مرقس 12

12
1۽ هو وري اُنهن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو. ۽ چيائين تہ ڪنهن ماڻهوءَ هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايو، ۽ انهي جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، ۽ رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪڙو حوض کوٽيائين، ۽ هڪڙو ٺلهہ ٺهرايائين، ۽ اُهو ڪن آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. 2۽ موسم ۾ انهن آبادگارن ڏي هڪڙو نوڪر موڪليائين، انهي لاءِ تہ انهن آبادگارن کان انهي ڊاک جي باغ جي ميوي جو حصو وٺي اچي. 3۽ هنن انهي کي جهلي مار ڏني، ۽ خالي هٿين روانو ڪري ڇڏيائونس. 4۽ وري هن انهن ڏانهن ٻيو نوڪر موڪليو، ۽ هنن انهي جو بہ مٿو ڦاڙي وڌو، ۽ جُٺ ڪيائونس. 5پوءِ هن ٻيو موڪليو ۽ انهي کي هنن ماري وڌو: پوءِ ٻيا ڪيترا موڪليائين، جن مان ڪن کي مار ڏنائون ۽ ڪن کي اُڦٽ ماري وڌائون. 6اڃا باقي هڪڙو هوس، جو سندس پيارو پٽ هو، تنهن کي سڀني کانپوءِ هنن ڏانهن موڪليائين، جو چيائين تہ هو انهي جي آبرو رکندا. 7پر اُنهن آبادگارن پاڻ ۾ چيو تہ هي وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، تہ پوءِ ورثو اسان جو ٿيندو. 8۽ انهن انهي کي جهلي ماري وڌو، ۽ ڊاک جي باغ جي ٻاهران اُڇلائي ڇڏيائونس. 9هاڻي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو؟ هو اچي آبادگارن کي چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين کي ڏيندو. 10اوهان هيءَ پاڪ لکيت بہ نہ پڙهي آهي ڇا، تہ ”جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو: 11هي خداوند جي طرفان ٿيو، ۽ اسان جي نظر ۾ عجب جهڙي ڳالهہ آهي؟“ 12تنهن تي هو کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو سهي ڪيو هئائون تہ هي مثال اسان تي آندو اٿس، پر خلق کان ڊنا ٿي؛ ۽ هو کيس ڇڏي هليا ويا.
13پوءِ هنن ڏانهنس ڪي فريسي ۽ هيرودي موڪليا تہ ڳالهائڻ ۾ هن کي ڦاسائين. 14۽ جڏهن اُهي آيا، تڏهن هن کي چوڻ لڳا، تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين، پر سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿو سيکارين: قيصر کي ڍل ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟ 15اسين ڏيون يا نہ ڏيون؟ پر هن انهن جي رياڪاري سهي ڪري چيو، تہ اوهين ڇو ٿا مون کي آزمايو؟ هڪڙو دينار مون وٽ کڻي اچو تہ آئون ڏسان. 16۽ هنن اهو آندو. پوءِ هن کين چيو تہ هيءَ شڪل ۽ هي اکر ڪنهن جا آهن؟ هنن ورندي ڏنس تہ قيصر جا. 17تنهن تي يسوع چين، تہ جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي، ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي ڏيو. ۽ هنن کي مٿس ڏاڍو عجب لڳو.
18تنهن کانپوءِ صدوقي وٽس آيا، جي چوندا آهن تہ قيامت آهي ئي ڪانہ؛ انهن کانئس پڇيو تہ 19اي استاد، موسيٰ اسان لاءِ لکي ويو آهي تہ جي ڪنهن ماڻهوءَ جو ڀاءُ مري وڃي، ۽ پٺيان زال بنا اولاد ڇڏي، تہ سندس ڀاءُ سندس زال پرڻجي، ۽ پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري. 20هاڻي ست ڀائر هئا: پهريون پرڻيو ۽ بي اولاد مري ويو، 21پوءِ ٻيو هن سان پرڻيو، ۽ اهو بہ بي اولاد مري ويو؛ ۽ انهي طرح ٽيون بہ. 22ايتري قدر جو ست ئي بي اولاد مري ويا. ۽ پڇاڙيءَ ۾ زال بہ مري ويئي. 23هاڻي قيامت ۾ اُها زال انهن مان ڪنهن جي ٿيندي؟ ڇالاءِ جو ست ئي هن سان پرڻيا هئا. 24يسوع انهن کي چيو، تہ اوهان جي گمراهہ ٿيڻ جو اهو سبب نہ آهي ڇا، جو نڪي پاڪ لکيتون ٿا ڄاڻو، نڪي خدا جي قدرت؟ 25ڇالاءِ تہ جڏهن مردا جي اُٿندا تڏهن نڪي پرڻبا نڪي پرڻائبا؛ پر جيئن آسمان ۾ ملائڪ آهن، تيئن هوندا. 26پر مئلن بابت تہ هو جي اُٿندا، اوهان موسيٰ جي ڪتاب جي ٻوٽي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا، تہ ڪيئن خدا ساڻس ڳالهايو ۽ چيائينس، تہ آئون ابراهيم جو خدا، ۽ اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا آهيان؟ 27هو تہ مئلن جو نہ، پر جيئرن جو خدا آهي: اوهين ڏاڍي ڀُل ٿا ڪريو.
28۽ فقيهن مان هڪڙو آيو، ۽ هنن کي سوال جواب ڪندو ٻڌائين، ۽ ڄاتائين تہ هن کين چڱو جواب ڏنو آهي؛ تڏهن هن کان پڇيائين تہ سڀني حڪمن مان پهريون ڪهڙو آهي؟ 29يسوع ورندي ڏني، تہ پهريون هي آهي، ”اي اسرائيل ٻڌ؛ خداوند اسان جو خدا، هڪڙو ئي خداوند آهي؛ 30۽ تون انهي خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل، ۽ پنهنجي ساريءَ جان، ۽ پنهنجي ساريءَ طاقت سان پيار ڪر. 31ٻيو هي آهي، تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ انهن کان وڏو ٻيو حڪم ڪونهي. 32تڏهن انهي فقيهہ چيس تہ واهہ! اي اُستاد، تو پوري ڳالهہ ڪئي آهي، تہ هو هڪڙو آهي؛ ۽ انهي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ 33۽ انهي کي ساريءَ دل سان، ۽ ساري سمجهہ سان ۽ ساريءَ طاقت سان پيار ڪرڻ، ۽ پنهنجي پاڙيسري کي پاڻ جهڙو پيار ڪرڻ سڀني سوختني قربانين، ۽ صدقن کان وڌيڪ آهي. 34جڏهن يسوع ڏٺو تہ هن سياڻپ جو جواب ڏنو آهي، تڏهن چيائين تہ تون خدا جي بادشاهت کان پري نہ آهين. انهي کانپوءِ ڪنهن کي بہ همت ڪانہ ٿي جو هن کان ڪو سوال پڇي.
35۽ يسوع هيڪل ۾ تعليم ڏيندي چيو، تہ فقيهہ ڪيئن ٿا چون تہ مسيح ابن دائود آهي؟ 36دائود پاڻ پاڪ روح جي هدايت سان چيو آهي، تہ ”خداوند منهنجي خداوند کي چيو تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي بڻايان.“ 37دائود تہ پاڻ هن کي خداوند ڪري ٿو سڏي، تڏهن ڪيئن هو سندس پٽ ٿيو؟ ۽ عام خلق هن جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٿي ٻڌيون.
38۽ تعليم ڏيندي هن چيو، تہ فقيهن کان سنڀالجو، جن کي ڊگها چوغا پائي گهمڻ وڻي ٿو، ۽ جي ڀانئين ٿا تہ بازارن ۾ اسان کي سلام، 39۽ عبادتگاهن ۾ اعليٰ درجي جون جايون ۽ مجلس ۾ خاص جڳهون ملن: 40جي بيوهہ زالن جا گهر هضم ڪيو وڃن، ۽ ڏيکارڻ لاءِ لنبيون لنبيون نمازون ٿا پڙهن؛ انهن کي ٻين کان وڌيڪ سزا ملندي. 41پوءِ هو هيڪل جي خزاني جي سامهون ويهي رهيو، ۽ ڏٺائين تہ ڪيئن ماڻهو پئسا خزاني ۾ ٿا وجهن: ۽ ڪيترا جي دولتمند هئا، تن گهڻوئي ڪي اُن ۾ وڌو ٿي. 42۽ هڪڙي غريب بيوهہ آئي ۽ انهيءَ ٻہ دمڙيون آڻي وڌيون، جي آڌيلي برابر آهن. 43تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هي سڀ جيڪي خزاني ۾ پيا وجهن، تن کان هن غريب بيوهہ وڌيڪ وڌو آهي. 44ڇالاءِ جو هنن وٽ جيڪي گهرج کان وڌيڪ هو، تنهن مان هن ۾ وڌو اٿن؛ پر هن پنهنجي تنگ حال هوندي بہ جيڪي هڙ ۾ هوس، سو سڀ کڻي وڌائين، بلڪ پنهنجي سموري ڪمائي.

ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖

مرقس 12: SB62

គំនូស​ចំណាំ

ចែក​រំលែក

ចម្លង

None

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល