YouVersion Logo
Search Icon

1 - تيمٿيس 2

2
1تنهنڪري، پهرين آئون هيءَ نصيحت ٿو ڪريان تہ سڀني ماڻهن لاءِ عرض، دعا، سفارش ۽ شڪر گذاريون ڪرڻ گهرجن؛ 2بادشاهن ۽ سڀني حاڪمن لاءِ بہ، تہ اسين نهايت دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ اطمينان جي حياتي گذاريون. 3اها ڳالهہ اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي نظر ۾ چڱي ۽ پسنديدہ آهي؛ 4جنهن جي مرضي آهي تہ سڀني ماڻهن کي نجات ملي، ۽ سچ جي خبر پوينِ. 5ڇالاءِ جو خدا هڪڙو آهي، ۽ خدا ۽ ماڻهن جو درمياني بہ هڪڙو ئي آهي، يعني مسيح يسوع، جو انسان آهي. 6جنهن پاڻ کي سڀني جي لاءِ قربان ڪري ڏيئي ڇڏيو، تہ مناسب وقتن تي اها شاهدي ڏني وڃي. 7آئون سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان تہ انهي لاءِ ئي آئون مبشر ۽ رسول مقرر ٿيس، تہ ايمان ۽ سچ جي غير قومن کي تعليم ڏيان.
8تنهنڪري منهنجي مرضي آهي تہ ماڻهو هر ڪنهن هنڌ، ڪاوڙ ۽ تڪرار کانسواءِ، پاڪ هٿ کڻي دعا ڪن. 9ساڳيءَ طرح، زالون بہ حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي حجاب ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين؛ نہ ڳتيل وارن ۽ سون يا موتين يا قيمتي پوشاڪ سان؛ 10پر چڱن ڪمن سان (جيئن ڪ انهن زالن کي مناسب آهي، جي پاڻ کي خدا پرست ٿيون چوائين.) 11زال ذات کي گهرجي تہ ماٺ ڪري نهايت تابعداريءَ سان تعليم وٺي. 12پر آئون ڪنهن بہ زال کي اجازت نٿو ڏيان تہ تعليم ڏئي، يا مڙس تي حڪم هلائي، پر خاموش رهي. 13ڇالاءِ جو پهريائين آدم جُڙيو ۽ پوءِ حوا؛ 14۽ آدم ٺڳيو نہ ويو، پر سندس زال ٺڳجي گناهہ ۾ گرفتار ٿي. 15پر ٻار ڄڻڻ ڪري زال بچي ويندي، بشرطيڪ ايمان ۽ محبت ۽ پاڪيزگيءَ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ قائم رهي.

Currently Selected:

1 - تيمٿيس 2: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in