2 - ڪرنٿين 6
6
1۽ اسين جي هن سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، سي هيءُ بہ عرض ٿا ڪريون، تہ خدا جو فضل جو اوهان تي ٿيو آهي، سو اجايو نہ وڃي. 2(ڇالاءِ جو هو چوي ٿو تہ ”قبوليت جي وقت مون اوهان جي ٻُڌي، ۽ نجات جي ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي:“ ڏسو، اهو قبوليت جو ڏينهن هاڻي آهي، ڏسو، اهو نجات جو ڏينهن هاڻي آهي.) 3اسين ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گمراهہ ٿيڻ جو وجهہ نٿا ڏيون، انهي لاءِ تہ اسان جي خدمت ۾ عيب ڏسڻ ۾ نہ اچي؛ 4پر سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ پاڻ کي خدا جا خادم ڄاڻائي، پنهنجي نيڪي ظاهر ٿا ڪريون: ڏاڍي صبر ۾، مصيبتن ۾، ضرورتن ۾، تنگ حالتن ۾؛ 5چهبڪن کائڻ ۾، قيد ٿيڻ ۾، هنگامن ۾، محنتن ۾، اوجاڳن ۾، فاقن ڪڍڻ ۾؛ 6پاڪيزگيءَ ۾، علم ۾، گهڻي تحمل ۾، مهربانيءَ ۾، پاڪ روح ۾، خالص محبت ۾، 7سچ جي ڪلام ۾، خدا جي قدرت ۾؛ راستبازيءَ جي هٿيارن سان سڄي پاسي ۽ کٻي پاسي؛ 8عزت ۽ بي عزتيءَ سان، بدناميءَ ۽ نيڪ ناميءَ سان؛ ٺڳن وانگر، مگر سچار؛ 9گمنامن وانگر، مگر مشهور؛ مُئلن وانگر، مگر ڏسو اسين جيئون پيا؛ سزا يافتن وانگر، مگر ماري وڌل نہ؛ 10غمگينن وانگر، مگر هميشہ خوش؛ غريبن وانگر، مگر گهڻن کي شاهوڪار ٿا ڪريون؛ سُڃن سکڻن وانگر، مگر سڀ ڪجهہ رکڻ وارا.
11اي ڪرنٿيو، اسان کليءَ طرح اوهان سان ڳالهايو آهي، ۽ اسان جي دل ڪشادي آهي. 12اوهين اسانجين دلين ۾ تنگ نہ ٿيا آهيو، مگر پنهنجين دلين ۾ تنگ ٿيا آهيو. 13هاڻي آئون اوهان کي پنهنجا ٻار ڄاڻي چوان ٿو تہ اوهين بہ ڪشادہ دل ٿيو.
14بي دينن سان تعلق پيدا نہ ڪريو، ڇالاءِ جو راستبازيءَ ۽ بدڪاريءَ جي وچ ۾ ڪهڙي شراڪت آهي؟ يا روشنيءَ جو اونداهيءَ سان ڪهڙو واسطو آهي؟ 15مسيح جي بليعال سان ڪهڙي موافقت آهي؟ يا ايماندار شخص جي بي ايمان سان ڪهڙي ڀائيواري آهي؟ 16۽ خدا جي هيڪل جو بُتن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ ڇالاءِ جو اسين جيئري خدا جي هيڪل آهيون، جهڙيءَ طرح ڪ خدا فرمايو آهي تہ ”آئون انهن ۾ رهندس، ۽ انهن ۾ هلندس چلندس، آئون انهن جو خدا ٿيندس ۽ اهي منهنجي اُمت ٿيندا. 17تنهنڪري اوهين انهن منجهان نڪري اچو ۽ ڌار ٿيو، ۽ ڪنهن بہ پليت شئي کي هٿ نہ لايو، ۽ آئون اوهان کي قبول ڪندس؛ 18۽ آئون اوهان جو پيءُ ٿيندس، ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادر مطلق ائين ٿو فرمائي.“
Currently Selected:
2 - ڪرنٿين 6: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.