YouVersion Logo
Search Icon

1.ڪرنٿين 3

3
خدا جا خدمتگار
1اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان سان روحاني ماڻھن وانگر نہ ڳالھائي سگھيس پر دنياوي ماڻھن وانگر، يعني مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ننڍڙن ٻارن وانگر ڳالھائي سگھيس. 2#عبر ۱۲‏:۵‎–۱۳ مون اوھان کي کير پياريو پر کاڌو نہ کارايو، ڇالاءِ⁠جو اوھين اڃا انھيءَ لاءِ تيار نہ ھئا ۽ نڪي ھاڻي ئي تيار آھيو. 3اوھين اڃا تائين دنياوي ماڻھن وانگر آھيو. جيئن تہ اوھان ۾ حسد ۽ جھيڙو جھڳڙو آھي، سو اوھين جسماني نہ آھيو ڇا؟ اوھين دنياوي ماڻھن وانگر نہ ٿا ھلو ڇا؟ 4#۱.ڪر ۱۲‏:۱ جڏھن اوھان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آھيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آھيان،“ تہ پوءِ اوھين دنياوي ماڻھن وانگر نہ آھيو ڇا؟
5تہ پوءِ اپلوس ڪھڙي شيءِ آھي؟ ۽ پولس ڇا آھي؟ اھي تہ خدمتگار آھن، جن جي وسيلي اوھان ايمان آندو. ھر ڪو اھڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جھڙيءَ طرح خداوند کيس ڏنو آھي. 6#رس ۴‏:۱۸‎–۱۱، ۲۴‎–۲۸ مون پوکيو، اپلوس پاڻي ڏنو پر وڌايو خدا. 7سو نہ پوکيندڙ ۽ نڪي پاڻي ڏيندڙ ڪا شيءِ آھن، پر خدا آھي جيڪو وڌائي ٿو. 8پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي ھڪجھڙا آھن. ھر ڪنھن کي پنھنجي پورھئي آھر اجورو ملندو. 9ڇالاءِ⁠جو اسين خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھيون ۽ اوھين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آھيو.
10خدا جو فضل جيڪو ھن مون کي عطا ڪيو، تنھن موجب مون ھڪڙي ماھر رازي وانگر بنياد وڌو ۽ ٻيو انھيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر ھر ھڪ کي خبردار رھڻ گھرجي تہ ھو انھيءَ تي ڪھڙي اڏاوت ٿو ڪري. 11سواءِ انھيءَ اڳ وڌل بنياد جي ڪوبہ ماڻھو ٻيو بنياد وجھي نہ سگھندو ۽ اھو بنياد يسوع مسيح آھي. 12پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھيءَ بنياد تي سون، چاندي، ھيرن جواھرن، ڪاٺ، گاھہ يا ڪکن جي اڏاوت ڪندو، 13تہ سندس ڪم ظاھر ٿي پوندو، ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڪم کي آخرت جو ڏينھن پڌرو ڪندو. اھو ڏينھن باھہ سان ظاھر ٿيندو ۽ اھا باھہ ھر ڪنھن جو ڪم پرکيندي تہ ڪھڙي قسم جو آھي. 14جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو انھيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽاءُ ڪندو تہ کيس ان جو اجورو ملندو. 15جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو ڪم سڙي ويندو تہ کيس نقصان پوندو، پر ھو پاڻ سڙندي سڙندي بچي ويندو.
16 # ۱.ڪر ۱۹‏:۶، ۲.ڪر ۱۶‏:۶ اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھين خدا جو گھر آھيو ۽ خدا جو روح اوھان ۾ رھي ٿو؟ 17جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا جي گھر کي برباد ڪندو تہ خدا انھيءَ ماڻھوءَ کي برباد ڪندو، ڇالاءِ⁠جو خدا جو گھر پاڪ آھي ۽ اھو گھر اوھين ئي آھيو.
18ڪوبہ ماڻھو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏھن اوھان منجھان ڪو ماڻھو ڀانئين تہ ھن زماني جي لحاظ کان ڏاھو ليکجان، تہ پوءِ کيس بي⁠وقوف بڻجڻ گھرجي تہ جيئن ھو ڏاھو ٿي پوي. 19#ايو ۱۳‏:۵ ڇالاءِ⁠جو ھن جھان جي ڏاھپ خدا جي آڏو بي⁠وقوفي آھي. جيئن لکيل آھي تہ
”خدا ڏاھن کي
سندن چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“ 20#زب ۱۱‏:۹۴ ٻي ھنڌ لکيل آھي تہ
”خداوند ڄاڻي ٿو تہ
ڏاھن جا خيال اجايا آھن.“
21تنھنڪري انسان تي ڪوبہ فخر نہ ڪري، ڇالاءِ⁠جو سڀ شيون اوھان جون آھن، 22جيئن تہ پولس، اپلوس، پطرس، ھيءَ دنيا، ھيءَ زندگي ۽ موت، حال ۽ مستقبل، اِھي سڀيئي اوھان جا آھن. 23اوھين سڀيئي مسيح جا آھيو ۽ مسيح خدا جو آھي.

Currently Selected:

1.ڪرنٿين 3: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy