YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 5

5
1پر حننياہ نالي هڪڙي ماڻهوءَ ۽ سندس زال صفيرا هڪڙي زمين وڪي. 2۽ هن انهيءَ جي قيمت مان ڪجهہ لڪائي رکي ڇڏيو، جنهن جي سندس زال کي بہ خبر هئي؛ ۽ باقي آڻي رسولن جي پيرن وٽ رکيائين. 3پر پطرس چيو تہ اي حننياہ، شيطان ڇو تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال ڀريو آهي، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالهايو، ۽ زمين جي قيمت مان ڪجهہ رکي ڇڏيئي؟ 4جيسين اُها تو وٽ هئي، تيسين اها تنهنجي ملڪيت نہ هئي ڇا؟ ۽ وڪامڻ کانپوءِ بہ اُنهي جي قيمت تنهنجي قبضي ۾ نہ هئي ڇا؟ تو اها ڳالهہ پنهنجي دل ۾ ڪيئن رٿي؟ تو ماڻهن سان نہ، پر خدا سان ڪوڙ ڳالهايو. 5۽ اها ڳالهہ ٻڌندي ئي حننياہ ڪِري پيو ۽ ساهہ نڪري ويس. ۽ جن اها ڳالهہ ٻُڌي، تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو. 6۽ جوانن اُٿي ڪفن ۾ ويڙهيس، ۽ ٻاهر کڻي ويس ۽ وڃي دفن ڪيائونس.
7اٽڪل پهر کن کانپوءِ، سندس زال جنهن کي هن واقعي جي ڪابہ خبر ڪانہ هئي سا بہ آئي. 8پطرس کيس چيو تہ مون کي ٻُڌاءِ تہ اوهان اها زمين هيتري وڪي هئي يا نہ؟ هن چيو تہ هائو، ايتري. 9تنهن تي پطرس چيس تہ اوهان خداوند جي روح کي آزمائڻ لاءِ ٻَڌي ڇو ڪئي آهي؟ ڏس، جيڪي تنهنجي مڙس کي دفن ڪري آيا آهن، تن جا پير اڃا در تي آهن، سي توکي بہ ٻاهر کڻي ويندا. 10۽ هوءَ يڪدم هن جي پيرن وٽ ڪِري پيئي، ۽ ساهہ ڏنائين: ۽ اهي جوان اندر آيا ۽ هن کي مُئل ڏسي ٻاهر کڻي ويس، ۽ مڙسس جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس. 11پوءِ ساري ڪليسيا ۽ جن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.
12۽ رسولن جي هٿان ماڻهن ۾ گهڻيئي معجزا ۽ ڪرامتون ٿينديون رهيون؛ ۽ هو سڀ يڪ دل ٿي سليمان جي ورانڊي ۾ گڏ ٿيندا هئا. 13پر ٻين مان ڪنهن کي بہ همت نہ ٿي تہ ساڻن وڃي گڏجن؛ تڏهن بہ ماڻهو هنن جي وڏائي ڪندا هئا؛ 14۽ گهڻيئي مرد توڙي زالون، جن خداوند تي ايمان آندو، سي انهن سان شامل ٿيندا ويا؛ 15ايتري قدر جو ماڻهو بيمارن کي منجن ۽ کٽولن تي کڻي آڻي رستن تي رکندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن پطرس اچي، تڏهن ٻيو نہ تہ من سندس پاڇو ئي منجهانئن ڪنهن تي پوي. 16۽ يروشلم جي آس پاس وارن شهرن مان بہ ماڻهن جا ميڙاڪا اچي گڏ ٿيندا هئا، ۽ بيمارن کي، توڙي ڀوتاريلن کي وٺي ايندا هئا: ۽ انهن مان هر ڪنهن کي شفا ٿي ملي.
17پر سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي (جي صدوقين جي فرقي جا هئا)، تن کي ڏاڍا ساڙ لڳا ۽ هو اُٿي کڙا ٿيا، 18۽ رسولن کي پڪڙي قيدخاني ۾ وڌائون. 19پر خداوند جو هڪڙو ملائڪ رات جو قيدخاني جا در کولي انهن کي ٻاهر وٺي آيو ۽ چيائين تہ 20وڃو ۽ هيڪل ۾ بيهي، هي زندگيءَ جون سڀ ڳالهيون ماڻهن کي ٻُڌايو. 21۽ اها ڳالهہ ٻُڌي هو پرهہ ڦٽيءَ ڌاري هيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا. پر جڏهن سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي آيا، تڏهن صدر مجلس ۽ بني اسرائيل جي سڀني بزرگن کي گڏ ڪيائون، ۽ قيدخاني ۾ چوائي موڪليائون تہ انهن کي وٺي اچو. 22پر سپاهي جڏهن قيدخاني ۾ آيا، تڏهن ڏسن تہ هو آهن ئي ڪين! ۽ موٽي اچي اها خبر ڏنائون. 23۽ چيائون تہ اسان ڏٺو تہ قيدخانو تہ ڏاڍيءَ حفاظت سان بند ٿيل هو، ۽ پهري وارا دروازن تي بيٺا هئا، پر جڏهن کوليوسين، تہ ڏٺوسين تہ اندر ڪوبہ ماڻهو ڪونهي. 24هاڻي جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن هي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن انهن بابت اچي ڏاڍي فڪر ۾ پيا، تہ هن جو نتيجو ڪهڙو ٿيندو؟ 25ايتري ۾ هڪڙي ماڻهوءَ اچي کين ٻُڌايو تہ ڏسو، جن ماڻهن کي اوهان قيدخاني ۾ وڌو هو، سي هيڪل ۾ بيٺا ماڻهن کي تعليم ڏين. 26تڏهن صوبيدار سپاهين سان گڏجي وڃي هنن کي وٺي آيو، پر زورازوريءَ نہ: ڇالاءِ جو هو ماڻهن کان ڊنا ٿي تہ متان اسان کي سنگسار ڪن. 27۽ هنن کي وٺي آڻي مجلس جي اڳيان بيهاريائون. ۽ سردار ڪاهن کانئن پڇڻ لڳو، 28تہ اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪئي هئي تہ انهي نالي تعليم نہ ڏيو: پر ڏسو، اوهان سڄي يروشلم کي پنهنجيءَ تعليم سان ڀري ڇڏيو آهي، ۽ ڀانئيو ٿا تہ انهي جو خون اسان جي سر تي هڻو. 29پر پطرس ۽ ٻين رسولن ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان کي ضرور آهي تہ ماڻهوءَ جي حڪم کان وڌيڪ خدا جو حڪم مڃيون. 30اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا يسوع کي جياريو، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيو. 31پر خدا انهي کي مالڪ ۽ نجات ڏيندڙ ٿيڻ لاءِ پنهنجي ساڄي هٿ تي سرفراز ڪيو، انهي لاءِ تہ اسرائيل کي توبهہ جي توفيق ۽ گناهن جي معافي بخشي. 32اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون؛ ۽ پاڪ روح بہ، جو خدا انهن کي ڏنو آهي جي سندس حڪم ٿا مڃين.
33پر هو هي ٻُڌي سڙي ويا، ۽ دل ۾ آين تہ هنن کي ماري وجهون. 34پر گملي ايل نالي هڪڙو فريسي، جو شريعت جو عالم هو ۽ سڀني ماڻهن ۾ عزت وارو هو، تنهن مجلس ۾ اُٿي حڪم ڏنو تہ هنن ماڻهن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃو. 35پوءِ انهن کي چيائين، تہ اي اسرائيليو، جيڪي اوهين هنن ماڻهن سان ڪريو سو سنڀالي ڪريو؛ 36ڇالاءِ جو ڪجهہ وقت ٿيو جو ٿيوداس اها دعويٰ ڪرڻ لڳو تہ آئون بہ ڪي آهيان؛ پوءِ ڪيترائي ماڻهو، اٽڪل چار سؤ ڄڻا وڃي ساڻس گڏيا. پر اهو بہ مارجي ويو؛ ۽ جيڪي سندس پوئلڳ هئا، سي سڀ ٽڙي پکڙي ويا، ۽ منجهانئن ڪي بہ ڪين ٿيو. 37انهي شخص کان پوءِ آدمشماريءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ گليلي اُٿي کڙو ٿيو، ۽ ڪيترائي ماڻهو سندس پوئلڳ ٿيا: سو بہ چٽ ٿي ويو؛ ۽ جن کيس مڃيو، سي بہ دربدر ٿي ويا. 38هاڻي آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هنن ماڻهن کان پاسو ڪريو ۽ ڇڏي ڏيون: ڇالاءِ تہ جي هيءَ تجويز ۽ هيءُ ڪم ماڻهن جو هوندو تہ پاڻهي برباد ٿي ويندو. 39پر جي اهو ڪم خدا جو آهي، تہ اوهين انهي کي برباد ڪري ڪين سگهندا؛ متان ائين ٿئي تہ اوهين خدا جو بہ مقابلو ڪريو. 40هنن سندس ڳالهہ مڃي ۽ رسولن کي پاڻ وٽ سڏي ڦٽڪا هڻايائون، ۽ سخت تاڪيد ڪيائون تہ يسوع جي نالي تي ڪي بہ ڪين چئجو، ۽ پوءِ ڇڏي ڏنائون. 41سو هو مجلس منجهان هن ڪري خوشيون ڪندا نڪري ويا، تہ انهي نالي جي ڪري اسان کي بي عزت ڪرڻ جو لائق سمجهيو اٿن. 42۽ روزبروز هيڪل ۾، ۽ گهرن ۾، تعليم ڏيڻ ۽ انهيءَ جي خوشخبريءَ ٻُڌائڻ کان هٽيا ئي ڪين، تہ يسوع ئي مسيح آهي.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 5: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy