عبدياہ 1
1
1عبدياہ جو رويا.
خداوند خدا ادوم جي بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ اسان خداوند وٽان اها خبر ٻڌي آهي، ۽ قومن ۾ هڪڙو ايلچي موڪليو ويو آهي، تہ اوهين اُٿو ۽ اچو، تہ چڙهي هلي هن سان جنگ ڪريون. 2ڏس، مون توکي قومن ۾ حقير ڪيو آهي: تون تمام گهڻو ڌڪاريل آهين. 3تون جو ٽڪرن جي چرن ۾ رهين ٿو، جنهن جي رهڻ جو مڪان مٿانهون آهي، توکي تنهنجي دل جي مغروريءَ ٺڳيو آهي، جو پنهنجي دل ۾ چوين ٿو تہ ڪير مون کي زمين تي ڪيرائي وجهندو؟ 4خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون عقاب وانگي مٿي چڙهندين، ۽ جيتوڻيڪ تنهنجو آکيرو کڻي تارن منجهہ ٺاهيل هجي، تہ بہ آءٌ اُتان توکي لاهي هيٺ آڻيندس؛ 5جيڪڏهن چور تو وٽ اچن، جيڪڏهن ڌاڙيل رات جو کڻي اچن، (تون ڪهڙو نہ وڍجي ويو آهين!) تہ اُهي ايستائين نہ پيا چورائيندا ڇا جيستائين جيترو کپين اوترو کڻي وڃن؟ جيڪڏهن ڊاک چونڊيندڙ تو وٽ اچن، تہ اُهي ڪي داڻا جيڪر ڇڏي نہ وڃن ڇا؟ 6پر عيسوءَ جون شيون ڪيئن نہ ڳولي ڪڍيون اٿن! هن جا لڪل خزانا ڪيئن نہ تلاش ڪري لڌا اٿن! 7تنهنجي سڀني صلاحڪارن توکي ڌڪي ڪڍي سرحد تي آندو آهي. جيڪي ماڻهو توسان صلح ۾ هئا، تن توکي ٺڳيو آهي، ۽ اُهي توتي غالب آيا آهن. جيڪي تنهنجي ماني ٿا کائين، سي تنهنجي هيٺان ڦانڌو ٿا رکن: هن ۾ ڪابہ سمجهہ ڪانهي. 8خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن آءٌ ادوم مان ڏاها ماڻهو، ۽ عيسو جي جبل مان سمجهہ ناس ڪري نہ ڇڏيندس ڇا؟ 9اي تيمان، تنهنجا بهادر مرد حيران پريشان ٿيندا، انهي لاءِ تہ سڀڪو ماڻهو عيسوءَ جي جبل مان قتل ڪيو وڃي. 10جيڪا زور زبردستي تو پنهنجي ڀاءُ يعقوب سان ڪئي آهي، تنهن جي ڪري شرم توکي ڍڪي ڇڏيندو، ۽ تون هميشہ لاءِ وڍيو ويندين. 11جنهن ڏينهن ڌاريا ماڻهو هن جو مال متاع کڻي ويا، انهيءَ ڏينهن تون علحدو ٿي بيٺين؛ ۽ جنهن ڏينهن ٻين ملڪن جا ماڻهو هن جي درن اندر گهڙي آيا، ۽ يروشلم تي ڪُڻا وجهڻ لڳا، انهي ڏينهن تون بہ هنن جهڙو هئين. 12پر تون پنهنجي ڀاءُ جي مصيبت جي ڏينهن نہ بيهي نهار، ۽ يهوداہ جي اولاد تي سندن تباهي جي ڏينهن خوشي نہ ڪر؛ نڪي مصيبت جي ڏينهن فخر جون ڳالهيون ڪر. 13تون منهنجي قوم جي در اندر سندن مصيبت جي ڏينهن متان گهڙين، هائو، آفت جي ڏينهن هنن جي مصيبت تي بيهي نہ نهار، نڪي سندن آفت جي ڏينهن سندن مال ملڪيت تي تون پنهنجا هٿ ڊگهير. 14۽ تون چوسول تي نہ بيهہ، انهي لاءِ تہ هن جي ماڻهن مان جيڪي ڀڄي نڪرن، تن کي قتل ڪرين: 15ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن سڀني قومن تي ويجهو آيو آهي: جيئن تو پاڻ ڪيو آهي، تيئن توسان بہ ڪيو ويندو؛ تنهنجو ڪيو خود تنهنجي مٿي تي موٽي ايندو. 16ڇالاءِ جو جيئن اوهان منهنجي پاڪ جبل تي پيتو آهي، تيئن سڀ قومون هميشہ پيون پيئنديون؛ هائو، هو پيئنديون ۽ ڳهي وينديون، ۽ اهڙيون ٿينديون ڄڻ تہ هيون ئي ڪين. 17پر صيون جي جبل تي اُهي هوندا، جي ڀڄي نڪرندا، ۽ اُهو پاڪ ٿيندو، ۽ يعقوب جو گهراڻو پنهنجي ملڪيت جو مالڪ ٿيندو. 18۽ يعقوب جو گهراڻو هڪڙي باهہ ٿيندو ۽ يوسف جو گهراڻو شعلي وانگر ٿيندو، ۽ عيسو جو گهراڻو بهہ ٿيندو، ۽ اُهي هنن جي وچ ۾ ٻرندا ۽ هنن کي ساڙي ڇڏيندا: ۽ عيسو جي گهراڻي مان هڪڙو بہ نہ بچندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي. 19۽ ڏکڻ وارا عيسو جو جبل هٿ ڪندا؛ ۽ هيٺانهين ملڪ وارا فلستين هٿ ڪندا: ۽ هو افرائيم جي ٻني ۽ سامريہ جي ٻني هٿ ڪندا: ۽ بنيمين جلعاد جو مالڪ ٿيندو. 20۽ بني اسرائيل جي لشڪر جا قيدي جي ڪنعانين منجهہ آهن، سي صارپت تائين ملڪ جا وارث ٿيندا، ۽ يروشلم جا قيدي جي سفاراد ۾ آهن، سي ڏکڻ جا شهر هٿ ڪندا. 21۽ صيون جي جبل تي نجات ڏيندڙ اچي ويندا، انهي لاءِ تہ عيسو جي جبل جي عدالت ڪن؛ ۽ بادشاهت خداوند جي ٿيندي.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
عبدياہ 1: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.