YouVersion Logo
Search Icon

فليمون ‮تعارف‬

تعارف
مسيح تي ايمان آڻيندڙن مان فليمون وڏي حيثيت وارو ھڪ شخص ھو. گھڻو ڪري تہ ھو ڪلسي شھر جي ڪليسيا جو ميمبر ھو ۽ وٽس اُنيسمس نالي ھڪ غلام ھو. اھو غلام پنھنجي مالڪ وٽان ڀڄي ويو ھو. انھيءَ جو ڪنھن طرح پولس سان رابطو ٿيو، جيڪو انھيءَ وقت قيد ۾ ھو. پولس رسول جي معرفت ھن مسيح تي ايمان آندو.
فليمون ڏانھن پولس رسول جي ھن خط لکڻ جو مقصد اھو عرض ڪرڻ آھي تہ ھو پنھنجي غلام اُنيسمس تي وري مھربان ٿئي، جنھن کي پولس ھن خط سان گڏ ڏانھس واپس موڪلي رھيو ھو. پولس رسول خط ۾ کيس ھدايت ڪئي تہ ھو اُنيسمس جو آڌرڀاءُ نہ رڳو ھڪ بخشيل غلام وانگر، بلڪ مسيح تي ايمان آڻيندڙ ھڪ ڀاءُ جي حيثيت ۾ پڻ ڪري.
سِٽاءُ
پيش لفظ ۱‎–۳
فليمون لاءِ دعا ۴‎–۷
اُنيسمس لاءِ عرض ۸‎–۲۲
دعا سلام ۲۳‎–۲۵

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy