مرقس 11
11
1۽ جڏهن هو يروشلم جي ويجهو زيتونن جي ٽڪريءَ تي، بيت فگا ۽ بيت عنياهہ وٽ آيا، تڏهن هن پنهنجي شاگردن مان ٻن کي موڪليو، 2۽ چيائين، تہ رستو وٺي انهي ڳوٺ ڏانهن وڃو، جو اوهان جي سامهون آهي: ۽ انهي ۾ گهڙڻ شرط، اوهين هڪڙو کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا ڪوبہ ماڻهو نہ چڙهيو آهي، انهي کي ڇوڙي وٺي اچو. 3۽ جيڪو اوهان کان کڻي پڇي تہ ڇو ٿا ائين ڪريو؟ تہ چئجوس تہ خداوند کي انهي جي گهرج آهي، ۽ هو يڪدم هن کي هتي ڏياري موڪليندو. 4پوءِ هو هليا ويا، ۽ کودڙي کي گهٽيءَ ۾ هڪڙي در جي ٻاهران ٻڌل ڏسي ڇوڙڻ لڳا. 5تہ جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن مان ڪن انهن کي چيو، تہ ڇا ٿا ڪريو، ڇو ٿا کودڙو ڇوڙيو؟ 6انهن اُها ورندي ڏنين جا يسوع ٻڌائي ڇڏي هين: تنهن تي کين وڃڻ ڏنائون. 7۽ هو اُهو کودڙو يسوع وٽ وٺي آيا، ۽ انهي تي پنهنجا ڪپڙا لٽا وڌائون، ۽ هو مٿس چڙهي ويٺو. 8۽ گهڻن پنهنجا ڪپڙا رستي تي کڻي وڇايا، ۽ ٻين وري ٻنين مان ٽاريون وڍي اُهي کڻي پکيڙيون. 9۽ جيڪي اڳيان پئي هليا، ۽ جيڪي پٺيان پئي آيا، تن وڏي آواز سان پئي چيو، تہ هوشعنا، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي ٿو اچي: 10مبارڪ آهي اُها بادشاهت جا اچي ٿي، اسان جي پيءُ دائود جي بادشاهت، عالم بالا ۾ هوشعنا. 11۽ هو يروشلم ۾ آيو، ۽ هيڪل ۾ ويو؛ ۽ جڏهن چوڌاري سڀني شين تي نظر گهمائي رهيو، ۽ اچي سانجهي ٿي، تڏهن ٻارهن سان بيت عنياہ ڏانهن روانو ٿيو.
12۽ ٻئي ڏينهن جڏهن بيت عنياہ مان روانا ٿيا، تڏهن کيس بک لڳي. 13۽ پري کان هڪڙو انجير جو وڻ ڏٺائين، جنهن ۾ پن هئا، ۽ اُتي آيو تہ من ڪو ڦل مليس: پر جڏهن هو اُنهي وٽ آيو، تڏهن ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين آهي؛ ڇالاءِ جو اُها انجير جي مند نہ هئي. 14۽ هن ان کي چيو تہ اڄ ڏينهن کان وٺي ڪوبہ تو مان ڪڏهن ڦل نہ کائي، ۽ سندس شاگردن اها ڳالهہ ٻڌي.
15پوءِ اُهي يروشلم ۾ آيا: ۽ هو هيڪل ۾ گهڙيو، ۽ جن اُتي خريد ۽ فروخت ويٺي ڪيو، تن کي ٻاهر ڪڍڻ لڳو، ۽ صرافن جا صندل، ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون، اونڌيون ڪري ڇڏيائين؛ 16۽ ڪنهن کي بہ هيڪل مان ڪو ٿانءُ کڻي لنگهڻ نہ ڏنائين. 17۽ تعليم ڏيڻ لڳن، ۽ چيائين تہ ائين لکيل نہ آهي ڇا، تہ ”منهنجو گهر سڀني قومن لاءِ دعا جو گهر سڏبو؟“ پر اوهان انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري کڻي بنايو آهي. 18۽ سردار ڪاهن ۽ فقيهن اها ڳالهہ ٻڌي، ۽ هو وجهہ ڳولڻ لڳا تہ ڪيئن هن کي ماري کپايون: ڇالاءِ تہ هو کانئس پئي ڊنا، جو ساري خلق سندس تعليم تي حيران هئي.
19۽ هو ڏهاڙي سانجهيءَ جو شهر کان نڪري ٻاهر ويندو هو.
20۽ صبح جو جڏهن لنگهيو پئي ويا، تڏهن اهو انجير جو وڻ ڏٺائون تہ پاڙن تائين سُڪو پيو آهي. 21تنهن تي پطرس کي اها ڳالهہ ياد پيئي ۽ چيائينس، تہ اي اُستاد، ڏس جنهن انجير جي وڻ کي تو پِٽيو هو، سو سُڪي ويو آهي. 22يسوع ورندي ڏيئي انهن کي چيو تہ خدا تي ايمان آڻيو. 23آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هن جبل کي چوندو تہ اتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، ۽ پنهنجي دل ۾ شڪ نہ آڻيندو، ۽ پڪ ڪري ڄاڻيندو تہ جيڪي چوان ٿو سو ٿيندو، تہ جيئن چوندو تيئن ئي ٿي پوندو. 24تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ سڀ جيڪي اوهين دعا ۾ گهُرو ٿا، تنهن لاءِ پڪ ڪري ڄاڻو تہ اسان کي مليو آهي، تہ اُهو اوهان کي ملندو. 25۽ جڏهن بہ دعا گهُرو، تڏهن جي اوهان جو ڪنهن تي رنج هجي تہ انهي کي معافي ڏيو، انهي لاءِ تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اوهان جا ڏوهہ بہ اوهان کي معاف ڪري. 26(۽ جي اوهين معاف نہ ڪندا تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو بہ اوهان جا ڏوهہ معاف نہ ڪندو.)
27۽ اُهي وري يروشلم ۾ آيا: ۽ جڏهن هن هيڪل ۾ پئي پسار ڪيو، تہ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ ۽ بزرگ وٽس آيا؛ 28۽ چيائونس تہ تون اهي ڪم ڪهڙيءَ اختياريءَ سان ٿو ڪرين؟ يا انهن ڪمن ڪرڻ جي ڪنهن توکي اختياري ڏني آهي؟ 29يسوع چين تہ آئون بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان، انهي جو اوهين مون کي جواب ڏيو، تہ پوءِ آئون اوهان کي ٻڌايان تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان آئون هي ڪم ٿو ڪريان. 30يوحنا جي بپتسما آسمان کان هئي يا ماڻهن کان؟ انهي جو مون کي جواب ڏيو. 31۽ هو پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا، تہ جي ٿا چئون تہ آسمان کان، تہ چوندو تہ تڏهن ڇو هن کي نہ مڃيو، 32پر جي ٿا چئون تہ ماڻهن کان، تہ خلق کان ڊنا ٿي، ڇالاءِ تہ سڀني يوحنا کي سچ پچ نبي ڪري ٿي سمجهيو. 33تڏهن يسوع کي جواب ڏيئي چيائون، تہ اسان کي خبر ڪانهي. تنهن تي يسوع چين تہ تڏهن آئون بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان آئون هي ڪم ٿو ڪريان.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
مرقس 11: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: