YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 16

16
1۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڪيستائين تون سائول جي لاءِ افسوس ڪندين، جڏهن ڏسين ٿو تہ مون هن کي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي؟ پنهنجو سڱ تيل سان ڀر ۽ وڃ، آءٌ توکي بيت لحم واري يسيءَ ڏي موڪليندس: ڇالاءِ جو مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي لاءِ بادشاهہ مقرر ڪيو آهي. 2۽ سموئيل چيو تہ آءٌ ڪيئن وڃي سگهندس؟ جڏهن سائول اها ڳالهہ ٻڌندو تہ مون کي ماري ڇڏيندو. ۽ خداوند چيو تہ هڪڙي گابي پاڻ سان کڻ، ۽ چئُہ تہ آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني ڪرڻ آيو آهيان. 3۽ يسيءَ کي بہ قربانيءَ تي سڏ، پوءِ آءٌ توکي ڏيکاريندس تہ ڇا ڪندين: ۽ تون انهي کي جنهن جي نالي آءٌ توکي چوان منهنجي لاءِ تيل سان مسح ڪج. 4۽ سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو، ۽ بيت لحم ۾ آيو، ۽ انهي شهر جا بزرگ ڏڪندا، سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ چيائونس تہ تون خير مان تہ آيو آهين؟ 5۽ هن چيو تہ خير مان: آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهڻ آيو آهيان. پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مون سان قربانيءَ تي هلو. ۽ هن يسيءَ ۽ سندس پٽن کي پاڪ ڪيو، ۽ هنن کي قربانيءَ تي سڏيائين. 6۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو آيا تڏهن هن الياب ڏي نهاري چيو تہ يقين آهي تہ خداوند جو مسح ڪيل سندس اڳيان آهي. 7پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري. 8تڏهن يسيءَ ابينداب کي سڏي انهي کي سموئيل جي اڳيان آندو، ۽ هن چيو تہ خداوند انهي کي بہ پسند نہ ڪيو آهي. 9تڏهن يسيءَ سمہ کي اڳيان اچڻ لاءِ چيو. ۽ هن چيو تہ هن کي بہ خداوند پسند نہ ڪيو آهي. 10۽ يسي پنهنجن ستن ئي پٽن کي سموئيل جي اڳيان لنگهڻ لاءِ چيو، ۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ خدا هنن کي بہ پسند نہ ڪيو آهي. 11۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ تنهنجا سڀ پٽ هتي اچي چڪا آهن؟ ۽ هن چيو تہ اڃا سڀ کان ننڍو پٺتي رهيل آهي، ۽ ڏسو هو رڍون ٿو چاري. ۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ اُنهي کي گهرائي وٺ: ڇالاءِ جو جيسين هو هتي نہ ايندو تيسين اسين هتي نہ ويهنداسين. 12۽ هن انهي کي گهرائي ورتو. هاڻي هو ڳاڙهي گوري رنگ جو هو، ۽ ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ شڪل ۾ خوبصورت هو. ۽ خداوند چيو تہ اُٿ، هن کي مسح ڪر: ڇالاءِ جو هو اهو ئي آهي. 13تڏهن سموئيل تيل جو سڱ کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي وچ ۾ مسح ڪيائين: ۽ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي خداوند جو روح ڏاڍي زور سان دائود تي نازل ٿيڻ لڳو. پوءِ سموئيل اُٿيو ۽ رامہ ڏي ويو.
14هاڻي خداوند جو روح سائول کي ڇڏي ويو، ۽ هڪڙو بڇڙو روح خداوند وٽان اچي هن کي ستائڻ لڳو. 15۽ سائول جي نوڪرن کيس چيو تہ هڪڙو بدروح خداوند وٽان اچي توکي ستائي ٿو. 16هاڻي اسان جا سائين تنهنجا نوڪر جي تنهنجي اڳيان بيٺا آهن تن کي حڪم ڏي تہ ڪو اهڙو ماڻهو ڳولي وٺي اچن جو بربط وڄائڻ ۾ هوشيار هجي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اهو بدروح خداوند وٽان توتي ايندو، تڏهن اُهو پنهنجي هٿ سان بربط وڄائيندو ۽ تون چڱو ڀلو ٿيندين. 17۽ سائول پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ هاڻي منهنجي لاءِ اهڙو ماڻهو آڻي موجود ڪريو جو چڱو وڄائيندڙ هجي، ۽ انهي کي مون وٽ وٺي اچو. 18تڏهن انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون بيت لحم واري يسي جو پٽ ڏٺو آهي جو وڄائڻ ۾ ڏاڍو ڀڙ آهي، ۽ زور ڀريو ۽ همٿ وارو ماڻهو آهي، ۽ جنگي جوان، ۽ ڳالهائڻ جو خبردار، ۽ خوبصورت شخص آهي، ۽ خداوند هن ساڻ آهي. 19تنهنڪري سائول يسيءَ ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ تنهنجو پٽ دائود، جو رڍن سان آهي، تنهن کي مون وٽ موڪلي ڏي. 20تڏهن يسيءَ هڪڙي گڏهہ تي مانيون ۽ شراب جي سانداري، ۽ هڪ ڇيلو رکي، پنهنجي پٽ دائود جي هٿان سائول ڏي ڏياري موڪليو. 21۽ دائود سائول وٽ آيو، ۽ اڳيان اچي بيهي رهيس: ۽ هو انهي کي ڏاڍو وڻيو ۽ سندس زرهہ بردار ٿيو. 22۽ سائول يسيءَ ڏي چوائي موڪليو تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ ڀلي دائود مون وٽ رهي؛ ڇالاءِ جو هن منهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي. 23۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بدروح خدا وٽان سائول تي ايندو هو تڏهن، دائود بربط کڻي پنهنجي هٿ سان وڄائيندو هو: پوءِ سائول کي راحت ملندي هئي، ۽ هو چڱو ڀلو ٿيندو هو، ۽ بدروح ڇڏي ويندو هوس.

Currently Selected:

1 - سموئيل 16: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy