YouVersion Logo
Search Icon

متي 2

2
اوڀر جا نجومي
1يھوديہ جي بادشاھہ ھيروديس جي ڏينھن ۾ عيسيٰ يھوديہ جي بيت⁠لحم شھر ۾ پيدا ٿيو. ان کان پوءِ ستت ئي ڪي نجومي اڀرندي کان يروشلم ۾ آيا، 2۽ اچي پڇيائون تہ ”اھو ٻار ڪٿي آھي جيڪو يھودين جو بادشاھہ ٿيڻ لاءِ ڄائو آھي؟ اسان ھن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آھي ۽ اسين ھن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آھيون.“ 3ھيروديس بادشاھہ جڏھن ھي ٻڌو تہ ھو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻھو ڏاڍا پريشان ٿيا. 4ھن سڀني سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“ 5انھن وراڻيو تہ ”يھوديہ جي بيت⁠لحم ۾، ڇالاءِ⁠جو نبيءَ جي معرفت ھيئن لکيو ويو آھي تہ
6 # ميڪ ۲‏:۵ ’اي بيت⁠لحم! يھوديہ جي ملڪ ۾،
تون ڪنھن بہ طرح يھوديہ جي شھزادن مان،
ڪنھن کان بہ ننڍو نہ آھين.
ڇالاءِ⁠جو تو منجھان ھڪ حاڪم نڪرندو،
جو منھنجي قوم بني اسرائيل جي رھبري ڪندو.‘“
7تنھن تي ھيروديس انھن نجومين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪھڙي وقت نظر آيو ھو؟“ 8پوءِ ھن انھن کي ھي حڪم ڏيئي بيت⁠لحم ڏانھن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏھن اوھين انھيءَ کي لھو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ اچي کيس سجدو ڪريان.“
9‏-10بادشاھہ جي حڪم موجب اھي روانا ٿيا ۽ رستي ۾ جڏھن اھو تارو ڏٺائون جيڪو اوڀر ۾ ڏٺو ھئائون، تڏھن اھي خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نہ پيا ماپن. اھو تارو سندن اڳيان ھلندو رھيو، تان جو اچي ان جاءِ جي مٿان بيٺو جتي ٻارڙو ھو. 11ھو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻارڙي کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ ان کي گوڏا کوڙي سجدو ڪيائون. پوءِ انھن پنھنجون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ ھيون. 12خدا انھن کي خواب ۾ چتاءُ ڏنو تہ ”متان وري ھيروديس وٽ ويا آھيو.“ تنھنڪري اُھي ٻيو رستو وٺي پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽي ويا.
مصر ۾ وڃي رھڻ
13جڏھن اُھي ھليا ويا تہ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنھن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ڏانھن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رھجانءِ، ڇوتہ ھيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“ 14تنھن تي ھو اُٿيو، ٻار ۽ سندس ماءُ کي ساڻ ڪري راتورات مصر ڏانھن ھليو ويو. 15#ھوس ۱‏:۱۱ ھيروديس جي مرڻ تائين ھو اُتي ئي رھيا، انھيءَ لاءِ تہ خداوند نبيءَ جي معرفت جيڪي چوايو ھو سو پورو ٿئي تہ ”مون پنھنجي فرزند کي مصر مان گھرايو آھي.“
ٻارن ۾ ڪوس
16جڏھن ھيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آھي، تڏھن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. ھن حڪم ڏنو تہ ”بيت⁠لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ جيڪي⁠بہ ٻن سالن کان ننڍا يا ٻن سالن جا ٻار ھجن تن سڀني کي ماري ڇڏيو،“ ڇوتہ ھن کي اھو وقت ياد ھو جڏھن نجومين کيس تاري جي ظاھر ٿيڻ بابت ٻڌايو ھو. 17اھڙيءَ طرح جيڪو يرمياہ نبيءَ چيو ھو سو سچو ثابت ٿيو تہ
18 # ير ۱۵‏:۳۱ ”راما ۾ ھڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو،
ڏاڍي روئڻ ۽ پٽڻ جو آواز.
راخل پنھنجن ٻارن لاءِ روئي ٿي،
اھا روئي ٿي ۽ کيس آرام نہ ٿو اچي،
ڇاڪاڻ⁠تہ اُھي سڀ مري ويا آھن.“
مصر مان واپسي
19ھيروديس جي مرڻ کان پوءِ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، 20جنھن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ وڃ، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي ٻار کي مارائڻ جي ڪوشش ڪن پيا سي مري ويا آھن.“ 21تنھن تي يوسف اٿيو، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ ۾ آيو.
22جڏھن ھن کي خبر پيئي تہ ارڪيلائوس پنھنجي پيءُ ھيروديس جي گاديءَ تي يھوديہ جو بادشاھہ ٿيو آھي تہ ھو اوڏانھن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. پر ھن کي خواب ۾ وڌيڪ ھدايتون مليون ۽ ھو گليل جي علائقي ۾ آيو، 23#مر ۲۴‏:۱، لو ۳۹‏:۲، يو ۴۵‏:۱ ۽ اتي ناصرت شھر ۾ رھيو. اھو ان ڪري ٿيو تہ نبين جيڪي چيو ھو سو پورو ٿئي تہ ”ھو ناصري سڏيو ويندو.“

Currently Selected:

متي 2: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy