YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 17

17
1هاڻي فلستين جنگ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا لشڪر آڻي گڏ ڪيا، ۽ اُهي شوڪہ ۾ جمع ٿيا، جو يهوداہ جو شهر هو، ۽ شوڪہ ۽ عزيقہ جي وچ ۾، افس دميم منجهہ تنبو هنيائون. 2۽ سائول ۽ اسرائيل جا ماڻهو بہ گڏ ٿيا، ۽ ايلہ جي واديءَ ۾ منزل هنيائون، ۽ فلستين سان وڙهڻ جي لاءِ صفون ٻڌائون. 3۽ فلستي هڪڙي پاسي جبل تي بيٺا هئا، ۽ اسرائيل ٻئي پاسي جبل تي بيٺا هئا: ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي ماٿري هئي. 4۽ فلستين جي لشڪرگاهہ مان هڪڙو پهلوان نڪتو، جنهن جو نالو جالوت هو، جو جات جو هو، ۽ جنهن جو قد ڇهہ هٿ ۽ هڪڙي گرانٺ هو. 5۽ هن کي هڪڙو پتل جو هول مٿي تي هو، ۽ بت تي زرهہ پئي هيس؛ ۽ اُها زرهہ وزن ۾ پتل جا پنج هزار شيڪل هئي. 6۽ هن کي ٽَنگن تي پتل جا جهاڙولا پيل هئا، ۽ ڪلهن جي وچ تي هڪڙي پتل جي بڻڇي رکيل هئي. 7۽ سندس نيزي جي ڇڙ ڪوريءَ جي شهتير جهڙي هئي؛ ۽ سندس نيزي جو ڦر تور ۾ لوهہ جا ڇهہ سؤ شيڪل هو: ۽ هن جو زرهہ بردار سندس اڳيان هلندو هو. 8۽ هو بيهي اسرائيل جي لشڪرن کي رڙ ڪري چوڻ لڳو تہ اوهين ڇو جنگ جي لاءِ صفون ٻڌي آيا آهيو؟ آءٌ فلستي ناهيان ڇا، ۽ اوهين سائول جا نوڪر ناهيو ڇا؟ پاڻ منجهان هڪڙو ماڻهو چونڊي ڪڍو، ۽ اهو مون وٽ اچي مقابلو ڪري. 9جيڪڏهن اهو مون سان وڙهي سگهي ۽ مون کي ماري تہ پوءِ اسين اوهان جا ٻانها ٿينداسين: پر جي آءٌ هن تي غالب ٿيس، ۽ هن کي ماريم، تہ پوءِ اوهين اسان جا ٻانها ٿجو، ۽ اسان جي خدمت چاڪري ڪجو. 10۽ انهي فلستيءَ چيو تہ اڄ اسرائيل جي لشڪرن کي آءٌ هاڪاريان ٿو تہ ڪو ماڻهو مون کي ڪڍي ڏين تہ اسين پاڻ ۾ وڙهون. 11۽ جڏهن سائول ۽ سڀني اسرائيلين انهي فلستيءَ جي اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هو بيحواس ٿي ويا، ۽ ڏاڍا ڊنا.
12هاڻي دائود، بيت لحم يهوداہ جي اُنهي افراتيءَ جو پٽ هو، جنهن جو نالو يسي هو، ۽ هن کي اٺ پٽ هئا: ۽ اهو ماڻهو سائول جي ڏينهن ۾ پير مرد هو، ۽ ماڻهن ۾ تمام ڪهن سال هو. 13۽ يسيءَ جا ٽي وڏا پٽ سائول جي پٺيان جنگ ڪرڻ لاءِ ويا هئا: ۽ اُهي هن جا ٽي پٽ جي جنگ ڪرڻ لاءِ ويا هئا تن جا نالا هئا الياب، جو پهريتو هو، ۽ تنهن کان پوءِ ابينداب، ۽ ٽيون سمہ. 14۽ دائود سڀ کان ننڍو هو: ۽ ٽي وڏا سائول جي پٺيان لڳا ويندا هئا. 15۽ هاڻي دائود سائول وٽ پيو ايندو ويندو هو، ۽ بيت لحم ۾ پنهنجي پيءُ جون رڍون چاريندو هو. 16۽ اهو فلستي صبح ۽ سانجهيءَ جو پيو ويجهو ايندو هو، ۽ چاليهن ڏينهن تائين پاڻ ڏيکاريندو رهيو.
17۽ يسيءَ پنهنجي پٽ دائود کي چيو تہ هاڻي پنهنجن ڀائرن جي لاءِ هن ڀُڳل اَن جو هڪڙو ايفہ، ۽ هي ڏهہ مانيون کڻ، ۽ جلد وڃي لشڪرگاهہ ۾ پنهنجن ڀائرن کي ڏيئي اچ؛ 18۽ هي پنير جون ڏهہ ٽڪيون انهن جي هزار جي سردار کي ڏيئي اچ، ۽ ڏسي بہ اچ تہ تنهنجا ڀائر ڪيئن پيا گذارين، ۽ انهن جي ڪا نشاني وٺي اچج. 19هاڻي سائول، ۽ اُهي، ۽ اسرائيل جا ٻيا سڀ ماڻهو ايلہ جي واديءَ ۾ فلستين سان پئي وڙهيا. 20۽ دائود صبح جو سوير اُٿيو ۽ رڍون هڪڙي نگهبان جي حوالي ڪري، جيئن يسيءَ حڪم ڏنو هوس تيئن اُهي شيون کڻي هليو ويو؛ ۽ هو گاڏين جي جاءِ تي پهتو، ۽ انهي مهل جيڪو جيڪو لشڪر وڙهڻ لاءِ ٿي ويو، تنهن جنگ جي لاءِ نعرو ٿي هنيو. 21۽ اسرائيل ۽ فلستين پنهنجون پنهنجون صفون ٻڌي، لشڪر، لشڪر جي سامهون پئي بيهاريو. 22۽ دائود پنهنجو سامان لشڪر جي سامان جي نگهبان جي هٿن ۾ ڏيئي، ڊوڙي لشڪر ۾ ويو ۽ پنهنجن ڀائرن کي سلام ڪيائين. 23۽ اڃا هن انهن سان بيٺي ڳالهايو تہ ڏسو اُهو جات وارو فلستي پهلوان، جنهن جو نالو جالوت هو، سو فلستين جي صفن مان نڪري اڳي جهڙا لفظ ڳالهائڻ لڳو: ۽ دائود اُهي ٻڌا. 24۽ جڏهن اسرائيلين اُهو ماڻهو ڏٺو تڏهن سڀئي کانئس ڀڄي پري ٿيا ۽ ڏاڍا ڊنا. 25۽ اسرائيل جي ماڻهن چيو تہ اهو ماڻهو جو آيو آهي سو اوهان ڏٺو آهي؟ پڪ آهي تہ هو اسرائيل کي هاڪارڻ لاءِ آيو آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو ماڻهو هن کي ماري وجهندو انهي کي بادشاهہ وڏي دولت ڏيئي شاهوڪار ڪري ڇڏيندو، ۽ انهي کي پنهنجي ڌيءَ بہ پرڻائيندو، ۽ انهي جي پيءُ جي گهراڻي کي اسرائيل ۾ آزاد ڪندو. 26۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟ 27۽ ماڻهن هن کي چيو تہ جيڪو ماڻهو هن کي ماريندو تنهن سان ائين ڪيو ويندو. 28۽ جڏهن هن ماڻهن سان پئي ڳالهايو تڏهن هن جي وڏي ڀاءُ الياب اهو ٻڌو، ۽ الياب جي ڪاوڙ دائود تي ڀڙڪي، ۽ چوڻ لڳو تہ تون ڇو لهي آيو آهين؟ ۽ تون ڪنهن وٽ اُهي ٿوريون رڍون بيابان ۾ ڇڏي آيو آهين؟ تنهنجي مغروري ۽ تنهنجي دل جي شرارت آءٌ ڄاڻان ٿو؛ ڇالاءِ جو تون انهي لاءِ آيو آهين تہ جنگ ڏسين. 29تڏهن دائود چيو تہ مون ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟ ڳالهہ ائين نہ آهي ڇا؟ 30۽ هن اُنهي کان منهن ڦيرائي ٻئي ڏانهن ڪيو، ۽ وري بہ انهي طرح چوڻ لڳو: ۽ ماڻهن بہ وري انهيءَ طرح ورندي ڏني. 31۽ جيڪي دائود چيو سو جڏهن هنن ٻڌو تڏهن سائول جي اڳيان اُهو هنن ورجائي چيو؛ ۽ هن انهي کي گهرائي ورتو. 32۽ دائود سائول کي چيو تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي دل هن جي ڪري سست نہ ٿئي؛ تنهنجو ٻانهو وڃي هن فلستيءَ سان وڙهندو. 33۽ سائول دائود کي چيو تہ تون هن فلستيءَ سان وڃي وڙهڻ جهڙو نہ آهين: ڇالاءِ جو تون اڃا ڇوڪر آهين، ۽ هو ننڍپڻ کان جنگي مرد آهي. 34پر دائود سائول کي چيو تہ تنهنجو ٻانهو پنهنجي پيءُ جون رڍون چاريندو آهي: ۽ جڏهن ڪو شينهن يا رڇ ايندو هو ۽ ڌڻ مان گهيٽو کڻي ويندو هو، 35تڏهن آءٌ انهي جي پٺيان ويندو هوس ۽ انهي کي هن جي وات مان ڇڏائيندو هوس: ۽ جڏهن هو مون تي ڪاهي ايندو هو تڏهن آءٌ هن جي ڏاڙهيءَ کان وٺي هن کي ماريندو ۽ قتل ڪندو هوس. 36تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي. 37۽ دائود چيو تہ جنهن خداوند مون کي شينهن جي چنبي مان ۽ رڇ جي چنبي مان بچائي ورتو، سو مون کي هن فلستيءَ جي هٿان بہ بچائيندو. تڏهن سائول دائود کي چيو تہ وڃ، خدا توساڻ ٿيندو. 38۽ سائول پنهنجي پوشاڪ دائود کي پهرائي ۽ پتل جو هول سندس مٿي تي رکيائين، ۽ زرهہ بہ ڍڪيائينس. 39۽ دائود پنهنجي ترار پنهنجي پوشاڪ جي مٿان چيلهہ سان ٻڌي، ۽ هلڻ جي ڪوشش ڪيائين: ڇالاءِ جو هن کي اڳي ڪو آزمودو ڪونہ هو. ۽ دائود سائول کي چيو تہ آءٌ هنن سان هلي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو مون کي انهن جو ڪو آزمودو ڪونهي. ۽ دائود اُهي لاهي ڇڏيا. 40۽ هن پنهنجي لٺ هٿ ۾ کنئي، ۽ نهر مان پنج لسا پٿر چونڊي ڪڍيائين، ۽ وٽس جيڪا ڌنارن جي ڳوٿري هئي تنهن ۾، يعني پنهنجي ٿيلهيءَ ۾ اُهي وڌائين، ۽ پنهنجي کانڀاڻي هٿ ۾ جهليائين: پوءِ هو انهي فلستيءَ کي ويجهو ويو. 41۽ فلستي وڌي آيو، ۽ دائود جي ويجهو آيو؛ ۽ سندس زرهہ بردار سندس اڳيان هليو. 42۽ جڏهن انهي فلستيءَ هيڏي هوڏي نهاريو، ۽ دائود کي ڏٺائين تڏهن هن کي حقير ڄاتائين: ڇالاءِ جو هو اڃا ڇوڪر هو، ۽ ڳاڙهيرو ۽ خوبصورت هو. 43۽ فلستيءَ دائود کي چيو تہ آءٌ ڪو ڪتو آهيان ڇا جو تون لٺ کڻي مون تي آيو آهين؟ ۽ فلستي پنهنجن معبودن جا قسم کڻي دائود تي لعنت وڌي. 44۽ فلستيءَ دائود کي چيو تہ مون وٽ اچ تہ آءٌ تنهنجو گوشت پکين کي، ۽ جهنگ جي مِرن کي ڏيان. 45تڏهن دائود فلستيءَ کي چيو تہ تون مون تي ترار، ۽ نيزو، ۽ بڻڇي کڻي ٿو اچين، پر آءٌ توتي لشڪرن جي خدا، اسرائيل جي لشڪرن جي خدا جي نالي سان ٿو اچان، جنهن کي تو هاڪاريو آهي. 46اڄوڪي ڏينهن خداوند توکي منهنجي حوالي ڪندو؛ ۽ آءٌ توکي ماري، تنهنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندس؛ ۽ اڄوڪي ڏينهن آءٌ فلستين جي لشڪر جا لاشا هوا جي پکين کي، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن کي ڏيندس؛ انهي لاءِ تہ جهان کي خبر پوي تہ اسرائيل ۾ هڪڙو خدا آهي: 47۽ هيءَ ساري جماعت ڄاڻي تہ خداوند ترار ۽ نيزي سان نٿو بچائي: ڇالاءِ جو جنگ خداوند جي آهي، ۽ اُهو اوهان کي اسان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو. 48۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُهو فلستي اُٿيو، ۽ آيو، ۽ دائود سان اٽڪڻ لاءِ ويجهو ٿيو، تڏهن دائود تڪڙو ٿي فلستيءَ سان وڙهڻ لاءِ انهن جي لشڪر ڏي وڌيو. 49۽ دائود پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ هٿ وجهي اتان هڪڙو پٿر ڪڍيو، ۽ کانڀاڻي ۾ رکي اُڇلائي فلستيءَ جي پيشانيءَ ۾ هنيائين، ۽ اُهو پٿر هن جي پيشانيءَ ۾ گهڙي ويو، ۽ هو زمين تي اونڌو ٿي ڪري پيو. 50انهي طرح دائود هڪڙي کانڀاڻي ۽ هڪڙي پٿر سان فلستيءَ تي غالب آيو، ۽ فلستيءَ کي قتل ڪيائين؛ پر دائود جي هٿ ۾ ڪابہ ترار ڪانہ هئي. 51تڏهن دائود ڊوڙي فلستيءَ تي چڙهي بيٺو، ۽ سندس ترار کپ مان ڪڍي انهي سان ڪُٺائينس، ۽ سسي وڍي ڌار ڪيائينس. ۽ جڏهن فلستين ڏٺو تہ سندن پهلوان مارجي ويو، تڏهن هو اُٿي ڀڳا. 52۽ اسرائيل جا، ۽ يهوداہ جا ماڻهو اُٿيا، ۽ نعرا هڻي فلستين جي پٺيان پيا، ۽ گئيءَ تائين، ۽ عقرون جي دروازن تائين هنن کي ڀڄائيندا ويا. ۽ فلستين مان جيڪي ڦٽجي پيا سي شعريم جي راهہ ۾، جات ۽ عقرون تائين پئي ڪِريا. 53۽ بني اسرائيل فلستين کي ڀڄائي پٺتي ورايو، ۽ انهن جي لشڪرگاهہ ۾ ڦرلٽ ڪرڻ لڳا. 54۽ دائود انهي فلستيءَ جي سسي کڻي يروشلم ۾ آيو؛ پر هن جي زرهہ هن پنهنجي تنبو ۾ رکي.
55۽ جڏهن سائول دائود کي فلستيءَ سان وڙهڻ لاءِ ويندو ڏٺو، تڏهن پنهنجي سپهہ سالار ابنير کي چيائين تہ اي ابنير، هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟ ۽ ابنير چيو تہ اي بادشاهہ، تنهنجي جان جو قسم تہ آءٌ چئي نٿو سگهان. 56۽ بادشاهہ چيو تہ پڇا ڪر تہ هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي. 57۽ جڏهن دائود انهيءَ فلستيءَ کي قتل ڪري موٽي آيو، تڏهن ابنير انهي کي سائول وٽ وٺي آيو، ۽ انهي فلستيءَ جي سسي اڃا هن جي هٿ ۾ ئي هئي. 58تڏهن سائول هن کي چيو تہ اي جوان مرد، تون ڪنهن جو پٽ آهين؟ ۽ دائود ورندي ڏني تہ آءٌ تنهنجي ٻانهي بيت لحم واري يسيءَ جو پٽ آهيان.

Currently Selected:

1 - سموئيل 17: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy