2 - ڪرنٿين 7
7
1تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.
2اسان کي قبول ڪريو، اسان ڪنهن سان بہ ظلم نہ ڪيو، نڪي ڪنهن کي بگاڙيو، نڪي ڪنهن کي ٺڳيو. 3آئون اوهان کي ڏوهہ ڏيڻ جي لاءِ ائين نٿو چوان، ڇالاءِ جو آئون اڳيئي چئي چڪو آهيان، تہ اوهين اسانجين دلين ۾ اهڙي طرح ٿا رهو، جو اسين گڏ مرنداسين، ۽ گڏ جيئنداسين. 4آئون اوهان سان وڏي جرئت ڪري ٿو ڳالهايان، آئون اوهان تي وڏو فخر ٿو ڪريان: مون کي پوري تسلي آهي؛ ۽ آئون پنهنجين سڀني مصيبتن ۾ نهايت خوش ٿو رهان.
5ڇالاءِ جو جڏهن اسين مڪدونيہ ۾ آياسين، تڏهن بہ اسان جي جسم کي آرام ڪونہ هو، پر اسين هر طرف مصيبتن ۾ گرفتار ٿي وياسين؛ ٻاهر جهيڙا جهڳڙا هئا، اندر ڊپ ڊاءُ هو. 6انهي هوندي بہ جيڪو نماڻن کي تسلي ٿو ڏئي، يعني خدا، تنهن طيطس جي اچڻ ڪري اسان کي تسلي ڏني: 7۽ نہ فقط سندس اچڻ ڪري پر اوهان هن کي تسلي ڏني تنهنڪري بہ، ۽ هن اسان کي اوهان جي دل جي خواهش، اوهان جو غم، ۽ اوهان کي مون لاءِ جو شوق آهي سو بيان ڪري ٻُڌايو، جنهنڪري آئون پاڻ زيادہ خوش ٿيس. 8ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ مون اوهان کي پنهنجي خط سان غمگين ڪيو، تڏهن بہ انهي ڪري پڇتايان نٿو، اگرچہ اڳي پڇتائيم ٿي؛ ڇالاءِ جو آئون ڏسان ٿو تہ انهي خط اوهان کي غمگين ڪيو اگرچہ ٿوري وقت تائين. 9هاڻي جو آئون خوش ٿيو آهيان سو نہ انهي ڪري تہ اوهين غمگين ٿيا؛ پر انهي ڪري تہ غمگين ٿيڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو اوهان پڇتاءُ ڪيو: ڇالاءِ جو اوهان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب هئي، انهي لاءِ تہ اوهين اسان جي ڪري ڪنهن بہ طرح جو نقصان نہ سهو. 10ڇالاءِ تہ اهڙي غمگيني، جا خدا جي مرضيءَ موجب آهي سا توبهہ ٿي پيدا ڪري؛ اهڙي توبهہ جنهن جو نتيجو نجات آهي، تنهن ۾ ڪا بہ پشيماني نہ ٿي ٿئي؛ پر دنياوي غم جي ڪري موت ٿو ٿئي. 11ڇالاءِ جو ڏسو، اها ئي ساڳي ڳالهہ تہ اوهان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪهڙي نہ سرگرمي، ڪهڙي نہ عذرخواهي، ڪهڙي نہ غيرت، ڪهڙو نہ ڊپ، ڪهڙي نہ سڪ، ڪهڙو نہ شوق، ڪهڙو نہ انتقام پيدا ڪيو! هر طرح سان اوهان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ انهي ڳالهہ ۾ اوهين آجا آهيو. 12تنهنڪري مون جو اوهان ڏانهن لکيو هو، سو نہ انهي جي ڪري جنهن بي انصافي ڪئي هئي، نڪي انهي جي ڪري جنهن سان بي انصافي ٿي، پر انهي لاءِ تہ اوهان کي جيڪو اسان جي لاءِ فڪر آهي، سو خدا جي اڳيان اوهان تي ظاهر ٿئي. 13تنهنڪري اسان کي تسلي ملي، ۽ اسان جي انهيءَ تسلي کانسواءِ اسان کي طيطس جي خوشيءَ سببان نهايت گهڻي خوشي ٿي، ڇالاءِ جو اوهان سڀني جي ڪري هن جي روح کي تازگي ملي آهي. 14ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون هن جي اڳيان اوهان جي بابت ڪو فخر ظاهر ڪيو، تہ آئون شرمندو نہ ٿيس، پر جيئن اسان اوهان سان سڀ ڳالهيون سچيون ڪيون، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو، سو بہ سچو ثابت ٿيو. 15۽ جڏهن هن کي اوهان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي، تہ اوهين ڪهڙيءَ طرح ڊڄندي ۽ ڏڪندي ساڻس گڏيا، تڏهن سندس دلي محبت اوهان ڏانهن پاڻ گهڻي قدر زيادہ ٿي ٿئي. 16آئون خوش ٿيو آهيان جو اوهان جي نسبت ۾ هر طرح جي دلجاءِ اٿم.
Currently Selected:
2 - ڪرنٿين 7: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.