YouVersion Logo
Search Icon

عبرانين ‮تعارف‬

تعارف
عبرانين نالي ھي خط مسيح تي انھن ايمان آڻيندڙن ڏانھن لکيو ويو آھي جيڪي سخت مخالفت سان منھن ڏيئي رھيا ھئا، ايتري قدر جو پنھنجي ايمان تان ڦرڻ تي ھئا. خط جو لکندڙ پھريائين تہ ھنن جي ايمان تي قائم رھڻ جي ھمت⁠افزائي ڪري ٿو ۽ کين ڏيکاري ٿو تہ عيسيٰ مسيح ئي خدا جو سچو ۽ اعليٰ ترين مظھر آھي. ائين ڪرڻ سان ھو ٽن اھم حقيقتن تي زور ڏئي ٿو: ۱. عيسيٰ مسيح خدا جو دائمي فرزند آھي، جنھن نھايت حوصلي سان ڏک سھي پيءُ جي فرمانبرداري سکي. خدا جي فرزند جي حيثيت ۾ عيسيٰ مسيح سڀني ملائڪن ۽ سڀني نبين، بلڪ بني اسرائيل جي وڏي نبي حضرت موسيٰ کان بہ مٿاھون آھي. ۲. عيسيٰ مسيح کي خدا دائمي ڪاھن ڪري ظاھر ڪيو آھي، جيڪو بني اسرائيل جي ڪاھنن کان مٿاھون آھي. ۳. عيسيٰ مسيح جي معرفت ايمان آڻيندڙ گناھہ، ڊپ ۽ موت کان بچي وڃي ٿو ۽ جيئن تہ عيسيٰ مسيح وڏو سردار ڪاھن آھي، تنھنڪري ھو اھو حقيقي ڇوٽڪارو ڏئي ٿو، جنھن جي يھودي مذھب ۾ رسمن ۽ جانورن جي قربانين وسيلي پڪي اميد ڏيکاري ويندي ھئي.
باب ۱۱ ۾ بني اسرائيل جي تاريخ مان ڪن مشھور ماڻھن جي ايمان جو مثال ڏيندي خط جو لکندڙ پنھنجي پڙھندڙن کي تاڪيد ٿو ڪري تہ ھو پنھنجي ايمان تي قائم رھن. پوءِ باب ۱۲ ۾ ھو پنھنجن پڙھندڙن تي زور ڀري ٿو تہ ھو عيسيٰ مسيح ڏانھن نھاريندي پنھنجي ايمان تي ھميشہ قائم رھن، پوءِ سندن رستي ۾ ڪيتريون بہ تڪليفون ۽ ڏک اچن تہ اھي برداشت ڪن. آخر ۾ ھي خط صلاحن ۽ تنبيھن سان پورو ٿئي ٿو.
سِٽاءُ
عيسيٰ مسيح خدا جو پورو پورو مظھر ۱‏:۱‎–۳
عيسيٰ مسيح ملائڪن کان مٿاھون ۴‏:۱‎–۱۸‏:۲
عيسيٰ مسيح حضرت موسيٰ ۽ يشوع کان مٿاھون ۱‏:۳‎–۱۳‏:۴
وڏو سردار ڪاھن ھجڻ عيسيٰ مسيح جي بلندي آھي ۱۴‏:۴‎–۲۸‏:۷
عيسيٰ مسيح جي عھد جي بلندي ۱‏:۸‎–۲۸‏:۹
عيسيٰ مسيح جي قربانيءَ جي بلندي ۱‏:۱۰‎–۳۹
ايمان بنياد آھي ۱‏:۱۱‎–۲۹‏:۱۲
آخر ۾ تاڪيد ۽ دعا سلام ۱‏:۱۳‎–۲۵

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy