YouVersion Logo
Search Icon

متي 3

3
يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي تبليغ
(مرقس ۱‏:۱‎–۸، لوقا ۱‏:۳‎–۱۸، يوحنا ۱۹‏:۱‎–۲۸)
1انھن ڏينھن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يھوديہ جي رڻ⁠پٽ ۾ تبليغ ڪندو پئي آيو تہ 2#مت ۱۷‏:۴، مر ۱۵‏:۱ ”توبھہ ڪريو جو آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“ 3#يس ۳‏:۴۰ يحيٰ اھو ئي ھو جنھن لاءِ يسعياہ نبي چيو ھو تہ
”رڻ⁠پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ
’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو،
ھن لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“
4 # ۲.با ۸‏:۱ يحيٰ کي ملس جا ڪپڙا پھريل ھوندا ھئا، کيس چيلھہ ۾ چمڙي جو پٽو ٻڌل ھوندو ھو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي ھئي. 5ماڻھو ھن وٽ يروشلم کان، سڄي يھوديہ کان ۽ اردن درياءَ جي چوطرف وارن علائقن کان پئي آيا. 6انھن پنھنجا گناھہ پئي باسيا ۽ ھن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.
7 # مت ۳۴‏:۱۲، ۳۳‏:۲۳ يحيٰ جڏھن ڏٺو تہ ڪيئي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رھيا آھن، تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟ 8اھڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوھان سچ⁠پچ پنھنجن گناھن تي پڇتايو آھي. 9#يو ۳۳‏:۸ ائين نہ سمجھو تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا ھنن پٿرن مان بہ ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو. 10#مت ۱۹‏:۷ ھاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪھاڙو تيار رکيو ويو آھي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باھہ ۾ اڇلائبو. 11آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوھان گناھن کان توبھہ ڪئي آھي، پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو. ھو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي، آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آھيان. 12ھن جي ھٿ ۾ پنھنجو ڇڄ آھي ۽ ھو پنھنجي ڳاھہ جي پِڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. ھو پنھنجي ڪڻڪ پنھنجن ڀانڊن ۾ انبار ڪندو پر بُھہ کي اھڙي باھہ ۾ ساڙيندو جيڪا ڪڏھن بہ نہ ٿي وسامي.“
عيسيٰ جي بپتسما
(مرقس ۹‏:۱‎–۱۱، لوقا ۲۱‏:۳‎–۲۲)
13پوءِ عيسيٰ گليل کان اردن درياءَ تي يحيٰ وٽ آيو تہ کانئس بپتسما وٺي. 14پر يحيٰ کيس منع ڪرڻ لڳو ۽ چيائينس تہ ”مون کي تہ پاڻ تو کان بپتسما وٺڻ گھرجي ۽ تون وري مون وٽ آيو آھين؟“ 15تنھن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”في⁠الحال تہ منھنجي مڃ، ڇالاءِ⁠جو اھڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪئي.
16سو عيسيٰ جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاھر آيو تہ ھن لاءِ آسمان کُلي پيو ۽ خدا جو روح ھڪ ڪبوتر وانگر ھيٺ لھندو ۽ پاڻ تي ويھندو ڏٺائين. 17#پيد ۲‏:۲۲، زب ۷‏:۲، يس ۱‏:۴۲، مت ۱۸‏:۱۲، ۵‏:۱۷، لو ۳۵‏:۹ پوءِ آسمان مان ھڪ آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ آءٌ ھن مان ڏاڍو خوش آھيان.“

Currently Selected:

متي 3: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy