YouVersion Logo
Search Icon

1.يوحنا 1

1
زندگيءَ جو ڪلام
1 # يو ۱‏:۱ اوھان ڏانھن اسين زندگيءَ جي ڪلام بابت لکون ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي ھو. اسان اھو ٻڌو ۽ پنھنجين اکين سان ڏٺو آھي. ھائو، اسان نہ رڳو ڏٺو آھي بلڪ پنھنجن ھٿن سان ڇھيو بہ آھي. 2#يو ۱۴‏:۱ ڇالاءِ⁠جو اھا ئي تہ زندگي ھئي، جيڪا پيءُ سان ھئي ۽ اسان تي ظاھر ٿي. اسان اھا ڏٺي ۽ ان جا اکين ڏٺا شاھد آھيون. 3جيڪي⁠بہ اسان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو اوھان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوھين اسان سان انھيءَ صحبت ۾ شامل ٿيو، جيڪا اسان کي پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آھي. 4ھي ڳالھيون اسين انھيءَ لاءِ لکي رھيا آھيون تہ جيئن اسان کي پوري پوري خوشي حاصل ٿئي.
روشنيءَ ۾ ھلڻ
5ھاڻي، جيڪو پيغام اسان سندس فرزند کان ٻڌو آھي، سو اوھان کي ڏيون ٿا تہ ”خدا روشني آھي ۽ منجھس اوندھہ تہ اصل آھي ئي ڪانہ.“ 6پوءِ جيڪڏھن اسان جي خدا سان صحبت آھي ۽ ھلون وري اوندھہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالھايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون. 7پر جيڪڏھن اسين روشنيءَ ۾ ھلون ٿا، جيئن خدا پاڻ بہ روشنيءَ ۾ آھي، تہ پوءِ اسان جي ھڪ ٻئي سان صحبت آھي ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح جو رت اسان کي سڀني گناھن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.
8جيڪڏھن اسين چئون تہ اسان ۾ گناھہ ڪونہ آھي، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچائي ڪانھي. 9پر جيڪڏھن اسين پنھنجا گناھہ باسينداسين تہ خدا پنھنجو واعدو پاڙيندو ۽ انصاف ڪري اسان جا گناھہ معاف ڪندو ۽ اسان کي ساري بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندو. 10جيڪڏھن اسين چئون تہ اسان گناھہ ڪونہ ڪيو آھي، تڏھن اسين ڄڻ خدا کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس ڪلام موجود نہ آھي.

Currently Selected:

1.يوحنا 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy