2 - تيمٿيس 2
2
1تنهنڪري اي منهنجا فرزند، جيڪو فضل مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ تون زور وارو ٿيءُ. 2۽ جيڪي ڳالهيون گهڻن شاهدن جي اڳيان تو مون کان ٻُڌيون آهن، سي ٻين ايمان وارن ماڻهن جي سپرد ڪر، جي وري ٻين کي بہ سيکاري سگهن. 3مسيح يسوع جي چڱي سپاهيءَ وانگر مون سان گڏ سختي سهہ. 4ڪوبہ سپاهي ڀرتي ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي دنيا جي معاملن ۾ نٿو ڦاسائي؛ انهي لاءِ تہ جنهن کيس مقرر ڪيو آهي، تنهن کي خوش ڪري. 5۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو شرط ۾ مقابلو ٿو ڪري تہ اهو بہ جيسين قاعدي موجب نٿو هلي، تيسين انعام نٿو مليس. 6هاري بہ جيڪو پورهيو ڪري ٿو، تنهن کي سڀ کان اڳي پيدائش مان حصو ملڻ گهرجي. 7جيڪي آئون چوان ٿو، تنهن تي غور ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي سڀني ڳالهين جي سمجهہ ڏيندو. 8يسوع مسيح کي ياد ڪندو رهہ، جو مُئلن مان جي اُٿيو، ۽ دائود جي نسل مان آهي، جنهن جي مون خوشخبري ٻُڌائي، 9۽ جنهن جي ڪري آئون سختي ٿو سهان، بلڪ ايتري قدر، جو هڪ بدڪار وانگر قيد ۾ پيل آهيان؛ پر خدا جو ڪلام قيد نہ آهي. 10تنهنڪري آئون چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجهہ ٿو سهان، انهي لاءِ تہ جيڪا نجات مسيح يسوع ۾ آهي، سا هو بہ ابدي جلال سان حاصل ڪن. 11اها ڳالهہ سچي آهي، تہ جيڪڏهن اسين هن سان گڏ مُئاسين تہ وري هن سان گڏ جيئرا بہ ٿينداسين: 12جيڪڏهن اسين ڏک سهنداسين تہ هن سان گڏ بادشاهي بہ ڪنداسين؛ جيڪڏهن اسين سندس انڪار ڪنداسين تہ هو بہ اسان جو انڪار ڪندو؛ 13جيڪڏهن اسين بي وفا ٿينداسين، تہ بہ هو وفادار رهندو، ڇالاءِ جو هو ڪڏهن بدلجڻ وارو ناهي.
14اهي ڳالهيون کين ياد ڏيار، ۽ خداوند جي اڳيان کين تاڪيد ڪر تہ هو لفظن بابت بحث نہ ڪن، ڇو جو انهي مان ڪجهہ بہ حاصل نٿو ٿئي، بلڪ جيڪي ٻُڌن ٿا سي بگڙيو پون. 15ڪوشش ڪري پاڻ کي خدا وٽ مقبول، ۽ اهڙي ڪم ڪندڙ وانگر پيش ڪر، جو درستيءَ سان حق جو ڪلام استعمال ٿو ڪري، تان تہ شرمندو نہ ٿئي. 16پر اجائي بَڪ بَڪ کان پاسو ڪر: ڇالاءِ جو اهڙا ماڻهو بي دينيءَ ۾ وڌندا ويندا، 17۽ انهن جي تعليم ناسور وانگر کائيندي ويندي؛ انهن مان همنيوس ۽ فليتس آهن؛ 18اُهي ماڻهو سچ کان گمراهہ ٿي ويا آهن، جو چون ٿا تہ قيامت اڳيئي ٿي چڪي آهي، ۽ ڪن جو ايمان بگاڙين ٿا. 19تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“
20هاڻي ڪنهن وڏي گهر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ ٿا ٿين؛ پر ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ ٿين ٿا؛ ۽ ڪي اعليٰ ڪمن جي لاءِ آهن ۽ ڪي ذليل ڪمن جي لاءِ. 21تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ذليل ڪمن کان پاڪ ٿو رکي تہ عزت جو ٿانءُ ۽ پاڪ ٿيندو، ۽ ڌڻيءَ جي ڪم جو لائق ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم جي لاءِ تيار ٿيندو. 22پر جوانيءَ جي خواهشن کان پري ڀڄ، ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏ راستبازيءَ، ايمان، محبت ۽ صلح جو طالب ٿيءُ. 23پر بيوَقوفيءَ ۽ نادانيءَ جي حجتن کان پاسو ڪر، جو تون ڄاڻين ٿو تہ انهن مان جهيڙا جهڳڙا پيدا ٿا ٿين. 24۽ خداوند جي بندي کي جهيڙو ڪرڻ مناسب نہ آهي، پر گهرجي تہ سڀني سان نرمي ڪري، ۽ تعليم ڏيڻ جو لائق ۽ بردبار هجي، 25۽ جيڪي مخالف آهن تن کي حلم سان سمجهائي، شايد خدا انهن کي توبهہ جي توفيق بخشي تہ هو سچ کي سڃاڻن، 26۽ جن کي شيطان پنهنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڦندي ۾ ڦاسايو آهي، تن کي سمجهہ اچي ۽ پاڻ کي انهي ڦندي مان ڇڏائين.
Currently Selected:
2 - تيمٿيس 2: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.