1 - يوحنا 1
1
1زندگيءَ جو ڪلام، جو شروعات کان وٺي هو، جو اسان ٻُڌو، ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ جو اسان غور سان ڏٺو ۽ هٿن سان ڇهيو، تنهن بابت 2(۽ اها زندگي ظاهر ٿي، ۽ اسان ڏٺي آهي ۽ انهي جي شاهدي ٿا ڀريون، ۽ اُنهيءَ زندگيءَ، يعني هميشہ واري زندگيءَ جي خبر ٿا ڏيون، جا پيءُ سان هئي ۽ جا اسان تي ظاهر ٿي؛) 3جيڪي اسان ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، سو اوهان کي بہ ٻُڌايون ٿا، تہ اوهين بہ اسان سان شريڪ ٿيو: ۽ اسان جي شراڪت پيءُ سان، ۽ سندس فرزند يسوع مسيح سان آهي. 4۽ اهي ڳالهيون اسين هن لاءِ ٿا لکون تہ اسان جي خوشي پوري ٿئي.
5۽ جيڪو پيغام اسان هن کان ٻُڌو، سو هي آهي ۽ اوهان کي ڏيون ٿا، تہ خدا روشني آهي، ۽ منجهس اوندهہ اصل ڪانهي. 6جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان جي هن سان شراڪت آهي، ۽ اوندهہ ۾ هلون تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون، ۽ سچ تي نٿا هلون: 7پر جي اسين روشنيءَ ۾ هلون، جيئن ڪ پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ اسان جي پاڻ ۾ شراڪت آهي، ۽ سندس فرزند يسوع جو رت اسان کي سموري گناهہ کان صاف ٿو ڪري. 8جيڪڏهن اسين چئون تہ اسين بي گناهہ آهيون، تہ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچائي ڪانهي. 9جي اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ هو اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ، ۽ اسان کي سموري ناراستيءَ کان پاڪ ڪرڻ ۾ سچو ۽ عادل آهي. 10جي اسين چئون تہ اسان گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، تہ هن کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ سندس ڪلام اسان ۾ نہ آهي.
Currently Selected:
1 - يوحنا 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.