پر هي ڄاڻ تہ آخري زماني ۾ ڏکيا ڏينهن ايندا. ڇالاءِ جو ماڻهو خود مطلبي، زردوست، ٻٽاڪي، مغرور، گلاخور، ماءُ پيءُ جا نافرمان، بي شڪرا، ناپاڪ، طبعي محبت کان خالي، سنگدل، ڪوڙي تهمت آڻيندڙ، بدپرهيز، وحشي، نيڪيءَ جا دشمن، دغاباز، ضدي، وڏائي خور؛ خدا کان وڌيڪ عيش عشرت کي پسند ڪرڻ وارا، دينداريءَ جو ظاهري نمونو رکندڙ، پر انهي جي اثر کان خالي ٿيندا. اهڙن کان بہ پاسو ڪج.