2 - تيمٿيس 3
3
1پر هي ڄاڻ تہ آخري زماني ۾ ڏکيا ڏينهن ايندا. 2ڇالاءِ جو ماڻهو خود مطلبي، زردوست، ٻٽاڪي، مغرور، گلاخور، ماءُ پيءُ جا نافرمان، بي شڪرا، ناپاڪ، 3طبعي محبت کان خالي، سنگدل، ڪوڙي تهمت آڻيندڙ، بدپرهيز، وحشي، نيڪيءَ جا دشمن، 4دغاباز، ضدي، وڏائي خور؛ خدا کان وڌيڪ عيش عشرت کي پسند ڪرڻ وارا، 5دينداريءَ جو ظاهري نمونو رکندڙ، پر انهي جي اثر کان خالي ٿيندا. اهڙن کان بہ پاسو ڪج. 6ڇالاءِ جو اهڙن ئي منجهان اُهي ماڻهو آهن، جي گهرن ۾ لڪ چوريءَ گهڙي، ڪن ڀورڙين زالن کي، جيڪي گناهہ سان ڀريل ۽ ڪيترين نفساني خواهشن جي ڪري گمراهہ ٿيل آهن، تن کي پنهنجي چنبي ۾ ٿا آڻين، 7جي هميشہ تعليم پيون وٺن، پر ڪڏهن بہ سچ جي سڃاڻپ تائين پهچي نہ ٿيون سگهن. 8۽ جهڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس موسيٰ جي سامهون ٿيا هئا، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو بہ سچ جي مخالفت ٿا ڪن؛ اهي اهڙا ماڻهو آهن جن جو عقل بگڙيل آهي ۽ ڪوڙي ايمان جي ڪري رد ٿيل آهن، 9پر هو اڳتي وڌي ڪين سگهندا: ڇالاءِ جو سندن بي عقلي سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيندي؛ جيئن هنن جي بہ ٿي هئي.
10پر تو منهنجي تعليم، هلت چلت، ارادو، ايمان، تحمل، محبت، صبر، 11مصيبت، عذاب ۽ اُهي ڏک جي انطاڪيہ ۽ اڪونيم ۽ لسترہ ۾ مون تي پيا، ۽ جي مون سَٺا، سي ڏٺا آهن؛ ۽ انهن سڀني مان خدا مون کي ڇڏايو. 12هائو، ۽ اُهي سڀ جي مسيح يسوع ۾ ديندار ٿي رهڻ ٿا گهُرن، سي ستايا ويندا. 13پر جيڪي بدڪار ۽ ٺڳ آهن، سي ٻين کي ٺڳي، ۽ پاڻ بہ ٺڳجي زيادہ خراب ٿيندا ويندا. 14پر جيڪي ڳالهيون تون سِکيو آهين ۽ جن جو توکي يقين آهي، تن تي قائم رهہ، ۽ اهو ياد رک تہ اُهي تو ڪهڙن ماڻهن کان سِکيون آهن؛ 15۽ تون ننڍپڻ کان انهن پاڪ لکيتن کان واقف آهين، جي توکي مسيح يسوع تي ايمان آڻڻ سان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ دانائي بخشي ٿيون سگهن. 16هرڪا لکيت، جا خدا جي الهام سان آهي سا تعليم، ۽ ڏوراپي، ۽ سڌاري، ۽ راستبازيءَ جي سيکارڻ لاءِ فائدي واري آهي؛ 17انهي لاءِ تہ خدا جو بندو ڪامل ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم لاءِ پوريءَ طرح تيار رهي.
Currently Selected:
2 - تيمٿيس 3: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.