YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 15

15
1۽ سموئيل سائول کي چيو، تہ مون کي خداوند موڪليو تہ توکي مسح ڪري سندس قوم تي، يعني اسرائيل تي بادشاهہ ڪريان: تنهنڪري هاڻي تون خداوند جو ڪلام ٻڌ. 2لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي عماليق اسرائيل سان ڪيو سو مون ڏٺو آهي، يعني جڏهن هو مصر مان نڪتو هو تڏهن هو ڪهڙيءَ طرح رستي ۾ هن سان وڙهڻ جي لاءِ ويٺو هو. 3هاڻي وڃي عماليق کي مار، ۽ جيڪي وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر، ۽ اصل نہ ڇڏين؛ مردن، زالن، ٻارن، ۽ کير پياڪن، ڏاندن ۽ رڍن، اُٺن ۽ گڏهن، سڀني کي قتل ڪر.
4۽ سائول ماڻهن کي سڏيو ۽ طلائم ۾ انهن جو شمار ڪرايائين، تہ اُهي ٻہ لک پيادا هئا، ۽ يهوداہ جا ماڻهو ڏهہ هزار ٿيا. 5۽ سائول عماليق جي هڪڙي شهر وٽ آيو، ۽ واديءَ ۾ اچي لڪي ويهي رهيو. 6۽ سائول قينين کي چيو تہ وڃو، روانا ٿيو، ۽ عماليقين منجهان نڪري هيٺ وڃو، تہ متان آءٌ اوهان کي بہ هنن سان گڏ تباهہ ڪري ڇڏيان: ڇالاءِ جو اوهان بني اسرائيل کي سندن مصر مان نڪرڻ وقت مهرباني ڏيکاري. انهي طرح قيني عماليقين مان نڪري هليا ويا. 7۽ سائول عماليقين کي حويلہ کان وٺي، جيئن تون شور ڏي ويندين، جو مصر جي سامهون آهي، تيستائين ماريو. 8۽ هن عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي جيئرو جهليو، ۽ باقي سڀني ماڻهن کي ترار جي ڌار سان چٽ ڪري ڇڏيائين. 9پر سائول ۽ سندس ماڻهن اجاج کي، ۽ تمام چڱين رڍن، ۽ ڏاندن، ۽ ٿلهي متاري مال کي، ڇيلن ۽ گهيٽن کي، ۽ ٻيو جيڪي چڱو هو تنهن کي ڇڏي ڏنو، ۽ بلڪل تباهہ ڪري ڇڏڻ نہ گهريائون: پر جيڪا شيءِ بي ملهہ ۽ نڪمي هئي تنهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيائون.
10تنهن کان پوءِ خداوند جو ڪلام سموئيل تي نازل ٿيو، تہ 11آءٌ سائول کي بادشاهہ ڪري پشيمان ٿيو آهيان: ڇالاءِ جو هو منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦريو آهي، ۽ منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس، تنهن تي سموئيل ڪاوڙيو؛ ۽ سڄي رات خداوند جي اڳيان دعا ڪيائين. 12۽ سموئيل سوير اُٿيو تہ صبح جو سائول کي گڏجي؛ ۽ سموئيل کي خبر ملي تہ سائول ڪرمل ۾ آيو آهي، ۽ هن پنهنجي لاءِ هڪڙو يادگار کڙو ڪيو آهي، ۽ گشت ڪري جلجال ڏانهن لنگهي ويو آهي. 13۽ سموئيل سائول وٽ آيو: ۽ سائول کيس چيو تہ شل خداوند جي توتي برڪت هجي: مون خداوند جو حڪم بجا آندو آهي. 14۽ سموئيل چيو تہ هي جو منهنجن ڪنن ۾ رڍن جي ٻيڪڻ جو، ۽ ڏاندن جي رنڀڻ جو آواز ٿو اچي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟ 15۽ سائول چيو تہ اهي هنن عماليقين مان آندا آهن: ڇالاءِ جو ماڻهن جيڪي تمام چڱيون رڍون، ۽ تمام چڱا ڏاند هئا سي بچائي آندا آهن، انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪن؛ ۽ ٻيو سڀ ڪجهہ اسان اصل چٽ ڪري ڇڏيو آهي. 16تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ بيهہ، آءٌ توکي ٻڌايان تہ رات خداوند مون کي ڇا چيو آهي. هن چيو تہ ٻڌاءِ. 17۽ سموئيل چيو تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجي نظر ۾ تمام حقير هئين، تہ بہ تون اسرائيل جي فرقن جو مهندار نہ ڪيو ويو هئين ڇا؟ ۽ خداوند توکي مسح ڪرائي اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو؛ 18۽ خداوند توکي سفر تي موڪليو، ۽ چيائين تہ وڃي گنهگار عماليقين کي چٽ ڪر، ۽ اهڙو ساڻن وڙهہ جو هو سڀ مري کپي وڃن. 19تڏهن ڇو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو، پر لٽ جي مال تي ڪاهي پئين، ۽ اهڙو ڪم ڪيو اٿئي جو خداوند جي نظر ۾ خراب آهي؟ 20۽ سائول سموئيل کي چيو تہ هائو، مون تہ پاڻ خداوند جو حڪم مڃيو آهي، ۽ جنهن رستي تي خداوند مون کي موڪليو هو انهيءَ تي آءٌ هليو آهيان، ۽ عماليق جي بادشاهہ اجاج کي آندو اٿم، ۽ عماليقين کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو اٿم. 21پر ماڻهن لٽ جي مال مان رڍون ۽ ڏاند، ۽ خاص شيون خداوند تنهنجي خدا جي لاءِ جلجال ۾، قرباني ڪرڻ واسطي هٿ ڪيون آهن. 22۽ سموئيل چيو تہ خداوند کي جهڙي سندس حڪم جي مڃڻ مان خوشي ٿيندي آهي، اهڙي ڪا سوختني قربانيءَ ۽ ذبح ڪرڻ وارين قربانين مان ٿيندي آهي ڇا؟ ڏس، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم مڃڻ گهٽن جي چرٻي کان بهتر آهي. 23ڇالاءِ جو نافرماني جادوگريءَ جهڙو ئي گناهہ آهي، ۽ سرڪشي، بت پرستي ۽ خانگي معبود رکڻ جي برابر آهي. تو خداوند جو حڪم رد ڪيو آهي، تنهنڪري هن بہ توکي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي. 24۽ سائول سموئيل کي چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو مون خداوند جي حڪم کان، ۽ تنهنجي چوڻ کان ٻاهر وک وڌي آهي: ڇالاءِ جو آءٌ ماڻهن کان ڊنس، ۽ انهن جي ڳالهہ مڃيم. 25تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو گناهہ معاف ڪر، ۽ مون سان گڏجي موٽي هل تہ آءٌ خداوند کي سجدو ڪريان. 26۽ سموئيل سائول کي چيو تہ آءٌ توسان گڏجي موٽي نہ هلندس: ڇالاءِ جو تو خداوند جو ڪلام رد ڪيو آهي، ۽ خداوند توکي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي. 27۽ جيئن سموئيل منهن ڦيرائي اُٿي هلڻ لڳو تيئن هن سندس دامن جهلي، جا ڦاٽي پئي. 28۽ سموئيل هن کي چيو تہ اڄ خداوند اسرائيل جي بادشاهي توکان ڇني ڦاڙي ورتي آهي: ۽ اُها تنهنجي هڪڙي پاڙيسريءَ کي ڏني اٿس، جو توکان چڱو آهي. 29۽ جيڪو اسرائيل جو ڏڍ آهي سو نڪي ڪوڙ ڳالهائيندو، نڪي پشيمان ٿيندو: ڇالاءِ جو اُهو انسان ناهي جو پشيمان ٿئي. 30تڏهن هن چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: انهي هوندي بہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي قوم جي بزرگن جي اڳيان، ۽ اسرائيل جي اڳيان، منهنجي آبرو رک؛ ۽ مون سان گڏجي موٽي هل تہ آءٌ خداوند، تنهنجي خدا کي سجدو ڪريان. 31تڏهن سموئيل ڦري سائول جي پٺيان ويو؛ ۽ سائول خداوند کي سجدو ڪيو.
32پوءِ سموئيل چيو تہ اوهين عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي هيڏي مون وٽ وٺي اچو. ۽ اجاج ٻڏندو ترندو هن وٽ آيو. ۽ اجاج چيو تہ موت جي تلخي ضرور لنگهي ويئي هوندي. 33۽ سموئيل چيو تہ جيئن تنهنجي ترار زالن کي بي اولاد ڪري ڇڏيو آهي تيئن تنهنجي ماءُ بہ زالن ۾ بي اولاد ٿيندي. ۽ سموئيل اجاج کي جلجال ۾، خداوند جي اڳيان وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.
34تنهن کان پوءِ سموئيل رامہ ڏي ويو؛ ۽ سائول پنهنجي گهر، سائول واري جبعہ ڏي ويو. 35۽ سموئيل وري سائول کي ڏسڻ نہ ويو، جيسين ڪ هن جي موت جو ڏينهن نہ آيو: ۽ سموئيل سائول جي لاءِ افسوس ڪيو: ۽ خداوند سائول کي اسرائيل تي بادشاهہ ڪرڻ کان پشيماني ظاهر ڪئي.

Currently Selected:

1 - سموئيل 15: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy