2 - ڪرنٿين 5
5
1ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏهن اسان جو هيءُ تنبوءَ جهڙو خاڪي گهر ڊاهيو ويندو، تہ اسان کي خدا کان آسمان تي هڪڙي اهڙي عمارت ملندي جا هٿن سان جوڙيل نہ آهي، پر هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي. 2ڇالاءِ تہ اسان جو گهر جو آسمان ۾ آهي، تنهن کي پوشاڪ وانگر پائڻ لاءِ اسين آهون پيا ڀريون: 3۽ جي اهو ڍڪيوسين تہ پوءِ اسين اُگهاڙا نہ ٿينداسين. 4ڇالاءِ جو اسين هن تنبوءَ ۾ رهي، بار جي ڪري پيا آهون ڀريون؛ نہ هن لاءِ تہ اها پوشاڪ لاهڻ ٿا گهُرون، پر انهي لاءِ تہ هن جي مٿان ٻي پوشاڪ پايون، تہ جيڪي مرڻ هارڪو آهي سو حياتيءَ ۾ غرق ٿي وڃي. 5هاڻي جنهن اسان کي انهيءَ ساڳيءَ ڳالهہ لاءِ تيار ڪيو، سو خدا آهي، ۽ اسان کي روح سوٿيءَ طور ڏنائين. 6تنهنڪري اسان کي هميشہ پوري همت ٿي رهي، ۽ خبر اٿئون تہ جيسين جسماني گهر ۾ آهيون، تيسين خدا کان پري آهيون. 7(ڇالاءِ جو اسين ايمان جي وسيلي ٿا هلون، نہ اکين ڏٺي.) 8مطلب تہ اسان کي پوري همت آهي ۽ اسين بدن مان ڇُٽي خداوند وٽ رهڻ زيادہ پسند ٿا ڪريون. 9انهي ڪري اسان جو هيءُ نشانو آهي، تہ اسين بدن ۾ هجون يا ٻاهر هجون تہ بہ هن کي خوش ڪريون. 10ڇالاءِ جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت جي تخت جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي؛ انهي لاءِ تہ هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي جي هن بدن ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.
11تنهنڪري خداوند جو خوف ڄاڻي اسين ماڻهن کي سمجهايون ٿا، ۽ اسان جو حال خدا کي معلوم آهي، ۽ مون کي اُميد آهي تہ اوهانجين دلين کي بہ اسان جي حال جي خبر پيئي هوندي. 12وري بہ اسين اوهان وٽ پنهنجي تعريف نہ ٿا ڪريون، پر پنهنجي ڪري اوهان کي فخر ڪرڻ جو وجهہ ٿا ڏيون، تہ اوهين انهن کي جواب ڏيئي سگهو جي ظاهر تي فخر ٿا ڪن، نہ دل تي. 13ڇالاءِ تہ جي اسين سودائي آهيون تہ خدا جي لاءِ آهيون؛ يا جي اسين سمجهو آهيون تہ اوهان جي لاءِ آهيون. 14ڇالاءِ جو مسيح جي محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، هن ڪري جو اسين ائين ٿا سمجهون، تہ جي هڪڙو سڀني لاءِ مُئو تہ سڀ مري ويا؛ 15۽ هو سڀني جي لاءِ مُئو تہ جيڪي جيئرا آهن سي اڳتي پنهنجي لاءِ نہ، پر انهي جي لاءِ جيئن، جو سندن واسطي مُئو ۽ وري جي اُٿيو. 16تنهنڪري هن کانپوءِ اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي جسماني طور نٿا سڃاڻون، جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور سڃاتو هو، پر هاڻي اسين هن کي ائين نٿا سڃاڻون. 17تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيح ۾ آهي تہ هو نئون مخلوق آهي: پراڻيون شيون گذري ويون؛ ڏسو، هو نوان ٿي پيا آهن. 18پر سڀ شيون خدا کان آهن، جنهن مسيح جي وسيلي اسان کي پاڻ سان ملايو، ۽ ميل ميلاپ جي خدمت اسان جي حوالي ڪئي. 19يعني تہ خدا، مسيح ۾ ٿي ڪري جهان کي پاڻ سان ملايو، ۽ هنن جا قصور سندن ذمي شمار نہ ڪيائين، ۽ ميل ميلاپ جو ڪلام اسان کي ڏيئي ڇڏيائين.
20تنهنڪري اسين مسيح جي طرفان ايلچي آهيون، ڄڻ تہ اسان جي وسيلي خدا اوهان کي منٿ ٿو ڪري، ۽ اسين اوهان کي مسيح جي پاران نيزاري ٿا ڪريون، تہ خدا سان ميل ميلاپ ڪريو. 21جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.
Currently Selected:
2 - ڪرنٿين 5: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.