YouVersion Logo
Search Icon

1 - تيمٿيس 3

3
1اها ڳالهہ سچي آهي تہ جيڪو ماڻهو نگهبان (بشپ) جو عهدو ٿو چاهي تہ اهو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري. 2تنهنڪري نگهبان کي گهرجي تہ بنا الزام هڪڙيءَ زال جو مڙس، پرهيزگار، سنجيدو، باقاعدي هلڻ وارو، مهمان نواز، تعليم ڏيڻ ۾ ماهر؛ 3نہ نشي باز، نہ مارڪٽ ڪندڙ؛ نہ تڪراري، نہ پيسي جو لالچي، پر حليم هجي؛ 4پنهنجي گهر جو پوريءَ طرح بندوبست رکڻ وارو ۽ پنهنجن ٻارن کي تمام سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو هجي؛ 5(پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي خود پنهنجي گهر هلائڻ جي خبر نہ آهي، تہ اهو خدا جي ڪليسيا جي ڪهڙي سنڀال ڪري سگهندو؟) 6نومريد نہ هجي، متان مغروريءَ جي ڪري شيطان واريءَ سزا ۾ گرفتار ٿئي؛ 7جيڪي ٻاهر آهن تن وٽ بہ نيڪ ناموس وارو هئڻ گهرجي؛ تہ متان ملامت ۾ يا شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.
8انهي طرح جيڪي خادم (ڊيڪن) آهن، تن کي سنجيدو ٿيڻ گهرجي، اهي نہ ٻہ چاپڙا، نہ شرابي، نہ ناجائز نفعي جا لالچي هجن، 9پر ايمان جي راز کي پاڪ دل ۾ سنڀالي رکڻ وارا هجن. 10۽ انهن جو بہ پهرين آزمودو وٺڻ گهرجي، پوءِ جي بي عيب ثابت ٿين، تہ ڀلي پنهنجي عهدي جو ڪم ڪن. 11انهيءَ طرح زالن کي بہ گهرجي تہ سنجيدگيءَ سان رهن، نہ گلا ڪندڙ، پر پرهيزگار ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايماندار هجن. 12خادم کي بہ هڪڙيءَ زال جو مڙس هئڻ گهرجي، ۽ هو ٻارن ۽ پنهنجي گهر جو چڱيءَ طرح انتظام ڪن. 13ڇالاءِ جو جيڪي خادمن جي عهدي جو ڪم چڱيءَ طرح ٿا ڪن، سي پنهنجي لاءِ چڱو درجو، ۽ جو ايمان مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ وڏي همت حاصل ٿا ڪن.
14اهي ڳالهيون آئون تو ڏانهن انهيءَ اُميد تي بہ لکان ٿو تہ جلد تو ڏانهن ايندس؛ 15پر جي مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ڀلي خبر پويئي تہ خدا جو گهر، يعني زندہ خدا جي ڪليسيا، جا سچ جو ٿنڀ ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ڪهڙيءَ طرح هلت ڪرڻ کپي. 16بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.

Currently Selected:

1 - تيمٿيس 3: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in