YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 4

4
عيسيٰ ۽ ھڪ سامري عورت
1فريسين ٻڌو تہ عيسيٰ يحيٰ کان وڌيڪ شاگرد ڪري رھيو آھي ۽ بپتسما ڏيئي رھيو آھي. 2حقيقت ۾ عيسيٰ پاڻ ڪنھن کي بہ بپتسما نہ ٿي ڏني، پر سندس شاگرد ڏيئي رھيا ھئا. 3جڏھن عيسيٰ کي انھيءَ ڳالھہ جي خبر پئي تڏھن يھوديہ کي ڇڏي، موٽي گليل ڏانھن ھليو ويو. 4رستي تي ھن کي سامريہ مان لنگھڻو پيو.
5 # پيد ۱۹‏:۳۳، يش ۳۲‏:۲۴ پوءِ ھو سامريہ جي سوخار نالي ھڪڙي شھر ڏانھن ويو، جيڪو انھيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ ھو جا يعقوب پنھنجي پٽ يوسف کي ڏني ھئي. 6انھيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوھہ ھو. عيسيٰ مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو ھو، سو کوھہ جي ڀرسان ويھي رھيو. اھو اٽڪل ٻنپھرن جو وقت ھو.
7‏-8ايتري ۾ اتي ھڪ سامري عورت پاڻي ڀرڻ آئي. جيئن تہ عيسيٰ جا شاگرد شھر مان کاڌو وٺڻ ويا ھئا، سو عيسيٰ انھيءَ کي چيو تہ ”مون کي پاڻي پيار.“ 9#عز ۱‏:۴‎–۵، نحم ۱‏:۴‎–۲ تنھن تي انھيءَ سامري عورت کيس وراڻيو تہ ”تون يھودي ٿي ڪري مون سامري عورت کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ ڇالاءِ⁠جو يھودي ماڻھو اھي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا ھئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا ھئا. 10عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي بخشش جي خبر ھجي ھا ۽ ڄاڻين ھا تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آھي، تہ تون جيڪر ھن کان گھرين ھا ۽ ھو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ھا.“ 11عورت چيو تہ ”سائين! اوھان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونھي ۽ کوھہ بہ اونھو آھي. پوءِ اوھين زندگيءَ جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟ 12ڇا اوھين اسان جي ڏاڏي يعقوب کان بہ وڏا آھيو، جنھن ھيءُ کوھہ اسان کي ڏنو ھو؟ ھن مان ھو پاڻ، سندس پٽ ۽ سندس مال سڀيئي پاڻي پيئندا ھئا.“ 13عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو ھي پاڻي پيئي ٿو تنھن کي وري اڃ لڳي ٿي. 14پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏھن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ ھڪ چشمو ٿي پوندو، جنھن مان زندگيءَ جو پاڻي نڪرندو جو کيس دائمي زندگي ڏيندو.“ 15انھيءَ عورت چيو تہ ”پوءِ اي سائين! مون کي اھو پاڻي ڏيو تہ جيئن مون کي وري اڃ نہ لڳي ۽ نہ وري ھيترو پنڌ ڪري ھتي پاڻي ڀرڻ اچان.“ 16عيسيٰ چيس تہ ”وڃ ۽ پنھنجي مڙس کي وٺي اچ.“ 17تنھن تي عورت چيو تہ ”مون کي تہ مڙس آھي ئي ڪونہ.“ عيسيٰ چيس تہ ”تو سچ چيو تہ تو کي مڙس ڪونھي. 18ڇالاءِ⁠جو تون پنج مڙس ڪري چڪي آھين ۽ ھاڻي جنھن شخص وٽ تون رھين ٿي، سو تنھنجو مڙس نہ آھي.“ 19عورت چيس تہ ”سائين! آءٌ سمجھان ٿي تہ اوھين ڪي نبي آھيو. 20اسان جا وڏا تہ ھن جبل تي عبادت ڪندا ھئا، پر اوھين يھودي چئو ٿا تہ ’جنھن جاءِ تي عبادت ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آھي.‘“ 21عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! مون تي اعتبار ڪرين تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي جڏھن اوھين پيءُ جي عبادت نہ ھن جبل تي ۽ نڪي يروشلم ۾ ڪندا. 22اوھين سامري انھيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جنھن کي اوھين نہ ٿا سڃاڻو. اسين يھودي انھيءَ جي عبادت ڪريون ٿا جنھن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇالاءِ⁠جو يھودين منجھان ئي ڇوٽڪارو آھي. 23پر اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ ھاڻي اچي پھتي آھي، جڏھن سچا عبادت ڪندڙ روح ۽ سچائيءَ سان پيءُ جي عبادت ڪندا ۽ پيءُ بہ اھڙن عبادت ڪندڙن کي چاھي ٿو. 24خدا روح آھي ۽ عبادت ڪندڙن کي بہ روح ۽ سچائيءَ سان سندس عبادت ڪرڻ گھرجي.“
25تنھن تي عورت عيسيٰ کي چيو تہ ”مون کي خبر آھي تہ مسيح اچڻو آھي. جڏھن اھو ايندو تڏھن اسان کي سڀ ڳالھيون ٻڌائيندو.“ 26عيسيٰ چيس تہ ”اھو تہ آءٌ آھيان، جيڪو تو سان ويٺو ڳالھايان.“
27ايتري ۾ عيسيٰ جا شاگرد موٽي آيا ۽ اھو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا تہ ھو عورت ذات سان ويٺو ڳالھائي. پر انھن مان ڪنھن بہ انھيءَ عورت کان نہ پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ ۽ نہ عيسيٰ کي چيائون تہ ”توھين ھن سان ڇو ٿا ڳالھايو؟“
28پوءِ اھا عورت پنھنجو دلو اتي ڇڏي شھر ڏانھن موٽي ويئي ۽ ماڻھن کي چيائين تہ 29”ھلو ۽ ھڪ شخص تہ ڏسو، جنھن اھو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪي مون ڪيو آھي. ڇا اھو مسيح تہ نہ آھي؟“ 30پوءِ اھي شھر مان نڪري عيسيٰ وٽ آيا.
31ساڳئي وقت سندس شاگردن عرض ڪيس تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“ 32پر ھن کين چيو تہ ”مون وٽ کائڻ لاءِ اھو کاڌو آھي، جنھن جي اوھان کي ڪابہ خبر نہ آھي.“ 33تنھن تي سندس شاگرد ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھن لاءِ ڪنھن کاڌو آندو آھي؟“ 34عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو کاڌو اھو آھي تہ انھيءَ جي مرضي پوري ڪريان جنھن مون کي موڪليو آھي ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.
35اوھين چئو ڪين ٿا تہ لاباري ۾ چار مھينا پيا آھن؟ پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اکيون کوليو ۽ پوکن ڏانھن نھاريو جو اھي لاباري لاءِ ھاڻي بلڪل تيار آھن. 36جيڪو لابارو ڪري ٿو تنھن کي مزوري ملي ٿي ۽ دائمي زندگيءَ لاءِ فصل گڏ ڪري ٿو، تہ جيئن جنھن ماڻھوءَ پوکيو آھي ۽ جنھن لڻيو آھي سي ٻئي گڏجي خوشي ڪن. 37ھيءَ چوڻي سچي آھي تہ ’پوکي ھڪڙو ٿو ۽ لڻي ٻيو ٿو.‘ 38مون اوھان کي موڪليو آھي تہ ان ٻنيءَ ۾ فصل جو لابارو ڪريو جتي اوھان ڪم نہ ڪيو آھي. پر ٻين اتي ڪم ڪيو آھي ۽ اوھان انھن جي ڪم مان فائدو ورتو آھي.“
39انھيءَ شھر جي ڪيترن ئي سامرين عيسيٰ تي ايمان آندو، ڇالاءِ⁠جو ان عورت شاھدي ڏني ھئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آھي سو سڀ ھن مون کي ٻڌايو آھي.“ 40پوءِ جڏھن اھي سامري وٽس آيا، تڏھن عرض ڪيائونس تہ ”اسان وٽ ھلي مھمان ٿيو.“ سو عيسيٰ اتي ٻہ ڏينھن ٽڪي پيو.
41ٻين بہ ڪيترن ئي سندس ڪلام جي ڪري مٿس ايمان آندو. 42پوءِ اھي ان عورت کي چوڻ لڳا تہ ”ھاڻي اسان تنھنجي چوڻ تي ئي مٿس ايمان نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آھي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ ھيءُ ئي دنيا جو ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي.“
عملدار جي پٽ کي شفا ڏيڻ
43عيسيٰ ٻہ ڏينھن ترسڻ کان پوءِ اتان روانو ٿي گليل ڏانھن ھليو ويو. 44#مت ۵۷‏:۱۳، مر ۴‏:۶، لو ۲۴‏:۴ ھڪ دفعي عيسيٰ پاڻ چيو ھو تہ ”ڪنھن بہ نبيءَ کي پنھنجي وطن ۾ عزت نہ ٿي ملي.“ 45#يو ۲۳‏:۲ جڏھن ھو گليل ۾ پھتو تہ اتي جي ماڻھن سندس آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي بہ عيد فصح جي موقعي تي يروشلم ڏانھن ويا ھئا ۽ اتي عيسيٰ جيڪي ڪجھہ ڪيو سو سڀ ڏٺو ھئائون.
46 # يو ۱‏:۲‎–۱۱ پوءِ عيسيٰ گليل جي شھر قانا ۾ موٽي آيو، جتي ھن پاڻيءَ کي مئي بڻايو ھو. اتي ھڪ عملدار ھو جنھن جو پٽ ڪفرناحوم ۾ بيمار ھو. 47جڏھن ھن ٻڌو تہ عيسيٰ يھوديہ کان گليل ۾ آيو آھي، تڏھن ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ”مھرباني ڪري ھلو ۽ منھنجي پٽ کي شفا ڏيو، ڇالاءِ⁠جو ھو مرڻ تي آھي.“ 48تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اوھين تيستائين ايمان نہ آڻيندا، جيستائين معجزا ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“ 49عملدار وراڻيو تہ ”سائين! مون سان ھلو، متان منھنجو ٻچڙو مري نہ وڃي.“ 50عيسيٰ کيس چيو تہ ”وڃ تنھنجو پٽ نہ مرندو.“ جيئن عيسيٰ چيس تيئن ھن بہ يقين ڪيو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿيو. 51عملدار اڃا گھر ڏانھن وڃي رھيو ھو تہ سندس نوڪر رستي تي گڏيس ۽ ٻڌايائونس تہ ”تنھنجو پٽ خوش ٿي ويو آھي.“ 52تنھن تي ھن نوڪرن کان پڇيو تہ ”اھا ڪھڙي مھل ھئي جڏھن منھنجو پٽ چڱو ڀلو ٿيڻ لڳو.“ انھن چيو تہ ”ڪالھہ منجھند جو ھڪ بجي کيس بخار ڇڏي ويو.“ 53تنھن تي پڻس کي ياد آيو تہ برابر اھو ئي وقت ھو جڏھن عيسيٰ کيس چيو ھو تہ ”تنھنجو پٽ نہ مرندو.“ سو انھيءَ عملدار ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين ايمان آندو.
54ھي عيسيٰ جو ٻيو معجزو ھو، جيڪو ھن يھوديہ کان گليل ۾ اچڻ کان پوءِ ڏيکاريو ھو.

Currently Selected:

يوحنا 4: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy