن کي شريعت ملائڪن جي معرفت ملي، پر اوهان انهي تي عمل نہ ڪيو.
54هاڻي جڏهن هنن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن دل ۾ سڙي ويا، ۽ هن تي ڏند ڪرٽڻ لڳا. 55پر هن پاڪ روح سان ڀرجي آسمان ڏانهن چتائي نهاريو، ۽ خدا جو جلال ۽ يسوع کي خدا جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين؛ 56۽ چيائين تہ اِجهو، آئون ڏسان ٿو تہ آسمان کُليو پيو آهي ۽ ابن آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آهي. 57پر هنن وٺي زور سان واڪا ڪيا ۽ پنهنجا ڪَن کڻي بند ڪيائون، ۽ ايڪو ڪري مٿس ڪاهي آيا؛ 58۽ کيس شهر کان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا؛ ۽ شاهدن پنهنجا ڪپڙا شائول نالي هڪڙي جوان جي پيرن وٽ وڃي رکيا. 59۽ جيئن هنن استيفنس کي سنگسار پي ڪيو، تہ هن خداوند کي پڪاري چيو تہ، اي خداوند يسوع! منهنجو روح قبول ڪر. 60۽ هن گوڏا کوڙي وڏي سڏ چيو، تہ اي خداوند، هي ڏوهہ هنن تي نہ وجهہ. ايترو چئي هو سمهي پيو.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 7: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy