عاموس 7
7
1خداوند خدا مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ پوئين پوکيل فصل جي شروعات ۾ هن مڪڙ پيدا ڪيا، ۽ ڏٺم تہ بادشاهہ جي حصي لڻڻ کانپوءِ اهو پويون فصل هو، جو ڦٽي نڪتو هو. 2۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن زمين جو گاهہ کائي پورو ڪيو، تڏهن مون چيو، تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ معافي ڏي: يعقوب ڪيئن بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو ننڍو آهي. 3تڏهن خداوند هن جي نسبت ۾ ڦريو، ۽ خداوند فرمايو تہ ائين نہ ٿيندو.
4خداوند مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند باهہ کي ساڙڻ لاءِ سڏيو؛ ۽ اُنهيءَ وڏي سمنڊ کي ڳهي ڇڏيو، ۽ ملڪ کي بہ کائي وڃي ها. 5تڏهن مون چيو تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ بس ڪر: يعقوب ڪيئن بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو ننڍو آهي. 6خداوند انهيءَ جي نسبت ۾ بہ ڦريو، ۽ خداوند فرمايو تہ ائين بہ ڪين ٿيندو.
7هن مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند هڪڙي ڀت تي بيٺو آهي، جا شاهل سان جڙيل هئي، ۽ سندس هٿ ۾ شاهل هو. 8۽ خداوند مون کي چيو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ هڪڙو شاهل. تڏهن خداوند چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ شاهل رکندس؛ آءٌ اڳتي وري هنن وٽان نہ لنگهندس: 9۽ اسحاق جون مٿانهيون جايون ويران ٿينديون، ۽ اسرائيل جا پاڪ مڪان غير آباد ٿي ويندا؛ ۽ آءٌ ترار سان يربعام جي گهراڻي جي برخلاف اُٿندس.
10تڏهن امصياہ بيت ايل جي ڪاهن اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ڏي چوائي موڪليو تہ عاموس اسرائيل جي گهراڻي جي وچ ۾ تنهنجي برخلاف منصوبو ٻَڌو آهي: ۽ ملڪ هن جون ڳالهيون سهي نٿو سگهي. 11ڇالاءِ جو عاموس چوي ٿو تہ يربعام ترار سان مرندو، ۽ اسرائيل ضرور قيد ٿي پنهنجي ملڪ مان ڪڍيو ويندو. 12امصياہ عاموس کي هيئن بہ چيو، تہ اي غيب ڏسندڙ تون وڃ، يهوداہ جي ملڪ ڏي ڀڄي وڃ، ۽ اُتي وڃي ماني کاءُ، ۽ اُتي نبوت ڪر: 13پر بيت ايل ۾ وري اڳتي نبوت نہ ڪج، ڇالاءِ جو هي بادشاهہ جو پاڪ مڪان آهي، ۽ هي هڪڙو شاهي گهر آهي. 14تڏهن عاموس ورندي ڏيئي امصياہ کي چيو، تہ آءٌ نبي ڪين هوس، نڪي ڪنهن نبيءَ جو پٽ آهيان، پر آءٌ هڪڙو ڌنار ۽ گولر جي وڻن جو سنڀاليندڙ هوس: 15۽ خداوند مون کي ڌڻ جي پٺيان وڃڻ کان کڻي ورتو، ۽ خداوند مون کي چيو تہ وڃي منهنجي قوم اسرائيل وٽ نبوت ڪر. 16تنهنڪري تون هاڻي خداوند جو ڪلام ٻڌ: تون چوين ٿو تہ اسرائيل جي برخلاف نبوت نہ ڪر، ۽ پنهنجو ڪلام اسحاق جي گهراڻي جي برخلاف نہ ٻڌاءِ؛ 17تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي زال شهر ۾ هڪڙي ڪڃري ٿيندي، ۽ تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون ترار سان مرندا، ۽ تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي؛ ۽ تون پاڻ اهڙيءَ زمين ۾ مرندين جا ناپاڪ آهي: ۽ اسرائيل ضرور پنهنجي ملڪ مان قيد ڪري ڪڍيو ويندو.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
عاموس 7: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.