1
1 - ٿسلونيڪين 16:5-18
Sindhi Bible NT
SB62
هر وقت خوش رهو؛ هميشہ دعا گهُرندا رهو؛ سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ شڪرگذاري ڪريو: ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ اوهان جي بابت خدا جي اها ئي مرضي آهي.
Compare
Explore 1 - ٿسلونيڪين 5:16-18
2
1 - ٿسلونيڪين 23:5-24
شل خدا، جو اطمينان بخشيندڙ آهي، اوهان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري؛ ۽ شل اوهان جو روح ۽ جان ۽ بدن، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي اچڻ تائين بي عيب ۽ سلامت رهي. جنهن اوهان کي سڏيو آهي، سو سچو آهي ۽ اُهو ائين ئي ڪندو.
Explore 1 - ٿسلونيڪين 5:23-24
3
1 - ٿسلونيڪين 15:5
خبردار ڪوبہ ڪنهن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري؛ پر هميشہ هڪ ٻئي سان، ۽ سڀني سان، نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
Explore 1 - ٿسلونيڪين 5:15
4
1 - ٿسلونيڪين 11:5
تنهنڪري هڪٻئي کي همتايو، ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جا باعث ٿيو، جيئن ڪ اڳيئي پيا ڪريو.
Explore 1 - ٿسلونيڪين 5:11
5
1 - ٿسلونيڪين 14:5
اي ڀائرو، اسين اوهان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ بي قاعدي هلڻ وارن کي سمجهايو، ۽ جيڪي بي همت آهن، تن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو، سڀني سان ڏاڍي صبر سان گذاريو.
Explore 1 - ٿسلونيڪين 5:14
6
1 - ٿسلونيڪين 9:5
ڇالاءِ جو خدا اسان کي انهي لاءِ ڪونہ مقرر ڪيو آهي تہ پنهنجو غضب اسان تي وجهي، پر انهي لاءِ تہ اسين پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي نجات حاصل ڪريون،
Explore 1 - ٿسلونيڪين 5:9
7
1 - ٿسلونيڪين 5:5
اوهين سڀ روشنائيءَ جا ٻار ۽ ڏينهن جا فرزند آهيو: اسين رات جا ناهيون، نڪي اونداهيءَ جا آهيون؛
Explore 1 - ٿسلونيڪين 5:5