YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 8

8
1۽ شائول هن جي قتل ڪرڻ تي راضي هو.
۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪا ڪليسيا يروشلم ۾ هئي، تنهن تي ڏاڍو ظلم ٿيڻ لڳو؛ ۽ رسولن کانسواءِ باقي ٻيا سڀ يهوديہ ۽ سامريہ جي ملڪن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا. 2۽ ديندار ماڻهن استيفنس کي وڃي دفن ڪيو، ۽ انهي لاءِ ڏاڍو ماتم ڪيائون. 3پر شائول ڪليسيا کي تباهہ ڪندو رهيو، ۽ گهر گهر ۾ گهڙي مردن ۽ زالن کي گهلي قيد ڪرائيندو هو. 4تنهنڪري جيڪي هاڻي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي هر ڪنهن هنڌ ڪلام جي خوشخبري ڏيندا رهيا. 5۽ فلپس سامريہ جي شهر ۾ ويو ۽ اتي مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو. 6۽ جيڪي معجزا فلپس ڪندو هو، سي جڏهن ماڻهن ڏٺا ۽ ٻُڌا، تڏهن سڀيئي گڏجي سندس ڳالهيون دل سان ٻُڌڻ لڳا؛ 7جو ڪيترائي ماڻهو جن ۾ ناپاڪ روح هئا، سي انهن مان واڪا ڪندا نڪري پئي ويا؛ ۽ ڪيترائي جن کي اڌ رنگ هو ۽ جيڪي منڊا هئا، سي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي ويا. 8سو انهي شهر ۾ ڏاڍي خوشي ٿي ويئي.
9پر انهي شهر ۾ شمعون نالي هڪڙو ماڻهو هو، جو هن کان اڳي جادوگريءَ ڪري سامريہ جي ماڻهن کي عجب ۾ وجهندو هو، ۽ چوندو هو تہ آئون بہ ڪو وڏو ماڻهو آهيان: 10۽ ننڍڙا توڙي وڏا سڀيئي کيس مڃيندا هئا، تہ هي ماڻهو خدا جي اُها قدرت آهي، جنهن کي عظيم ڪري سڏبو آهي. 11۽ هو کيس مڃيندا هئا جو هن گهڻيءَ مدت کان پنهنجي جادوءَ جي ڪري کين حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. 12پر فلپس، جنهن خدا جي بادشاهت ۽ يسوع مسيح جي نالي جي منادي پي ڪئي، تنهن جي ڳالهين تي جڏهن ايمان آين، تڏهن هو مرد توڙي زالون بپتسما وٺڻ لڳا. 13۽ خود شمعون کي بہ ايمان آيو؛ ۽ بپتسما وٺي فلپس سان گڏ رهڻ لڳو؛ ۽ نشان ۽ وڏا وڏا معجزا ٿيندا ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو.
14هاڻي جيڪي رسول يروشلم ۾ هئا، تن کي جڏهن خبر پيئي، تہ سامرين خدا جو ڪلام مڃيو آهي، تڏهن پطرس ۽ يوحنا کي انهن ڏانهن موڪليائون. 15سي جڏهن اتي اچي پهتا، تڏهن سندن لاءِ دعا گهُريائون تہ کين پاڪ روح ملي؛ 16ڇو جو اڃا اهو منجهانئن ڪنهن تي بہ نازل ڪين ٿيو هو، پر فقط خداوند يسوع جي نالي تي بپتسما ملي هُين. 17پوءِ هنن مٿن هٿ رکيا ۽ کين پاڪ روح مليو. 18هاڻي جڏهن شمعون ڏٺو تہ رسولن جي هٿن رکڻ ڪري پاڪ روح ٿو ملي، تڏهن کين پيسا آڇيائين، 19۽ چيائين تہ مون کي بہ اها اختياري ڏيو تہ جنهن تي هٿ رکان، تنهن کي پاڪ روح ملي. 20پر پطرس چيس تہ شل تنهنجا پيسا تو سوڌو چٽ ٿين، جو ڀانئين ٿو تہ خدا جي بخشش پيسن سان ملي پوندي. 21هن ڳالهہ ۾ تنهنجو نڪو حصو آهي نڪو ورثو: ڇالاءِ جو تنهنجي دل خدا جي اڳيان سچي نہ آهي. 22تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ کان توبهہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گهُر تہ شايد تنهنجي دل جي اهڙي خيال جي معافي مليئي. 23ڇو جو مون کي ڏسڻ ۾ ٿو اچي تہ تون ساڙ سان سڙيل ۽ بدڪاريءَ جي بندَ ۾ اچي پيو آهين. 24تڏهن شمعون ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهين منهنجي لاءِ خداوند کان دعا گهُرو تہ جيڪي ڳالهيون اوهان ڪيون آهن، تن مان ڪابہ مون تي نہ اچي.
25هاڻي جڏهن هو شاهدي ڏيئي ۽ خدا جو ڪلام ٻُڌائي رهيا، تڏهن يروشلم ڏانهن موٽيا، ۽ سامرين جي گهڻن ئي ڳوٺن ۾ خوشخبري ٻُڌايائون.
26پر خداوند جي ملائڪ فلپس کي چيو تہ اُٿي ڏکڻ جي پاسي اُنهي رستي ڏانهن وڃ جو يروشلم کان غزہ ڏانهن ٿو وڃي: اُهو رڻ پٽ منجهان آهي. 27سو هو اُٿي روانو ٿيو: تہ ڏسو، حبش جو هڪڙو خوجو، جو حبشين جي راڻيءَ ڪنداڪيءَ جو هڪڙو وزير هو، ۽ سندس خزاني جو ناظر هو، ۽ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ آيو هو؛ 28سو موٽي پئي ويو، ۽ پنهنجيءَ گاڏيءَ ۾ ويٺي يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب پڙهيائين. 29تہ روح فلپس کي چيو تہ ويجهو وڃي انهيءَ گاڏيءَ سان گڏج. 30تڏهن فلپس وٽس ڊوڙي ويو، ۽ هن کي يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب پڙهندو ٻُڌائين، ۽ چيائين تہ جيڪي تون پڙهين ٿو سو ڪي سمجهين بہ ٿو؟ 31هن چيو تہ جيستائين ڪو مون کي نہ سمجهائي، تيستائين آئون ڪيئن سمجهان؟ پوءِ هن فلپس کي منٿ ڪئي تہ اچي مون سان گڏ ويهہ. 32هاڻي اِنهي پاڪ ڪتاب جو هنڌ جو هن پئي پڙهيو، سو هيءُ هو، ”هو هڪڙيءَ رڍ وانگر آهي جنهن کي ڪُهڻ لاءِ وٺي ويا، ۽ جهڙيءَ طرح ڪو گهيٽو پنهنجي اُن ڪترڻ واري جي اڳيان گونگو ٿي بيهندو آهي، تهڙيءَ طرح هو بہ پنهنجو وات نٿو پَٽي؛ 33ساڻس جُٺ ڪيائون، ۽ سندس انصاف ڪين ٿيو؛ سندس پيڙهيءَ جو احوال ڪير بيان ڪندو؟ ڇالاءِ جو سندس جان زمين تان کڄي ويئي.“ 34۽ اُنهي خوجي فلپس کي ورندي ڏيئي چيو، تہ ڀلائي ڪري ٻُڌاءِ تہ نبي جو هي ٿو چوي سو ڪنهن جي بابت؟ پنهنجي بابت، يا ڪنهن ٻئي جي بابت؟ 35تڏهن فلپس پنهنجو وات کولي پاڪ ڪتاب کي اُنهي هنڌ کان شروع ڪري کيس يسوع جي خوشخبري ٻُڌائي. 36۽ جڏهن اڳتي هلندي هلندي هڪڙيءَ جاءِ تي اچي پهتا، جتي پاڻي هو، تڏهن خوجي چيو تہ اِجهو پاڻي موجود آهي؛ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪهڙي روڪ آهي؟ 37(تڏهن فلپس چيس تہ جي تون پوريءَ دل سان ايمان ٿو آڻين تہ ڀلي بپتسما وٺ. ۽ هن چيو تہ آئون ايمان ٿو آڻيان تہ يسوع مسيح خدا جو فرزند آهي.) 38سو هن گاڏيءَ بيهارڻ جو حڪم ڏنو ۽ فلپس توڙي خوجو ٻئي لهي پاڻيءَ ۾ گهڙيا، ۽ هن کيس بپتسما ڏني. 39۽ جڏهن هو پاڻيءَ مان نڪتا، تڏهن خداوند جو روح فلپس کي وٺي ويو؛ ۽ خوجي وري هن کي ڪين ڏٺو، ۽ هو خوش ٿي پنهنجو رستو وٺيو هليو ويو. 40پر فلپس ازوٽس ۾ وڃي نڪتو، ۽ وچ مان لنگهندو سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻُڌائيندو ويو، تان جو قيصريہ ۾ اچي پهتو.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 8: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy