YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 14

14
1هاڻي هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ سائول جي پٽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هن پاسي فلستين جي قلعي واري فوج ڏي هلون. پر اها ڳالهہ هن پنهنجي پيءُ کي نہ ٻڌائي. 2۽ سائول جبعہ جي سرحد تي، جيڪو ڏاڙهونءَ جو وڻ مجرون ۾ آهي، تنهن هيٺان رهيو پيو هو: ۽ اٽڪل ڇهہ سؤ ماڻهو ساڻس هئا. 3۽ اخياہ بن اخيطوب، جو يڪبود بن فينحاس، بن عيلي جو ڀاءُ هو، ۽ سيلا ۾ خداوند جو ڪاهن هو، سو بہ اُفود ڍڪيو ويٺو هو، ۽ ماڻهن کي ڪابہ خبر ڪانہ هئي تہ يونتن هليو ويو آهي. 4۽ جن جبل وارن لڪن جي وچان يونتن فلستين جي قلعي واري فوج ڏي وڃڻ ٿي گهريو، اُتي هڪڙي پاسي هڪڙي اُڀ ڪپري ٽڪري هئي، ۽ ٻئي پاسي ٻي اُڀ ڪپري ٽڪري هئي: ۽ هڪڙي جو نالو بوصيص هو ۽ ٻيءَ جو سنہ. 5هڪڙي ٽڪري اُتر ڏي مڪماس جي سامهون هئي، ۽ ٻي ڏکڻ ڏي جبع جي سامهون. 6۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هنن اڻ طهريلن جي فوج ۾ هلون: من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري: ڇالاءِ جو ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گهڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي 7۽ هن جي زرهہ بردار کيس چيو تہ جيئن تنهنجي دل چوي تيئن ڪر؛ ڦري هل، ڏس آءٌ تنهنجي مرضيءَ موجب توسان آهيان. 8تڏهن يونتن چيو تہ ڏس، اسين انهن ماڻهن ڏانهن لنگهي هلي وٽن پاڻ ظاهر ڪنداسين. 9جيڪڏهن هو اسان کي چوندا تہ جيسين اسين اچون تيسين ترس؛ تہ پوءِ اسين پنهنجي جاءِ تي بيهي رهنداسين، ۽ اُنهن تائين نہ هلنداسين. 10پر جي هو چوندا تہ اسان وٽ اچو تہ پوءِ اسين چڙهي هلنداسين: ڇالاءِ جو خداوند انهن کي اسانجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي: ۽ اها اسان جي لاءِ نشاني ٿيندي. 11تڏهن هنن ٻنهي فلستين جي فوج وٽ وڃي پاڻ کي ظاهر ڪيو: ۽ فلستين چيو تہ ڏسو، عبراني جن غارن ۾ وڃي لڪا هئا تن مان نڪري پيا اچن. 12۽ فوجي ماڻهن يونتن ۽ سندس زرهہ بردار کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان وٽ چڙهي اچو تہ اوهان کي هڪڙي شيءِ ڏيکاريون، ۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار کي چيو تہ منهنجي پٺيان اچ: ڇالاءِ جو خداوند هنن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. 13۽ يونتن پنهنجن هٿن ۽ پيرن سان مٿي چڙهيو، ۽ سندس زرهہ بردار پٺيانس لڳو: ۽ هو يونتن جي اڳيان شڪست کائي ڪِريا؛ ۽ سندس زرهہ بردار بہ سندس پٺيان هنن کي قتل ڪيو. 14۽ اهو پهريون ڪوس، جو يونتن ۽ سندس زرهہ بردار هنن ۾ وڌو، تنهن ۾ اٽڪل ويهہ ماڻهو زمين جي هڪڙي ايڪڙ جي هر کيڙڻ جي ڪياڙيءَ جيتري ٽڪر جي اڌ ۾ مارجي ويا. 15۽ لشڪرگاهہ ۾، ميدان ۾، ۽ سڀني ماڻهن ۾، اچي ڏڪڻي پيئي؛ فوجي ۽ ڦرلٽ ڪرڻ وارا بہ پئي ڏڪيا: ۽ زمين بہ پئي ڌٻي؛ مطلب تہ نهايت وڏي ڏڪڻي پئجي ويئي. 16۽ سائول جي پهري وارن بنيمين جي جبعہ ڏانهن پئي نهاريو؛ ۽ ڏسن تہ خلق ٽڙي پکڙي گم ٿي ويئي، ۽ ماڻهو هيڏي هوڏي هليا ويا
17تڏهن سائول اُنهن ماڻهن کي چيو جي ساڻس هئا تہ شمار ڪريو ۽ ڏسو تہ اسان مان ڪير نڪري ويو آهي، ۽ جڏهن هنن شمار ڪيو تڏهن ڏسن تہ يونتن ۽ سندس زرهہ بردار آهن ئي ڪونہ. 18۽ سائول اخياہ کي چيو تہ خدا جي صندوق کڻي اچ، ڇالاءِ جو خدا جي صندوق انهي وقت بني اسرائيل وٽ اُتي هئي. 19۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اڃا سائول ڪاهن سان پئي ڳالهايو، تڏهن فلسطين جي لشڪرگاهہ ۾ جيڪو گوڙ هو سو وڌندو ويو: ۽ سائول ڪاهن کي چيو تہ پنهنجو هٿ کڻي وٺ. 20۽ سائول، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي گڏ ٿيا، ۽ جنگ ڪرڻ آيا: ۽ ڏسو هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ترار سندس سنگتيءَ جي مٿان هئي، ۽ نهايت گهڻي پريشاني، ۽ حيراني پئجي وئي. 21هاڻي جيڪي عبراني اڳي وانگر فلسطين سان هئا، ۽ جيڪي اُنهن سان گڏجي آس پاس واري ملڪ مان لشڪرگاهہ ڏي ويا هئا: سي بہ ڦري انهن اسرائيلين سان ٿيا جي سائول ۽ يونتن سان هئا. 22ساڳيءَ طرح اسرائيل جا سڀ ماڻهو، جي افرائيم جي ڪوهستان ۾ وڃي لڪا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ فلستي ڀڄي ويا، تڏهن اُهي بہ جنگ ۾ اُنهن جي پٺيان سوڙها اچي پيا. 23انهي طرح خداوند انهي ڏينهن اسرائيل کي بچايو: ۽ جنگ لنگهي بيت آون جي پاسي کان ويئي. 24۽ اسرائيل جا ماڻهو انهي ڏينهن ڏاڍي تڪليف ۾ هئا: پر سائول ماڻهن کي قسم ڏيئي چيو تہ لعنت هجي انهي ماڻهوءَ تي جو اڄ شام تائين کاڌو کائي، جيستائين ڪ آءٌ پنهنجن دشمنن کان وير نہ وٺان. تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ کاڌو نہ چکيو. 25۽ سڀ ماڻهو ٻيلي ۾ آيا؛ ۽ اُتي زمين تي ماکي پئي هئي. 26۽ جڏهن ماڻهو ٻيلي ۾ آيا، تڏهن ڏسن تہ ماکي پئي ٽمي: پر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي وات تائين هٿ نہ آندو؛ ڇالاءِ جو ماڻهو قسم کان ڊنا. 27پر يونتن اِهو ڪونہ ٻڌو هو تہ پڻس ماڻهن کي قسم ڏنو آهي: تنهنڪري هن پنهنجي هٿ واري لٺ جو ڇيڙو ماکيءَ جي ماناري ۾ ٽنبي، پنهنجو هٿ وات تائين آندو؛ ۽ سندس اکيون روشن ٿيڻ لڳيون. 28تڏهن ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏئي چيو تہ تنهنجي پيءُ ماڻهن کي سخت قسم ڏنو هو ۽ چيو هئائين تہ جيڪو اڄ ڪجهہ بہ کائيندو تنهن تي لعنت هجي؛ ۽ ماڻهو ٿڪل هئا. 29تڏهن يونتن چيو تہ بابي ملڪ کي تڪليف ۾ وڌو آهي: آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ڏسو تہ مون ٿوري ماکي چکي آهي تہ منهنجون اکيون ڪيئن نہ روشن ٿي پيون آهن. 30جيڪڏهن ماڻهو پنهنجن دشمنن جي هٿ ڪيل لٽ جي مال مان اڄ ڍءُ ڪري کائين ها، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ فائدو ٿئي ها؟ ڇالاءِ جو هاڻي فلستين ۾ ڪوبہ وڏو ڪوس ڪونہ ٿيو آهي. 31پوءِ هنن انهي ڏينهن مڪماس کان وٺي ايالون تائين فلستين کي ماريو: ۽ ماڻهو تمام ٿڪجي پيا. 32۽ ماڻهو لٽ جي مال تي ڪاهي اچي پيا، ۽ رڍون، ۽ ڏاند، ۽ گابا هٿ ڪيائون، ۽ اُهي زمين تي ذبح ڪيائون: ۽ ماڻهن اُهي رت سميت کاڌا. 33تڏهن هنن سائول کي چيو تہ ماڻهو خداوند جو گناهہ ٿا ڪن، جو رت سميت کائين ٿا. ۽ هن چيو تہ اوهان دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي: هاڻي هڪڙو وڏو پٿر ليٽائي مون کي آڻي ڏيو. 34۽ سائول چيو تہ اوهين ماڻهن ۾ پکڙي وڃو، ۽ انهن کي چئو تہ سڀ ڪو ماڻهو پنهنجو پنهنجو ڏاند ۽ پنهنجي پنهنجي رڍ هتي مون وٽ آڻي، ۽ هتي ڪهي کائي؛ ۽ رت سميت کائڻ ڪري خداوند جو گناهہ نہ ڪريو. تڏهن سڀني ماڻهن انهي رات پنهنجا پنهنجا ڏاند آندا ۽ اُتي ڪُٺائون. 35۽ سائول خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي: اها پهرئين قربانگاهہ هئي جا هن خداوند جي لاءِ جوڙي.
36پوءِ سائول چيو تہ هلو تہ رات جو فلستين تي ڪاهي هلون، ۽ صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين انهن کي ڦريون لٽيون، ۽ انهن مان هڪڙو ماڻهو بہ نہ ڇڏيون. ۽ هنن چيو تہ جيڪي توکي مناسب نظر اچي سو ڪر. تڏهن ڪاهن چيو تہ اچو تہ پهرين خداوند جي ويجهو وڃون. 37۽ سائول خدا کان صلاح پڇي تہ آءٌ فلستين جي پٺيان وڃان يا نہ؟ تون هنن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندين يا نہ؟ پر هن کيس ورندي نہ ڏني. 38۽ سائول چيو تہ اي سردارو، اوهين سڀ رڙهي هتي ويجها اچو: ۽ ڄاڻو ۽ ڏسو تہ اڄوڪي ڏينهن ڪهڙي ڳالهہ ۾ اهو گناهہ ٿيو آهي. 39ڇالاءِ جو انهي خداوند جيئري جو قسم آهي جنهن اسرائيل کي بچايو آهي، تہ جي اهو گناهہ منهنجي پٽ يونتن ئي جو هوندو تہ اهو ضرور مرندو، پر ماڻهن مان ڪنهن بہ هن کي ورندي ڪانہ ڏني. 40تڏهن هن سڀني اسرائيلين کي چيو تہ اوهين هڪ پاسي ۽ آءٌ ۽ منهنجو پٽ يونتن ٻئي پاسي ٿينداسين. تڏهن ماڻهن سائول کي چيو تہ جيئن توکي چڱو ڏسڻ ۾ اچي تيئن ڪر. 41تنهنڪري سائول خداوند اسرائيل جي خدا کي چيو تہ حق ڏيکار. ۽ يونتن ۽ سائول ڪڻن وجهڻ سان ڪڍيا ويا: پر ٻيا ماڻهو بچي ويا. 42تڏهن سائول چيو تہ منهنجي ۽ منهنجي پٽ جي وچ ۾ ڪڻا وجهو. ۽ يونتن ڪڍيو ويو. 43تڏهن سائول يونتن کي چيو تہ مون کي ٻڌاءِ تہ تو ڇا ڪيو آهي، ۽ يونتن چيس تہ جيڪا لٺ منهنجي هٿ ۾ هئي تنهن جي ڇيڙي سان مون بيشڪ ماکيءَ جو ذرو چکيو؛ ۽ ڏس، هاڻي ضرور مون کي مرڻو پوندو. 44تڏهن سائول چيو تہ خدا شل ائين ڪري، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ: ڇالاءِ جو اي يونتن، تون ضرور مرندين. 45۽ ماڻهن سائول کي چيو تہ يونتن، جنهن اسرائيل ۾ هي وڏو ڇوٽڪاري جو ڪم ڪيو آهي، ماريو ويندو ڇا؟ شل خدا ائين نہ ڪري. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو؛ ڇالاءِ جو هن اڄ خدا سان گڏجي ڪم ڪيو آهي. انهي طرح ماڻهن يونتن کي ڇڏايو جنهنڪري هو ڪين مئو. 46تڏهن سائول فلستين جي پٺيان پوڻ کان بس ڪري مٿي هليو ويو: ۽ فلستي پنهنجي ملڪ ڏي هليا ويا.
47هاڻي جڏهن سائول کي اسرائيل تي بادشاهي ملي تڏهن هو هر طرف پنهنجن سڀني دشمنن سان وڙهيو، يعني موآب سان، بني عمون سان، ادوم سان، ۽ ضوباہ جي بادشاهن سان، ۽ فلستين سان: ۽ جنهن پاسي هن منهن ٿي ڪيو، انهي پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين. 48۽ هن بهادري جا ڪم ڪيا، ۽ عماليقين کي ماريائين، ۽ اسرائيل کي انهن جي هٿان ڇڏايائين، جن هنن کي ڦريو ۽ لٽيو ٿي.
49هاڻي سائول جا پٽ يونتن، ۽ اسوي، ۽ ملڪيشوع هئا؛ ۽ هن جي ٻن ڌيئرن جا نالا هي آهن؛ پهرين ڄاول جو نالو ميرب، ۽ ننڍيءَ جو نالو ميڪل: 50۽ سائول جي زال جو نالو اني نوعم هو، جا اخي معض جي ڌيءَ هئي: ۽ سندس سپهہ سالار جو نالو ابنير هو، جو سائول جي چاچي نير جو پٽ هو. 51۽ سائول جو پيءُ قيس هو؛ ۽ ابنير جو پيءُ نير، ابي ايل جو پٽ هو.
52۽ سائول جي سڀني ڏينهن ۾ فلستين سان سخت جنگ لڳي آئي: ۽ جڏهن سائول ڪو زور وارو ماڻهو يا بهادر شخص ڏسندو هو تہ انهي کي آڻي پاڻ وٽ رکندو هو.

Currently Selected:

1 - سموئيل 14: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy