حزقي ايل 37
37
1خداوند جو هٿ مون تي هو، ۽ انهي مون کي خداوند جي روح ۾ کڻي واديءَ جي وچ ۾ آڻي لاٿو؛ ۽ اُها هڏن سان ڀريل هئي؛ 2۽ هن مون کي آس پاس انهن جي چوڌاري گهمايو: ۽ ڏس، انهي کليل واديءَ ۾ تمام گهڻيون ۽ سُڪل هڏيون هيون. 3۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هي هڏيون زندہ ٿي سگهن ٿيون يا نہ؟ ۽ مون چيو تہ خداوند، تون ئي ڄاڻين ٿو. 4وري هن مون کي چيو تہ تون هنن هڏين تي نبوت ڪري چئُہ، تہ اي سُڪل هڏيون، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو. 5خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان ۾ ساهہ وجهندس ۽ اوهين زندہ ٿي پونديون. 6آءٌ اوهان تي نسون رکندس، ۽ اوهان تي ماس چاڙهيندس، ۽ اوهان کي کل سان ڍڪيندس، ۽ اوهان ۾ ساهہ وجهندس ۽ اوهين زندہ ٿي پونديون، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. 7تڏهن جيئن مون کي حڪم مليو تيئن مون نبوت ڪئي: ۽ منهنجي نبوت ڪندي هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ اوچتو زمين ڌٻي ۽ هڏيون هڏين سان اچي گڏيون. 8۽ مون ڏٺو تہ انهن تي نسون هيون، ۽ ماس چڙهڻ لڳو، ۽ مٿان کل چڙهي ويئي: پر اڃا انهن ۾ ساهہ ڪونہ هو. 9تڏهن هن مون کي فرمايو تہ هوا سان نبوت ڪر؛ اي آدمزاد، هوا سان نبوت ڪري ڳالهاءِ، ۽ چئينس تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي روح، چئني پاسي جي هوائن کان اچ، ۽ هنن مُئلن تي ڦوڪ تہ هو زندہ ٿي پون. 10تڏهن جيئن مون کي حڪم مليو هو، تيئن مون نبوت ڪئي ۽ هنن ۾ ساهہ پيو ۽ هو زندہ ٿي پيون، ۽ هڪڙو تمام وڏو لشڪر ٿي پيرن ڀر اُٿي بيٺيون. 11تڏهن هن مون کي فرمايو، تہ اي آدمزاد، هي هڏيون اسرائيل جو سڄو گهراڻو آهي: ڏس، هو چون ٿا تہ اسان جون هڏيون سُڪي ويون آهن، ۽ اسان جي اُميد ويندي رهي آهي؛ اسين بلڪل وڍجي ويا آهيون. 12تنهنڪري هنن کي نبوت ڪري چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي منهنجي قوم، آءٌ اوهان جون قبرون کوليندس ۽ اوهان کي قبر مان ٻاهر ڪڍندس؛ ۽ آءٌ اوهان کي اسرائيل جي زمين ۾ آڻيندس. 13۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن اي منهنجي قوم، آءٌ اوهان جون قبرون کوليندس ۽ اوهان کي قبرن مان ٻاهر ڪڍندس. 14۽ آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجهندس ۽ اوهين زندہ ٿي پوندا، ۽ آءٌ اوهان کي پنهنجي زمين ۾ رکندس: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ مون خداوند ائين فرمايو آهي ۽ اهو پورو ڪيو آهي، خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.
15خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ 16اي آدمزاد، تون هڪڙي ڪاٺي کڻ ۽ انهي تي لک، تہ يهوداہ جي لاءِ ۽ سندس سنگتين بني اسرائيل جي لاءِ: پوءِ ٻي ڪاٺي کڻ ۽ انهي تي لک تہ يوسف جي لاءِ افرائيم جي ڪاٺي، ۽ ان جي سنگتين اسرائيل جي گهراڻي جي لاءِ: 17۽ پنهنجي لاءِ انهن ٻنهي کي هڪ ٻئي سان گڏي هڪڙي ڪاٺي ڪر، تہ اُهي ٻئي تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي ڪاٺي ٿي پون. 18۽ جڏهن تنهنجي قوم جا ماڻهو پڇن تہ انهن مان جيڪي تنهنجو مطلب آهي سو اسان کي ٻڌاءِ. 19تڏهن هنن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، يوسف جي ڪاٺي، جا افرائيم جي هٿ ۾ آهي تنهن کي ۽ هن جي سنگتين کي، يعني اسرائيل جي فرقن کي آءٌ گڏ ڪندس: ۽ انهي سان گڏ يهوداہ جي ڪاٺي رکندس، ۽ اُهي منهنجي هٿ ۾ هڪ ٿيندا. 20۽ جن ڪاٺين تي تون لکين ٿو سي هنن جي اکين اڳيان تنهنجي هٿ ۾ هونديون. 21۽ انهن کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بني اسرائيل کي انهن قومن مان ڪڍي وٺندس جن ۾ هو وڃي پيا آهن، ۽ هر طرف هنن کي گڏ ڪندس، ۽ کين سندن ملڪ ۾ آڻيندس: 22آءٌ انهي زمين ۾ اسرائيل جي جبلن تي هنن کي هڪڙي قوم ڪندس؛ ۽ هڪڙو ئي بادشاهہ هنن سڀني جو بادشاهہ ٿيندو: ۽ هو اڳتي ٻہ قومون ٿي نہ رهندا، نڪي وري ڪڏهن بہ ٻن بادشاهتن ۾ ورهائجي ويندا: 23نڪي هو وري پنهنجن بُتن سان، يا پنهنجين نفرت جهڙين شين سان، يا پنهنجي ڪنهن بدڪاريءَ سان، پاڻ کي ناپاڪ ڪندا: پر جن جن پنهنجين رهڻ جي جاين ۾ هنن گناهہ ڪيو آهي، تن سڀني مان آءٌ هنن کي بچائيندس ۽ هنن کي پاڪ ڪندس: انهي طرح هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ سندن خدا ٿيندس. 24۽ منهنجو ٻانهو دائود هن جي مٿان بادشاهہ ٿيندو؛ ۽ هنن سڀني جو هڪڙو ڌنار ٿيندو؛ هو منهنجن حڪمن تي بہ هلندا، ۽ منهنجي قانونن جي سنڀال ڪندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا. 25۽ جيڪا زمين مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا رهندا هئا، تنهن ۾ هو رهندا؛ ۽ انهي ۾ هو ۽ سندن اولاد، ۽ سندن اولاد جو اولاد هميشہ لاءِ رهندو: ۽ منهنجو ٻانهو دائود هميشہ لاءِ هنن جو بادشاهہ ٿيندو. 26تنهن کان سواءِ آءٌ هنن سان سلامتيءَ جو عهد اقرار ڪندس: اُهو هنن سان مدامي عهد اقرار ٿيندو؛ ۽ آءٌ هنن کي اُتي رکندس ۽ وڌائيندس، ۽ پنهنجو پاڪ مڪان هميشہ لاءِ هنن جي وچ ۾ قائم ڪندس. 27منهنجو تنبو بہ هنن سان هوندو؛ ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا. 28۽ قومون ڄاڻنديون تہ آءٌ اُهو خدا آهيان جو اسرائيل کي پاڪ ٿو ڪريان، ۽ منهنجو پاڪ مڪان هميشہ لاءِ انهن جي وچ ۾ رهندو.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
حزقي ايل 37: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង
ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.