1
1 - تيمٿيس 16:3
Sindhi Bible NT
SB62
بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.
Compare
Explore 1 - تيمٿيس 3:16
2
1 - تيمٿيس 2:3
تنهنڪري نگهبان کي گهرجي تہ بنا الزام هڪڙيءَ زال جو مڙس، پرهيزگار، سنجيدو، باقاعدي هلڻ وارو، مهمان نواز، تعليم ڏيڻ ۾ ماهر؛
Explore 1 - تيمٿيس 3:2
3
1 - تيمٿيس 4:3
پنهنجي گهر جو پوريءَ طرح بندوبست رکڻ وارو ۽ پنهنجن ٻارن کي تمام سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو هجي؛
Explore 1 - تيمٿيس 3:4
4
1 - تيمٿيس 12:3-13
خادم کي بہ هڪڙيءَ زال جو مڙس هئڻ گهرجي، ۽ هو ٻارن ۽ پنهنجي گهر جو چڱيءَ طرح انتظام ڪن. ڇالاءِ جو جيڪي خادمن جي عهدي جو ڪم چڱيءَ طرح ٿا ڪن، سي پنهنجي لاءِ چڱو درجو، ۽ جو ايمان مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ وڏي همت حاصل ٿا ڪن.
Explore 1 - تيمٿيس 3:12-13