YouVersion Logo
Search Icon

1.يوحنا ‮تعارف‬

تعارف
يوحنا رسول جي ھن پھرين عام خط جا ٻہ خاص مقصد آھن، ھڪ تہ پنھنجي پڙھندڙن کي خدا ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان رفاقت ۾ رھڻ لاءِ ھمتائجي ۽ ٻيو تہ انھن کي خبردار ڪجي تہ اھا رفاقت غلط تعليم تي عمل ڪرڻ سان تباھہ ٿي ويندي. اھا تعليم انھيءَ غلط عقيدي تي ٻڌل ھئي تہ ”ماديت سان ڪنھن بہ قسم جو تعلق رکڻ سان بڇڙائي پيدا ٿئي ٿي ۽ اھڙيءَ طرح عيسيٰ مسيح، خدا جو فرزند حقيقت ۾ انساني صورت ۾ ڪونہ آيو.“ اھڙي تعليم ڏيندڙن جي دعويٰ ھئي تہ ”جيڪڏھن بچڻ چاھيو ٿا تہ ھن مادي دنيا کان لاڳاپا ٽوڙيو.“ ھو اھو بہ سيکاريندا ھئا تہ ”نيڪ اخلاق ۽ ھڪٻئي سان پيار رکڻ سان ڇوٽڪاري جو ڪوبہ واسطو ڪونھي.“
انھيءَ غلط تعليم جي برعڪس خط لکندڙ واضح ٿو ڪري تہ عيسيٰ مسيح حقيقت ۾ ھڪ انسان ئي ھو. يوحنا رسول انھيءَ ڳالھہ تي زور ڏئي ٿو تہ جيڪي⁠بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻين ٿا ۽ خدا سان پيار ڪن ٿا، تن کي ھڪٻئي سان محبت ڪرڻ گھرجي.
سِٽاءُ
پيش لفظ ۱: ۱‎–۴
روشني ۽ اونداھي ۵‏:۱‎–۲۹‏:۲
خدا جا ٻار ۽ شيطان جا ٻار ۱‏:۳‎–۲۴
سچا ۽ ڪوڙا روح ۱‏:۴‎–۶
پيار لاءِ تاڪيد ۷‏:۴‎–۲۱
ايمان جي فتح ۱‏:۵‎–۲۱

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy