1 - يوحنا 3
3
1ڏسو، پيءُ اسان سان ڪهڙي نہ محبت ڪئي آهي، جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون: ۽ اسين آهيون بہ. دنيا اسان کي انهي ڪري نٿي سڃاڻي جو اها کيس بہ سڃاڻي نہ سگهي. 2اي پيارو، هاڻي اسين خدا جا ٻار آهيون، ۽ اڃا اها ڳالهہ ظاهر ڪانہ ٿي آهي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن هو ظاهر ٿيندو، تڏهن اسين بہ ان جهڙا ٿينداسين. 3۽ جنهن مٿس اها اُميد رکي آهي، سو پاڻ کي اهڙو پاڪ ڪري جهڙو هو پاڪ آهي. 4جيڪو گناهہ ٿو ڪري سو بي شرع ڪم ٿو ڪري؛ ۽ گناهہ شرع جي برخلاف آهي. 5۽ اوهان کي خبر آهي تہ هو جو ظاهر ٿيو هو، سو انهي لاءِ تہ گناهہ کڻي وڃي؛ ۽ منجهس گناهہ اصل ئي ڪونهي. 6جيڪو منجهس رهي ٿو، سو گناهہ نٿو ڪري: جيڪو گناهہ ڪري ٿو، تنهن نڪي کيس ڏٺو آهي، نڪي کيس سڃاڻي ٿو. 7اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ ڪري: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم ٿو ڪري، سو انهي وانگر راستباز آهي. 8جيڪو گناهہ ٿو ڪري، سو شيطان مان آهي؛ ڇالاءِ تہ شيطان شروعات کان وٺي گناهہ ڪندو اچي. خدا جو فرزند انهي مطلب لاءِ ظاهر ٿيو تہ هو شيطان جي ڪمن کي برباد ڪري. 9جيڪو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي سو گناهہ نٿو ڪري، ڇالاءِ جو هن جو ٻج منجهس رهي ٿو: ۽ هو گناهہ ڪري ئي ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو هو خدا مان پيدا ٿيل آهي. 10انهي ڪري خدا جا ٻار ۽ شيطان جا ٻار پڌرا ٿا ٿين: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم نٿو ڪري، سو خدا مان ناهي، نڪي اهو جو پنهنجي ڀاءُ کي پيار نٿو ڪري. 11ڇالاءِ جو هي اهوئي پيغام آهي جو شروعات کان وٺي اوهان ٻُڌو، تہ اوهان کي گهرجي تہ هڪٻئي کي پيار ڪريو، 12نہ قائن وانگر، جو انهي بڇڙي مان هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيائين. ۽ هن ڇو انهي کي قتل ڪيو؟ ڇالاءِ جو سندس ڪم برا هئا، ۽ سندس ڀاءُ جا ڪم راستبازيءَ جا هئا. 13اي ڀائرو، جي دنيا اوهان سان دشمني ٿي رکي تہ عجب ۾ نہ پئو. 14اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيا آهيون، ڇالاءِ جو اسين ڀائرن کي پيار ٿا ڪريون. جيڪو پيار نٿو ڪري سو موت ۾ ٿو رهي. 15جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو ڪري، سو خوني آهي: ۽ اوهان کي خبر آهي تہ ڪنهن بہ خونيءَ ۾ هميشہ جي زندگي ڪانهي. 16انهي مان اسان کي پيار جي خبر پيئي آهي، ڇالاءِ جو هن اسان جي لاءِ پنهنجي جان ڏني: ۽ اسان کي بہ پنهنجن ڀائرن لاءِ جان ڏيڻ گهرجي. 17پر جنهن وٽ دنيا جو مال آهي، ۽ اهو پنهنجي ڀاءُ کي گهُرج ۾ ڏسي مٿس رحم نٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن رهي سگهندو؟ 18اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اسان کي رڳو ڳالهين ۽ زبان جو نہ، پر عملي ۽ سچائيءَ جو پيار ڪرڻ کپي. 19انهي مان اسان کي خبر پوندي تہ اسين سچ مان آهيون، ۽ سندس حضور ۾ اسان جي دل کي خاطري ملندي. 20خاص ڪري انهن ڳالهين ۾ جن ۾ اسان جي دل اسان کي ڏوهہ ٿي ڏئي. ڇالاءِ جو خدا اسان جي دل کان وڏو آهي، ۽ سڀني ڳالهين جي خبر اٿس. 21اي پيارو، جيڪڏهن اسان جي دل اسان کي ڏوهہ نہ ڏيندي، تہ خدا جي حضور ۾ اسان کي همت ٿيندي؛ 22۽ جيڪي کانئس گهُرنداسين سو هن کان اسان کي ملندو، ڇالاءِ جو اسين سندس حڪم مڃون ٿا، ۽ جيڪي ڪم هن جي نظر ۾ پسند آهن سي ٿا ڪريون. 23۽ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس فرزند يسوع مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون، ۽ هڪٻئي کي پيار ڪريون، جيئن تہ هن اسان کي حڪم ڏنو. 24۽ جيڪو هن جي حڪم تي عمل ٿو ڪري، سو هن ۾ قائم ٿو رهي ۽ هو انهي ۾. ۽ انهي مان اسين ڄاڻون ٿا تہ هو اسان ۾ رهي ٿو، يعني انهي روح مان جو هن اسان کي ڏنو.
Currently Selected:
1 - يوحنا 3: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.