2 - ڪرنٿين 8
8
1هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خدا جي انهي فضل جي خبر ٿا ڏيون جو مڪدونيہ جي ڪليسيائن تي ٿيو آهي؛ 2تہ ڪهڙيءَ طرح مصيبت جي وڏيءَ آزمائش ۾ انهن جي خوشي وڌي ويئي، ۽ ڏاڍيءَ غريبيءَ جي ڪري سندين سخاوت جي دولت تمام گهڻي ٿي ويئي. 3ڇالاءِ جو آئون شاهدي ٿو ڀريان تہ انهن پنهنجي وت آهر، بلڪ پنهنجي وت کان وڌيڪ خوشيءَ سان ڏنو، 4۽ پاڪ ٿيلن جي خدمت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڏاڍي منٿ زاريءَ سان عرض ڪيائون؛ 5۽ نہ رڳو هنن اسان جي اميد موافق ڏنو، پر پنهنجو پاڻ پهرين خداوند کي ڏيئي، پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب اسان کي بہ ڏنائون. 6ايتري قدر جو اسان طيطس کي هدايت ڪئي، تہ جيئن هن پهرين اوهان ۾ اها نعمت شروع ڪئي هئي، تيئن انهي کي پورو بہ ڪري. 7پر جيئن اوهين سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، يعني ايمان ۽ ڪلام ۽ علم ۾، هر طرح جي سرگرميءَ ۾، ۽ اسان ڏانهن پنهنجي محبت ۾ وڌندا ٿا وڃو، تيئن هن فضل ۾ بہ وڌندا وڃو. 8آئون حڪم وانگر ائين نٿو چوان، پر انهي لاءِ ٿو چوان تہ ٻين جي سرگرميءَ سان اوهان جي محبت جي سچائي آزمايان. 9ڇالاءِ جو اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي فضل جي خبر آهي، تہ جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تہ بہ اوهان جي خاطر غريب ٿي ويو، انهي لاءِ تہ اوهين سندس غريبيءَ جي ڪري دولتمند ٿي وڃو. 10۽ انهيءَ ڳالهہ بابت آئون پنهنجي راءِ ٿو ڏيان، ڇالاءِ جو اها اوهان جي لاءِ فائدي واري آهي، جو اوهين گذريل سال نہ فقط انهي ڪم جي شروع ڪرڻ ۾ پر ارادي ڪرڻ ۾ بہ پهريان هئا. 11هاڻي اهو ڪم پورو بہ ڪريو، تہ جيئن اوهين ارادي ڪرڻ ۾ تيار هئا، تيئن پنهنجي طاقت آهر انهي کي پورو بہ ڪريو. 12ڇالاءِ تہ جيڪڏهن نيت هوندي، تہ جيڪي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو، تنهن موجب سندس خيرات قبول پوندي، نہ انهي موجب جيڪي موجود نہ هوندو. 13آئون ائين هن لاءِ نٿو چوان تہ ٻين کي آرام ملي ۽ اوهان کي تڪليف ملي: 14پر هڪ جهڙائيءَ لاءِ؛ يعني هن وقت جيڪي اوهان وٽ وڌيڪ آهي سو هنن جي ڪم اچي، تہ جيڪي هنن وٽ وڌيڪ ٿئي سو وري اوهان جي ڪم اچي، انهيءَ طرح برابري ٿي ويندي؛ 15جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”جنهن گهڻو ميڙيو تنهن وٽ ڪي ڪين بچيو، ۽ جنهن ٿورو ميڙيو، تنهن وٽ ڪابہ گهٽتائي ڪانہ ٿي.“
16پر خدا جو شڪر آهي جو اوهان جي لاءِ طيطس جي دل ۾ ههڙي سرگرمي پيدا ڪئي اٿس. 17ڇالاءِ جو هن اسان جي هدايت قبول ڪئي ۽ کيس بہ ڏاڍو شوق هو، تنهنڪري پنهنجي خوشيءَ سان اوهان ڏانهن هليو آيو. 18۽ ساڻس گڏ اسان انهي ڀاءُ کي موڪليو آهي، جنهن جي تعريف انجيل جي بابت سڀني ڪليسيائن ۾ ڦهليل آهي؛ 19نہ رڳو ايترو پر هن کي ڪليسيائن مقرر ڪيو هو تہ خيرات جي نسبت اسان سان گڏ سفر ڪري، جنهن خيرات جي خدمت اسين خداوند جو جلال ظاهر ڪرڻ لاءِ شوق سان ٿا ڪريون: 20۽ اها خبرداري ٿا ڪريون تہ جنهن وڏيءَ بخشش جي خدمت اسين ڪريون ٿا، تنهن جي نسبت ۾ ڪوبہ ماڻهو اسان کي ڏوهہ نہ ڏئي. 21ڇالاءِ جو اسين انهن ڳالهين جو اڳيئي خيال ٿا ڪريون جي نہ رڳو خداوند جي نظر ۾، پر ماڻهن جي نظر ۾ بہ چڱيون آهن. 22۽ انهن سان گڏ اسان پنهنجي انهي ڀاءُ کي موڪليو آهي، جنهن کي ڪيترائي ڀيرا گهڻين ڳالهين ۾ آزمائي ڏٺو اٿئون تہ سرگرميءَ وارو آهي، ۽ هاڻي تہ پاڻ وڌيڪ سرگرمي اٿس، ڇالاءِ جو هن کي اوهان ۾ وڏي اُميد آهي. 23جيڪڏهن ڪو طيطس بابت پڇي تہ انهي کي خبر هجي تہ هو منهنجو شريڪ آهي، ۽ اوهان جي خدمت ڪرڻ ۾ منهنجو رفيق آهي، يا جي ڪو اسانجن ڀائرن بابت پڇي تہ انهي کي خبر هجي تہ اُهي ڪليسيائن جا قاصد ۽ مسيح جو جلال آهن. 24تنهنڪري اوهين پنهنجي محبت، ۽ اوهان جي طرفان اسين جو فخر ٿا ڪريون، سو ڪليسيائن جي روبرو انهن کي ثابت ڪري ڏيکاريو.
Currently Selected:
2 - ڪرنٿين 8: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.