YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 5

5
تلاءَ وٽ شفا ڏيڻ
1ڪجھہ وقت کان پوءِ يھودين جي ھڪڙي عيد تي عيسيٰ يروشلم ڏانھن ويو. 2يروشلم ۾ رڍن واري در وٽ ھڪ تلاءُ آھي، جنھن کي عبراني ٻوليءَ ۾ بيت⁠حسدا ڪري سڏبو آھي ۽ انھيءَ کي پنج ڏيڍيون آھن. 3‏-4اتي ڪيترا ئي معذور يعني انڌا، منڊا ۽ سڙيل سڪل پيا ھوندا ھئا.#ڪن ترجمن ۾ ھي بہ شامل آھي: اھي پاڻيءَ ۾ چرپر ٿيڻ جي انتظار ۾ ھوندا ھئا، ڇالاءِ⁠جو ڪنھن ڪنھن مھل ھڪڙو ملائڪ اچي تلاءَ جي پاڻيءَ ۾ چرپر ڪندو ھو ۽ پاڻيءَ جي اٿل کان پوءِ جيڪو ماڻھو انھيءَ تلاءَ ۾ پھريائين گھڙندو ھو تنھن کي جيڪا بہ بيماري ھوندي ھئي سا ڇڏي ويندي ھيس. 5اتي ھڪڙو اھڙو ماڻھو ھو، جيڪو اٺٽيھن ورھين کان بيمار پيو ھو. 6جڏھن عيسيٰ کيس اتي پيل ڏٺو ۽ خبر پيس تہ ھو گھڻي وقت کان وٺي اھڙي حال ۾ آھي، تڏھن چيائينس تہ ”ڇا تنھنجي مرضي آھي تہ تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿئين؟“ 7تنھن تي انھيءَ بيمار وراڻيو تہ ”سائين! جنھن مھل پاڻي اڇل ٿو کائي، تنھن مھل اھڙو ماڻھو ڪونہ ھوندو آھي جيڪو مون کي کڻي ھن تلاءَ ۾ وجھي. سو جيستائين آءٌ پاڻ اچان تيستائين مون کان اڳي ڪو ٻيو پاڻيءَ ۾ گھڙي پوندو آھي.“ 8عيسيٰ چيس تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.“ 9تڏھن ھڪدم اھو ماڻھو ڇٽي چڱو ڀلو ٿي پيو ۽ پنھنجو کٽولو کنيائين ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو.
اھو سبت جي ڏينھن تي ٿيو. 10#نحم ۱۹‏:۱۳، ير ۲۱‏:۱۷ تنھنڪري جيڪو ماڻھو ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو ھو تنھن کي يھودي اڳواڻ چوڻ لڳا تہ ”اڄ سبت آھي، سو تو کي کٽولو کڻڻ جائز نہ آھي.“ 11تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ جواب ڏنن تہ ”جنھن ماڻھوءَ مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي، تنھن ئي تہ مون کي چيو تہ ’پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.‘“ 12تڏھن انھن کانئس پڇيو تہ ”اھو ماڻھو ڪير آھي، جنھن تو کي چيو تہ ’پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر؟‘“ 13جيڪو ماڻھو چڱو ڀلو ٿيو ھو تنھن کي اھا خبر ڪانہ ھئي تہ اھو ڪير ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ گھڻي گوڙ ھئڻ ڪري عيسيٰ اتان کسڪي ھليو ويو ھو.
14ٿوري وقت کان پوءِ عيسيٰ انھيءَ ماڻھوءَ کي ھيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، ھاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آھين، سو وري گناھہ نہ ڪجانءِ، متان ھن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“ 15پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ وڃي يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اھو ماڻھو عيسيٰ آھي، جنھن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي.“ 16انھيءَ سبب ڪري اھي اڳواڻ عيسيٰ کي ستائڻ لڳا، ڇالاءِ⁠جو ھن سبت جي ڏينھن تي اھڙا ڪم ٿي ڪيا.
17عيسيٰ کين جواب ڏنو تہ ”منھنجو پيءُ اڄ تائين ھميشہ ڪم ڪندو رھي ٿو ۽ آءٌ بہ پيو ڪم ڪريان.“ 18ھن ڳالھہ جي ڪري تہ يھودي اڳواڻ ھيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو بلڪ خدا کي پنھنجو پيءُ سڏي پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.
فرزند جي اختياري
19پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري. 20انھيءَ جو سبب ھي آھي تہ پيءُ فرزند سان پيار ٿو ڪري ۽ کيس اھي سڀ ڪم ڏيکاري ٿو جيڪي ھو پاڻ ڪري ٿو. ھو انھن ڪمن کان اڃا بہ وڏا ڪم کيس ڏيکاريندو ۽ اوھين سڀيئي حيران ٿي ويندا. 21جيئن پيءُ مئلن کي جياري کين زندگي ڏئي ٿو، تيئن فرزند بہ جنھن کي وڻيس تنھن کي زندگي ڏئي ٿو. 22پيءُ پاڻ ڪنھن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪري، بلڪ ھن پنھنجي فرزند کي فيصلي ڪرڻ جو پورو اختيار ڏيئي ڇڏيو آھي 23تہ جيئن سڀيئي ماڻھو فرزند جي اھڙي نموني عزت ڪن جھڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. جيڪو بہ فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو ڄڻ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري جنھن کيس موڪليو آھي.
24آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منھنجو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن تي ايمان آڻي ٿو، تنھن جي زندگي دائمي آھي ۽ مٿس سزا لاڳو نہ ٿيندي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آھي. 25آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي بلڪ اچي پھتي آھي، جڏھن مئل ماڻھو خدا جي فرزند جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيئرا ٿيندا. 26جيئن پيءُ زندگيءَ جو وسيلو آھي، تيئن ھن پنھنجي فرزند کي بہ زندگيءَ جو وسيلو بڻايو آھي، 27۽ پنھنجي فرزند کي فيصلي ڪرڻ جي اختياري ڏني اٿس، ڇالاءِ⁠جو ھو ابن⁠ آدم آھي. 28انھيءَ ڳالھہ تي حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي جڏھن سڀيئي قبرن وارا سندس آواز ٻڌندا 29#دان ۲‏:۱۲ ۽ قبرن مان نڪري ايندا. پوءِ جن چڱا ڪم ڪيا آھن تن کي زندگي ملندي، پر جن بڇڙا ڪم ڪيا آھن تن کي سزا ملندي.“
عيسيٰ بابت شاھدي
30”آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن خدا مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي انصاف ڪريان ٿو. تنھنڪري منھنجو انصاف صحيح آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ موجب نہ، پر جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن جي مرضي موجب ڪم ڪريان ٿو.
31جيڪڏھن آءٌ پاڻ پنھنجي شاھدي ڏيان تہ منھنجي شاھدي قابل قبول نہ ٿيندي. 32پر اھو ٻيو آھي جيڪو مون بابت شاھدي ٿو ڏئي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاھدي ھو مون بابت ڏئي ٿو سا سچي آھي. 33#يو ۱۹‏:۱‎–۲۷، ۲۷‏:۳‎–۳۰ اوھان پنھنجا قاصد يحيٰ ڏانھن موڪليا ۽ ھن سچ جي شاھدي ڏني. 34مون کي تہ انسان جي شاھديءَ جي ضرورت نہ آھي، تنھن ھوندي بہ اھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوھان کي ڇوٽڪارو ملي. 35يحيٰ ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر ھو ۽ اوھان گھڙي پلڪ ھن جي روشنيءَ ۾ خوش رھڻ پسند ڪيو. 36پر مون وٽ جيڪا شاھدي آھي سا يحيٰ جي شاھديءَ کان بہ وڌيڪ آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آھن، يعني اھي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ ھينئر ڪري رھيو آھيان، سي ئي منھنجي شاھدي ٿا ڏين تہ پيءُ مون کي موڪليو آھي. 37#مت ۱۷‏:۳، مر ۱۱‏:۱، لو ۲۲‏:۳ بلڪ پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن پاڻ بہ مون بابت شاھدي ڏني آھي. اوھان نہ تہ ڪڏھن ھن جو آواز ٻڌو آھي، نڪي سندس صورت ڏٺي اٿوَ، 38نڪي وري ھن جي ڪلام کي دل ۾ جاءِ ٿا ڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن کي ھن موڪليو آھي تنھن کي اوھين قبول ئي نہ ٿا ڪريو. 39اوھين پاڪ لکتون انھيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙھو، جو اوھان جو خيال آھي تہ انھن ۾ اوھان کي دائمي زندگي ملندي ۽ اھي پاڪ لکتون ئي منھنجي شاھدي ڏين ٿيون. 40تڏھن بہ اوھين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ دائمي زندگي مليوَ.
41آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ انسان منھنجي ساراھہ ڪن. 42پر آءٌ اوھان کان واقف آھيان ۽ مون کي خبر آھي تہ خدا جو پيار اوھان جي دلين ۾ نہ آھي. 43آءٌ تہ پنھنجي پيءُ جي اختياريءَ سان آيو آھيان ۽ اوھان مون کي قبول نہ ٿا ڪريو. پر جيڪڏھن ڪو ٻيو پنھنجي پاران آيو تہ اوھين انھيءَ کي قبول ڪندا. 44اوھين ھڪٻئي کان ساراھہ ڪرائڻ گھرو ٿا. پر اھا ساراھہ جا اڪيلي خدا کان ٿي ملي تنھن جي ڳولا نہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ اوھين ڪيئن ايمان آڻي سگھندا؟ 45اوھين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ پيءُ وٽ اوھان جي دانھن ڏيندس، پر اوھان جي دانھن ڏيڻ وارو موسيٰ آھي جنھن ۾ اوھان جو آسرو آھي. 46جيڪڏھن اوھين سچ⁠پچ موسيٰ تي ايمان آڻيو ھا تہ مون تي بہ ايمان آڻيو ھا، ڇالاءِ⁠جو ھن مون بابت لکيو آھي. 47پر جڏھن اوھين ھن جي لکتن تي ايمان نہ ٿا آڻيو، تہ پوءِ منھنجي ڳالھين تي ڪيئن ايمان آڻيندا.“

Currently Selected:

يوحنا 5: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy