YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 6

6
1هاڻي انهن ڏينهن ۾، جڏهن شاگردن جو شمار وڌندو ويو، تڏهن يونان جا يهودي عبرانين جي شڪايت ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو روزمرہ جي کاڌي جي ورڇ وقت، سندن بيوهہ زالن جي پوري پوئواري ڪانہ ٿيندي هئي. 2تنهن تي انهن ٻارهن رسولن شاگردن جي جماعت کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ اها ڳالهہ واجب ناهي تہ اسين خدا جي ڪلام کي ڇڏي کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪريون. 3تنهنڪري اي ڀائرو، اوهين پاڻ مان ست ڄڻا معتبر چونڊي ڪڍو، جي پاڪ روح ۽ دانائيءَ سان ڀرپور هجن، جن کي انهي ڪم تي مقرر ڪريون. 4پر اسين دعا ۽ ڪلام جي خدمت ۾ مشغول رهنداسين. 5اها ڳالهہ ساريءَ جماعت کي پسند آئي، ۽ هنن استيفنس نالي شخص، جو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀرپور هو، ۽ فلپس، ۽ پرخرس، ۽ نيڪانور، ۽ تيمون، ۽ پرمناس، ۽ نيڪلاس جو انتاڪيہ جو نو مريد هو، تن کي چونڊي ڪڍيو: 6۽ کين رسولن جي اڳيان آڻي بيهاريائون: جن دعا گهُري مٿن هٿ رکيا.
7۽ خداوند جو ڪلام پکڙندو ويو، ۽ شاگردن جو شمار يروشلم ۾ تمام گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ ڪاهنن جي وڏي جماعت ايمان جي تابع ٿي.
8۽ استيفنس فضل ۽ قوت سان ڀرجي ماڻهن ۾ وڏا وڏا عجب جهڙا ڪم ۽ معجزا ڪندو هو. 9پر جو عبادتخانو لبرتينن جو سڏبو هو، تنهن مان، ۽ ڪرين، ۽ سڪندرين مان، ۽ جي ڪلڪيہ ۽ آسيا جا هئا، تن مان ڪي اُٿي کڙا ٿيا ۽ استيفنس سان بحث ڪرڻ لڳا. 10۽ جنهن دانائيءَ ۽ روح سان هو ڳالهائيندو هو، تنهن جو مقابلو هو ڪري ڪين سگهندا هئا. 11تنهن تي هنن ڪن ماڻهن کي سيکاريو، تہ چئو، تہ اسان هن کي موسيٰ ۽ خدا بابت ڪفر جون ڳالهيون ڪندو ٻُڌو آهي. 12سو خلق کي، ۽ بزرگن ۽ فقيهن کي وٺي چوريائون، ۽ مٿس ڪاهي آيا ۽ جهلي صدر مجلس ۾ وٺي ويا؛ 13۽ ڪوڙا شاهد کڙا ڪيائون، جن چيو تہ هي ماڻهو هن پاڪ جاءِ ۽ شريعت جي برخلاف ڳالهائڻ کان بس ئي نٿو ڪري: 14ڇوتہ اسان هن کي هيئن چوندو ٻُڌو آهي، تہ اِهو يسوع ناصري هن جاءِ کي برباد ڪندو، ۽ جيڪي رسمون موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي، تن کي بدلائي ڇڏيندو. 15۽ جيڪي مجلس ۾ ويٺا هئا، تن سڀني هن ڏانهن چتائي نهاريو، ۽ هن جو منهن کين ملائڪ جي منهن جهڙو ڏسڻ ۾ آيو.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 6: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy