YouVersion Logo
Search Icon

فليمون 1

1
1ھي خط عيسيٰ مسيح جي ڪري قيد ٿيل پولس ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آھي.
ھي خط تو، فليمون اسان جي پياري دوست ۽ گڏجي ڪم ڪندڙ ڏانھن، 2#ڪل ۱۷‏:۴ ۽ اسان جي ڀيڻ افيا ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاھي ارخپس ڏانھن موڪلجي ٿو. انھيءَ کان سواءِ ھي تنھنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا ڏانھن پڻ آھي. 3شل اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي اوھان تي ٿيندي رھي.
فليمون جي محبت ۽ ايمان
4جڏھن بہ آءٌ دعا ٿو گھران، تڏھن تو کي ياد ٿو رکان ۽ ھميشہ خدا جو شڪر ٿو ڪريان. 5ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ تنھنجي باري ۾ ٻڌندو آھيان تہ تون خداوند عيسيٰ سان محبت ڪرين ٿو ۽ مٿس ايمان رکين ٿو ۽ سڀني ايمان وارن سان بہ محبت ڪرين ٿو. 6منھنجي دعا آھي تہ تون سرگرميءَ سان پنھنجو عقيدو ونڊين، ڇوتہ ائين ڪرڻ سان اسان ۾ موجود مسيح وارين برڪتن جي تو ۾ پوري پوري ڄاڻ پيدا ٿيندي. 7تنھنجيءَ محبت مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ ادا، تو ائين ايمان وارن جي دلين کي تازگي بخشي آھي.
اُنيسمس جي باري ۾ پولس جو عرض
8آءٌ مسيح جي ڪري ايترو دلير ٿي سگھيس ٿي جو تو کي ان ڪم ڪرڻ جو حڪم ڪريان جيڪو تو کي ڪرڻو آھي. 9پر تنھن ھوندي بہ آءٌ پيرسن پولس ۽ ھاڻي عيسيٰ مسيح جي ڪري قيد ٿيل، تو کي پيار مان عرض ٿو ڪريان. 10#ڪل ۹‏:۴ منھنجو عرض #اُنيسمس: يوناني ٻوليءَ ۾ ھي ھڪ نالو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ”ڪم وارو“ يا ”ڪارائتو“.اُنيسمس جي باري ۾ آھي، جنھن کي مون قيد ۾ ھوندي پنھنجو پٽ بڻايو آھي. 11ھو اڳي تہ تنھنجي ڪنھن بہ ڪم جو ڪونہ ھو، پر ھاڻي تنھنجي توڙي منھنجي، ٻنھي جي ڪم جو آھي.
12آءٌ اُنيسمس کي تو ڏانھن موٽائي ٿو موڪليان، جنھن سان منھنجي ڏاڍي دل آھي. 13آءٌ ھن کي پاڻ وٽ جيڪر خوشيءَ سان رکان ھا، جيستائين آءٌ ھتي خوشخبريءَ جي ڪري قيد ۾ آھيان، تہ جيئن ھي تنھنجي پاران منھنجي خدمت ڪري سگھي ھا، 14پر تنھنجي مرضيءَ جي ابتڙ مون ڪجھہ بہ ڪرڻ ڪين گھريو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن منھنجي مدد مجبوريءَ سان نہ، پر تنھنجي خوشيءَ سان ٿئي.
15شايد اُنيسمس تو کان ٿوري وقت لاءِ انھيءَ ڪري ڌار ٿيو تہ جيئن پوءِ ھو تو وٽ ھميشہ لاءِ رھي. 16ھو ھڪ غلام وانگر نہ، پر غلام کان بھتر ھڪ پياري ڀاءُ وانگر اچي رھي. ھو مون کي تمام پيارو آھي. پر غلام ۽ وري مسيحي ڀاءُ ھجڻ ڪري تہ تو کي اڃا بہ وڌيڪ پيارو آھي.
17سو جيڪڏھن تون مون کي پنھنجو ساٿي ٿو سمجھين تہ ھن جو آڌرڀاءُ ائين ڪج جيئن جيڪر منھنجو ڪرين ھا. 18جيڪڏھن ھن تنھنجي ڪا غلطي ڪئي آھي، يا تنھنجو ڪو لھڻو ليکو اٿس تہ اھو منھنجي کاتي سمجھہ. 19آءٌ پولس پنھنجي ھٿ سان لکي ٿو ڏيان تہ ھن جو ھرج⁠نرج آءٌ پاڻ ڀري ڏيندس. باقي ائين دھرائڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونھي تہ تنھنجي جان ئي منھنجي ٿڌي ٿوري آھي. 20اسين خداوند جا آھيون. تنھنڪري اي ادا! منھنجي خواھش آھي تہ تو کان مون کي خوشي ملي. مسيحي ڀاءُ ھجڻ ڪري تون منھنجي دل کي حوصلو ڏي.
21آءٌ تو ڏانھن انھيءَ يقين سان ٿو لکان تہ تون منھنجو عرض پورو ڪندين، بلڪ منھنجي چوڻ کان بہ وڌيڪ ڪري ڏيکاريندين. 22ٻي ڳالھہ تہ منھنجي ٽڪڻ لاءِ ھڪ ڪمرو تيار رکج، ڇوتہ اميد ٿو ڪريان تہ اوھانجين دعائن جي بدلي ۾ خداوند مون کي آزاد ڪري اوھان وٽ آڻيندو.
آخر ۾ دعا سلام
23‏-24 # رس ۱۲‏:۱۲‏،۲۵، ۱۳‏:۱۳، ۳۷‏:۱۵‎–۳۹، ۲۹‏:۱۹، ۲‏:۲۷، ڪل ۷‏:۱، ،۱۴‏،۱۲‏،۱۰‏:۴ ۲.تم ۱۰‏:۴‎–۱۱ اِپفراس، جيڪو مون سان گڏ عيسيٰ مسيح جي ڪري قيدي آھي ۽ مرقس، ارسترخس، ديماس ۽ لوقا جيڪي مون سان گڏ ڪم ڪندڙ آھن، سي سڀ تو کي سلام ٿا ڏين.
25شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوھان سڀني تي ھجي. آمين.

Currently Selected:

فليمون 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy