1 - يوحنا 2
2
1اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اهي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن انهي لاءِ ٿو لکان تہ اوهين گناهہ نہ ڪريو. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کڻي گناهہ ڪري تہ پيءُ وٽ اسان جو هڪڙو مددگار موجود آهي، يعني يسوع مسيح راستباز: 2۽ اهو ئي اسانجن گناهن جو ڪفارو آهي؛ ۽ نہ رڳو اسانجن گناهن جو، پر ساري دنيا جي گناهن جو. 3۽ جيڪڏهن اسين هن جا حڪم بجا آڻينداسين تہ انهي مان اسان کي معلوم ٿيندو تہ اسين کيس سڃاڻون ٿا. 4۽ جيڪو چوي ٿو تہ آئون هن کي سڃاڻان ٿو ۽ سندس حڪمن تي نٿو هلي، سو ڪوڙو آهي ۽ منجهس سچائي ڪانهي. 5پر جيڪو هن جي ڪلام تي عمل ٿو ڪري، اُنهيءَ ۾ تحقيق خدا جي محبت ڪامل ٿي آهي. انهيءَ طرح اسان کي معلوم ٿو ٿئي تہ اسين اُنهيءَ ۾ قائم آهيون: 6جيڪو چوي ٿو تہ آئون هن ۾ رهان ٿو، تنهن کي گهرجي تہ پاڻ بہ ائين ئي هلي، جيئن هو هلندو هو.
7اي پيارو، آئون اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نٿو لکان، پر اهو ئي اڳيون حڪم جو شروعات کان وٺي اوهان کي مليو هو: اڳيون حڪم اهو ئي ڪلام آهي جو اوهان شروع کان ٻُڌو. 8وري اوهان ڏانهن هڪڙو نئون حڪم ٿو لکان، جا ڳالهہ منجهس توڙي اوهان ۾ سچي آهي؛ ڇالاءِ جو اوندهہ گذرندي ٿي وڃي، ۽ سچي روشني هاڻي چمڪڻ لڳي آهي. 9جيڪو چوي ٿو تہ آئون سوجهري ۾ آهيان، پر پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو ڪري، سو اڃا تائين اوندهہ ۾ آهي. 10جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي پيار ٿو ڪري، سو روشنيءَ ۾ ٿو رهي، ۽ انهي کي گمراهہ ٿيڻ جو ڪوبہ سبب ڪونهي. 11پر جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو ڪري، سو اوندهہ ۾ آهي، ۽ اوندهہ ۾ پيو هلي، ۽ خبر نٿي پويس تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، ڇوتہ اوندهہ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي.
12اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان جو سندس نالي ڪري اوهان جا گناهہ معاف ڪيا ويا آهن. 13اي بزرگو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان جو جيڪو شروعات کان وٺي آهي تنهن کي اوهين سڃاڻو ٿا. اي جوانو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان، جو اوهين انهي شرير تي غالب پيا آهيو. اي ننڍڙا ٻارو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي، جو اوهين پيءُ کي سڃاڻو ٿا. 14اي بزرگو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي، تہ جيڪو شروعات کان وٺي آهي تنهن کي اوهين سڃاڻو ٿا. اي جوانو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي جو اوهين مضبوط آهيو، ۽ خدا جو ڪلام اوهان ۾ رهي ٿو، ۽ اوهين انهي شرير تي غالب پيا آهيو. 15دنيا سان محبت نہ رکو، نڪي انهن شين سان، جي دنيا ۾ آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو دنيا سان محبت رکي ٿو تہ انهيءَ ۾ پيءُ جي محبت ڪانهي. 16ڇالاءِ جو جيڪي بہ دنيا ۾ آهي، يعني جسماني خواهش، ۽ اکين جي خواهش، ۽ حياتيءَ جي مغروري، سا پيءُ جي طرفان نہ آهي، پر دنيا جي طرفان آهي. 17۽ دنيا توڙي سندس خواهش ٻئي گذرنديون ٿيون وڃن، پر جيڪو خدا جي مرضيءَ تي ٿو هلي، سو هميشہ تائين قائم ٿو رهي.
18اي ننڍڙا ٻارو، پڇاڙيءَ واري گهڙي اچي پهتي آهي: ۽ جيئن اوهان ٻُڌو آهي تہ مخالف مسيح اچڻ وارو آهي، تيئن هاڻي ئي گهڻا مخالف مسيح پيدا ٿيا آهن؛ تنهن مان اسين سمجهون ٿا تہ پوئين گهڙي اچي پهتي آهي. 19اهي نڪتا تہ اسان منجهان ئي آهن، مگر اُهي اسان جا ڪين هئا؛ ڇالاءِ جو جي هو اسان منجهان هجن ها، تہ اسان سان گڏ ٿي رهندا اچن ها: پر هو نڪري ويا آهن، انهي لاءِ تہ ظاهر ٿئي تہ هو سڀ اسان منجهان ناهن. 20۽ انهي قدوس اوهان کي مسح ڪيو آهي، ۽ اوهين سڀ ڳالهيون ڄاڻو ٿا. 21مون جو اوهان کي لکيو آهي سو هن ڪري نہ، تہ اوهان کي سچ جي خبر ڪانهي، پر هن ڪري تہ اوهان کي انهي جي خبر آهي، ۽ هن ڪري تہ سچ مان ڪو ڪوڙ نٿو نڪري. 22ڪوڙو ٻيو ڪير آهي، سواءِ انهي جي، جو هن ڳالهہ جو انڪار ٿو ڪري تہ يسوع ئي مسيح آهي؟ مخالف مسيح بہ اهو ئي آهي، جو پيءُ ۽ پٽ کي مڃڻ کان انڪار ٿو ڪري.
23جيڪو پٽ کي نٿو مڃي، تنهن وٽ پيءُ نہ آهي: جيڪو پٽ کي مڃي ٿو، تنهن وٽ پيءُ بہ آهي. 24باقي اوهان جيڪي شروع کان ٻُڌو، سو اوهان ۾ قائم رهي. جيڪي شروع کان ٻُڌو اٿوَ، سو جيڪڏهن اوهان ۾ رهندو، تہ اوهين بہ پٽ توڙي پيءُ ٻنهي ۾ رهندا. 25۽ اهوئي واعدو آهي جو هن اسان سان ڪيو؛ يعني هميشہ جي زندگي. 26هي ڳالهيون مون اوهان ڏانهن انهن بابت لکيون آهن، جي اوهان کي گمراهہ ڪيو ٿا ڇڏين. 27باقي هن اوهان کي جيڪو مسح ڪيو آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو، ۽ اوهان کي انهي جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري، پر جيئن انهي جو مسح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو، ۽ اُهو سچو آهي ۽ ڪوڙو ڪينهي، ۽ جيئن انهي اوهان کي سيکاريو، تيئن اوهين منجهس قائم رهندا اچو. 28۽ هاڻي اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، انهي ۾ قائم رهجو، تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي تڏهن اسان کي همت هجي، ۽ اسين هن جي اچڻ مهل سندس اڳيان شرمندا نہ ٿيون. 29جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ٿا تہ هو راستباز آهي، تہ اها بہ خبر اٿوَ تہ جيڪو راستبازيءَ جا ڪم ٿو ڪري سو هن مان پيدا ٿيو آهي.
Currently Selected:
1 - يوحنا 2: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.