YouVersion Logo
Search Icon

1 - تيمٿيس 1

1
1پولس، جو اسان جي نجات ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اُميد، مسيح يسوع جي حڪم موجب، مسيح يسوع جو رسول آهي، 2تيمٿيس ڏانهن جو ايمان جي ڪري منهنجو سچو فرزند آهي: خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند مسيح يسوع جو فضل ۽ رحم ۽ اطمينان تو تي هجي.
3جيئن مون مڪدونيہ ڏانهن وڃڻ وقت توکي تاڪيد ڪئي هئي، تيئن افسس ۾ رهي ڪن ماڻهن کي اطلاع ڏي تہ ٻئي قسم جي تعليم نہ ڏين، 4نڪي انهن آکاڻين ۽ بي انتها نسب نامن تي خيال ڊوڙائين، جن جي ڪري خدا جي انهي انتظام جي خبر نٿي پوي جو ايمان تي منحصر آهي، پر اُٽلندو تڪرار پيدا ٿا ٿين، 5هاڻي انهي تاڪيد جو مطلب اهو آهي، تہ پاڪ ۽ نيڪ نيت ۽ سچي ايمان سان محبت پيدا ٿئي. 6پر ڪي ماڻهو انهن ڳالهين کان پاسو ڪري اجائي بحث ۾ وڃي پيا آهن؛ 7انهي ارادي سان تہ شريعت جا تعليم ڏيندڙ ٿين، جيتوڻيڪ هو جيڪي پاڻ چون ٿا يا جنهن بابت يقين سان ڳالهائين ٿا، سو سمجهن بہ نٿا. 8پر اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت چڱي آهي، بشرطيڪ ڪو ماڻهو انهي کي قاعدي موجب ڪم آڻي، 9۽ اهو سمجهي تہ شريعت راستباز ماڻهن جي لاءِ نہ، پر بي دينن ۽ گنهگارن جي لاءِ، ناپاڪن ۽ لُچن ۽ ماءُ پيءُ جي قاتلن ۽ خونين جي لاءِ، 10زناڪارن ۽ لونڊي بازن ۽ بردہ فروشن لاءِ، ڪوڙن ماڻهن ۽ ڪوڙن قسمن کڻڻ وارن لاءِ، ۽ انهن کانسواءِ صحيح تعليم جي برخلاف ٻيا جيڪي ڪم آهن، تن جي ڪرڻ وارن لاءِ مقرر ٿي آهي. 11۽ اهي ڳالهيون انهيءَ سڳوري خدا جي جلالي خوشخبريءَ موافق آهن جا منهنجي ذمي ڪئي ويئي آهي.
12آئون انهي جو شڪر ٿو ڪريان، يعني اسان جي خداوند مسيح يسوع جو، جنهن مون کي اهڙي طاقت ڏني، ۽ مون کي ايماندار سمجهي پنهنجي خدمت جي لاءِ مقرر ڪيو؛ 13جيتوڻيڪ اڳي آئون ڪفر بڪندڙ ۽ ستائيندڙ ۽ سندس بي عزتي ڪندڙ هوس: تنهن هوندي بہ مون تي رحم ڪيو ويو، ڇالاءِ جو مون بي ايمانيءَ جي حالت ۾ اڻ ڄاڻائي ڪري اهي ڪم ڪيا؛ 14۽ ايمان ۽ محبت جا مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن سان اسان جي خداوند جو فضل مون تي نهايت گهڻو ٿيو. 15اها ڳالهہ سچي ۽ هر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ مسيح يسوع گنهگارن کي نجات ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو؛ جن مان آئون سڀني کان وڏو آهيان. 16تڏهن بہ انهي سبب ڪري مون تي رحم ٿيو، انهي لاءِ تہ يسوع مسيح مون وڏي گنهگار ۾ پنهنجو وڏو فضل ظاهر ڪري، ۽ جيڪي هميشہ جي زندگيءَ جي لاءِ مٿس ايمان آڻيندا، تن جي لاءِ آئون هڪڙو نمونو ٿيان. 17هاڻي انهي مدامي بادشاهہ، يعني غير فاني، ناديدہ، واحد خدا جي عزت ۽ جلال هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.
18اي منهنجا فرزند تيمٿيس، جيڪي پيشنگوئيون تو بابت اڳي ڪيون ويون هيون، تن موجب آئون توکي اها تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن جي ڪري تون چڱي جنگ ڪندو رهہ؛ 19۽ ايمان ۽ نيڪ ضمير تي قائم رهہ، جنهن کي ڪن ماڻهن ڇڏي پنهنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. 20انهن مان همنيوس ۽ سڪندر آهن؛ جن کي مون شيطان جي حوالي ڪيو تہ ڪفر کان باز رهڻ سکن.

Currently Selected:

1 - تيمٿيس 1: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in