حزقي ايل 41
41
1پوءِ هن مون کي هيڪل ۾ آندو ۽ ٿنڀن جي ماپ ڪيائين، تہ انهي جي ويڪر ڇهہ هٿ هِن پاسي ٿي ۽ ڇهہ هٿ هُن پاسي، ۽ اها تنبوءَ جي ويڪر هئي. 2در جي ويڪر ڏهہ هٿ هئي؛ ۽ در جا پاسا پنج هٿ هڪڙي پاسي، ۽ پنج هٿ ٻئي پاسي هئا: ۽ هن انهي جي ڊيگهہ بہ ماپي تہ چاليهہ هٿ ٿي، ۽ ويڪر ويهہ هٿ. 3پوءِ هو اندر ويو ۽ در جو هرهڪ ٿنڀ ماپيائين، تہ ٻہ هٿ ٿيو: ۽ در ڇهہ هٿ ٿيو؛ ۽ در جي ويڪر ست هٿ ٿي. 4۽ هن انهي جي ڊيگهہ هيڪل جي اڳيان ماپي تہ ويهہ هٿ ٿي، ۽ ويڪر بہ ويهہ هٿ ٿي: ۽ هن مون کي چيو تہ هيءَ تمام پاڪ جاءِ آهي. 5پوءِ هن گهر جي ڀت ماپي تہ ڇهہ هٿ ٿي؛ ۽ سڀ ڪنهن پاسي واري ڪوٺيءَ جي ويڪر گهر جي چوڌاري سڀ ڪنهن پاسي چار هٿ ٿي. 6۽ پاسي وارين ڪوٺين جا ٽي طبقا هئا، هڪٻئي جي مٿان، ۽ قطار ۾ ٽيهہ: ۽ اُهي اُنهي ڀت ۾ گهڙي ٿي ويا جا چوڌاري پاسي وارين ڪوٺين جي لاءِ گهر کي ڏنل هئي، انهي لاءِ تہ اُهي انهي ۾ مضبوط رهن ۽ گهر جي ڀت ۾ نہ رهن. 7۽ اُهي پاسي واريون ڪوٺيون، جيئن گهر جي چوڌاري مٿي ٿي ويون، تيئن وڌيڪ ڪشاديون ٿي ٿيون؛ ڇالاءِ جو گهر جو گهيرو گهر جي چوڌاري جيئن پوءِ تيئن مٿي ٿيندو ٿي ويو: تنهنڪري گهر جي ويڪرائي مٿي هلندي ويئي. انهي ڪري ماڻهو هيٺين ڪوٺيءَ مان وچين ڪوٺيءَ کان لنگهي، پوءِ مٿين ڪوٺيءَ تائين چڙهي ٿي سگهيو. 8مون هي بہ ڏٺو تہ گهر جو فرش چوڌاري ٿلهي وارو هو: پاسي وارين ڪوٺين جو بنياد هڪڙو سڄو ڪانو، ڇهن وڏن هٿن جو هو. 9جيڪا ڀت پاسي وارين ڪوٺين جي لاءِ هئي تنهن جي ٿولهہ ٻاهران پنج هٿ هئي: ۽ جيڪا خالي ڇڏيل هئي سا پاسي وارين ڪوٺين جي جاءِ هئي، جا گهر جي لاڳو هئي. 10۽ ڪوٺين جي وچ ۾، گهر جي چوڌاري سڀ ڪنهن پاسي ويهن هٿن جي وڇوٽي هئي. 11۽ پاسي وارين ڪوٺين جا در خالي پيل جاءِ ڏانهن هئا، هڪڙو در اُتر ڏانهن، ۽ ٻيو در ڏکڻ ڏانهن: ۽ خالي پيل جاءِ جي ويڪر چوڌاري پنج هٿ هئي. 12۽ الهندي ڏانهن پاسي تي جيڪا عمارت هئي سا جدا جاءِ جي اڳيان هئي، ۽ ستر هٿ ويڪري هئي؛ ۽ انهي عمارت جي ڀت چوڌاري پنج هٿ ٿلهي هئي، ۽ ان جي ڊيگهہ نوي هٿ هئي. 13انهي طرح هن گهر جي ماپ ڪئي، جو هڪ سؤ هٿ ڊگهو هو؛ ۽ اُها جدا جاءِ ۽ عمارت ڀتين سميت، هڪ سؤ هٿ ڊگهي هئي. 14۽ گهر توڙي انهي جدا جاءِ جي منهن جي ويڪر، اُڀرندي ڏانهن هڪ سؤ هٿ هئي.
15۽ هن، جيڪا علحدي عمارت پٺيان هئي، تنهن جي اڳيان انهي عمارت ۽ انهي جي ٻنهي پاسن وارن ورانڊن جي ماپ ڪئي تہ ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هئي: ۽ اندرين هيڪل ۽ ايوان جا اڳ وارا دالان؛ 16چانئٺيون ۽ بند ٿيل دريون، ۽ ٽنهي طبقن جي چوڌاري ورانڊا، چانئٺ جي آمهون سامهون چوڌاري ڪاٺ سان مڙهيل هئا، ۽ اُهي زمين کان وٺي درين تائين مڙهيل هئا؛ ۽ دريون ڍڪيل هيون؛ 17هاڻي سردر تائين، بلڪ اندرين گهر تائين، ۽ ٻاهران چوڌاري سڄي ڀت، اندر ۽ ٻاهر، ماپ موجب هئا. 18۽ اُهي ڪروبين ۽ کجيءَ جي وڻن سان سينگاريل هئا؛ هڪڙي ڪروبيءَ ۽ ٻئي ڪروبيءَ جي وچ ۾ هڪڙو کجيءَ جو وڻ هو، ۽ هر هڪ ڪروبيءَ کي ٻہ منهن هئا؛ 19اهڙي طرح ماڻهوءَ جو منهن هڪڙي پاسي کجيءَ جي وڻ ڏانهن هو، ۽ جوان شينهن جو منهن ٻئي پاسي کجيءَ جي وڻ ڏانهن هو: انهي طرح سڄي گهر جي چوڌاري اُهي جڙيل هئا. 20زمين کان وٺي در جي چوٽيءَ تائين ڪروبي ۽ کجيءَ جا وڻ جڙيل هئا: هيڪل جي ڀت انهي طرح جي هئي. 21باقي هيڪل، سو انهي جي در جا ٿنڀ چورس ٺاهيل هئا؛ ۽ پاڪ مڪان جو منهن ظاهري صورت ۾، هيڪل جي ظاهري صورت جهڙو هو. 22قربانگاهہ ڪاٺ جي هئي، ۽ ٽي هٿ اوچي ۽ ٻہ هٿ ڊگهي هئي؛ ۽ انهي جون ڪُنڊون ۽ انهي جي ڊيگهہ، ۽ انهي جون ڀتيون ڪاٺ جون هيون: ۽ هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها ميز آهي جا خداوند جي اڳيان آهي. 23۽ هيڪل ۽ پاڪ مڪان کي ٻہ در هئا. 24۽ درن کي ٻہ ٻہ طاق هئا، ٻئي ڦرندڙ طاق هئا، ۽ ٻہ طاق هڪڙي در لاءِ ۽ ٻہ طاق ٻئي در لاءِ هئا. 25انهن تي هيڪل جي درن جي مٿان ڪروبي ۽ کجيءَ جا وڻ جڙيل هئا، جهڙا ڀتين تي جڙيل هئا؛ ۽ ٻاهر دالان جي اڳئين پاسي تي، ٿلها شهتير هئا. 26اڳين دالان جي پاسن تي هڪڙي پاسي ۽ ٻئي پاسي بہ، بند ٿيل دريون ۽ کجيءَ جا وڻ هئا. گهر جون پاسي واريون ڪوٺيون ۽ ٿلها شهتير انهي طرح جا هئا.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
حزقي ايل 41: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង
ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.