متي 11
11
1۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع پنهنجن ٻارهن شاگردن کي حڪم ڏيئي چڪو، تڏهن اُتان روانو ٿيو، تہ وڃي سندن شهرن ۾ تعليم ڏيئي ۽ منادي ڪري.
2هاڻي جڏهن يوحنا قيدخاني ۾ ٻڌو تہ مسيح ڪهڙا ڪم پيو ڪري، تڏهن پنهنجن شاگردن جي معرفت کيس چوائي موڪليائين، 3تہ جيڪو اچڻ وارو آهي سو تون آهين يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ ڏسون؟ 4۽ يسوع کين ورندي ڏيئي چيو، تہ جيڪي ٻُڌو ۽ ڏسو ٿا، سو وڃي يوحنا کي ٻڌايو: 5تہ انڌا ڏسي ٿا سگهن، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهيا ڇُٽي صاف ٿا ٿين، ٻوڙا ٻُڌن ٿا، مئل جي ٿا اُٿن، ۽ غريبن کي خوشخبري ٿي ٻڌائجي. 6۽ مبارڪ آهي اُهو جيڪو منهنجي ڪري گمراهہ نٿو ٿئي. 7۽ جڏهن اُهي هليا ويا، تڏهن يسوع خلق کي يوحنا بابت چوڻ لڳو تہ اوهين رڻ پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا هڪڙو ڪانو جو هوا ۾ پئي لُڏيو؟ 8پر اوهين ڇا ڏسڻ لاءِ ويا هئا؟ ڇا اُنهيءَ ماڻهوءَ کي جنهن کي اُچا ڪپڙا پيل آهن؟ ڏسو، جيڪي اُچا ڪپڙا ٿا پهرين، سي بادشاهن جي گهرن ۾ ٿا رهن. 9پر اوهين ڇو ويا هئا؟ ڪنهن نبيءَ کي ڏسڻ لاءِ ڇا؟ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي. 10هي اُهو آهي جنهن جي بابت لکيل آهي تہ ”ڏس، آئون پنهنجي پيغمبر کي توکان اڳ ۾ ٿو موڪليان، جو تنهنجو رستو تنهنجي اڳيان تيار ڪندو.“ 11آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪي زال ذات مان ڄاوا آهن، تن منجهان ڪوبہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو پيدا نہ ٿيو آهي: انهي هوندي بہ آسمان جي بادشاهت ۾ جيڪو ننڍو آهي سو اُنهي کان وڏو آهي. 12۽ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين آسمان جي بادشاهت تي زبردستي پيئي ٿئي، ۽ زبردست ماڻهو اُنهيءَ کي زور سان ٿا وٺن. 13ڇالاءِ جو سڀني نبين ۽ توريت يوحنا تائين نبوت ڪئي. 14۽ جيڪڏهن اوهين مڃيو ٿا، تہ اهو ايلياہ اٿوَ، جو اچڻ وارو هو. 15جنهن کي ٻُڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ٻڌي. 16پر هن زماني جي ماڻهن جي آئون ڪنهن سان ڀيٽ ڪريان؟ هو اُنهن ٻارن جهڙا آهن جي بازارن ۾ ويهي پنهنجن سنگتين کي سڏي ٿا چون، 17تہ اسان اوهان لاءِ شرنائي وڄائي، پر اوهين نچيا ئي ڪين؛ اسان ماتم ڪيو پر اوهان رُنو پِٽيو ئي ڪين. 18ڇالاءِ جو يوحنا نڪي کائيندو آيو نڪي پيئندو آيو، ۽ ماڻهو چون ٿا تہ هن ۾ ڀوت آهي. 19ابن آدم کائيندو پيئندو آيو، ۽ ماڻهو چون ٿا تہ ڏسو پيٽير ۽ شرابي، محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن جو دوست! پر ڏاهپ پنهنجن ڪمن جي ڪري سچي ثابت ٿي ٿئي.
20تنهن کانپوءِ جن شهرن ۾ هن گهڻا معجزا ڪيا هئا، تن کي ڏوراپو ڏيڻ لڳو، ڇالاءِ جو هنن توبهہ نہ ڪئي هئي. 21افسوس توتي اي خورازين! افسوس توتي اي بيت صيدا! ڇالاءِ جو جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ها، تہ جيڪر هن کان گهڻو اڳي هو کٿو ڍڪي ۽ رک لائي توبهہ ڪن ها. 22تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ عدالت جي ڏينهن صور ۽ صيدا لاءِ اُها گهڙي اوهان کان وڌيڪ سولي ٿيندي. 23اي ڪفرناحوم، تون آسمان تائين چاڙهيو ويندين ڇا؟ تون هيٺ مئلن جي عالم ۾ لهي اچي پوندين، ڇالاءِ جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم ۾ ڪيا وڃن ها تہ جيڪر اڄ تائين اُهو قائم رهي ها. 24تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ عدالت جي ڏينهن سدوم جي ملڪ لاءِ اُها گهڙي توکان وڌيڪ سولي ٿيندي.
25انهي مهل يسوع ورندي ڏيئي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪرگذار آهيان، جو تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏنيون اٿيئي، 26هائو، بابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو. 27منهنجي پيءُ سڀ ڪجهہ مون کي سونپي ڇڏيو آهي، ۽ پٽ کي پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو سڃاڻي؛ نڪي ڪو پيءُ کي پٽ کانسواءِ ٿو سڃاڻي، ۽ اُنهي کانسواءِ جنهن کي پٽ اهو ظاهر ڪرڻ گهري. 28اوهين مڙيئي جي پورهيو ٿا ڪريو ۽ وڏي بار هيٺ دٻيا پيا آهيو، سي مون وٽ اچو، تہ آئون اوهان کي آرام ڏيندس. 29منهنجي پاڃاري پاڻ تي کڻو، ۽ مون کان سکو؛ ڇالاءِ جو آئون دل جو حليم ۽ نماڻو آهيان، ۽ اوهان جي روح کي آرام ملندو. 30ڇالاءِ جو منهنجي پاڃاري سولي آهي، ۽ منهنجو بار هلڪو آهي.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
متي 11: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.