1.ڪرنٿين 4
4
مسيح جا رسول
1ماڻھن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا خادم سمجھن، جن کي خدا جا راز سونپيا ويا آھن، 2۽ جن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آھي تن جو فرض آھي تہ ايماندار رھن. 3منھنجي لاءِ اھا ڳالھہ خسيس آھي جو اوھين يا ڪا ٻي انساني ڪورٽ منھنجي جاچ ڪري، جڏھن تہ آءٌ پاڻ پنھنجي جاچ ڪري نہ ٿو سگھان، 4ڇالاءِجو منھنجو ضمير مون تي ڪا ملامت نہ ٿو ڪري. تنھن ھوندي بہ ان مان اھو ثابت نہ آھي تہ آءٌ ڪو سچپچ بيڏوھي آھيان. مون کي جاچڻ وارو تہ خداوند ئي آھي. 5تنھنڪري خداوند جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنھن بہ ڳالھہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇالاءِجو اھو ئي اوندھہ ۾ لڪل شيون پڌريون ڪندو ۽ ماڻھن جي دلين جون رٿون ظاھر ڪندو. تڏھن خدا جي طرفان ھر ڪنھن جي پوري پوري ساراھہ ٿيندي.
6اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون ھنن ڳالھين ۾ اوھان جي خاطر پنھنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور پيش ڪيو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اوھين اسان کان سکو تہ ”جيڪي ڪجھہ لکيل آھي، تنھن کان ٻاھر نہ وڃو.“ اوھان مان ڪو ھڪڙي جي ڀر وٺي ٻئي جي خلاف ٻٽاڪون نہ ھڻي. 7تنھنجي ۽ ٻين جي وچ ۾ فرق ڪرڻ وارو ڪير آھي؟ ڇا تو وٽ اھڙي ڪا شيءِ آھي جيڪا تو کي انھيءَ کان نہ ملي ھجي؟ جيڪڏھن تو کي واقعي ملي آھي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ تو کي ملي ئي ڪانھي؟
8ھا اوھين تہ پھريون ئي آسودا ھئا. اوھين تہ اڳي ئي دولتمند ھئا ۽ اوھان اسان کان سواءِ بادشاھي ڪئي. ڪاش! اوھين سچپچ بادشاھي ڪريو ھا تہ من اسين بہ اوھان سان گڏ بادشاھي ڪريون ھا. 9منھنجي خيال ۾ خدا اسان رسولن کي سڀ کان ھيٺاھون ڪري انھن ماڻھن وانگر پيش ڪيو آھي، جن لاءِ سرِعام قتل جو حڪم ملي چڪو ھجي. اسين جھان، فرشتن ۽ ماڻھن لاءِ ھڪ تماشو بڻايا ويا آھيون. 10اسين تہ مسيح جي خاطر بيوقوف ٿا سڏجون، پر اوھين مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري سياڻا ٿا ليکجو. اسين ھيڻا پر اوھين طاقتور، اوھين عزت وارا پر اسين بيعزت ٿا ليکجون. 11اسين اڄ تائين بکايل، اڃايل ۽ اگھاڙا آھيون، در در ڌڪا کائيندا ٿا وتون ۽ رھڻ جي لاءِ ڪا جاءِ ڪانہ اٿئون. 12#رس ۳:۱۸ اسين پنھنجن ھٿن سان پورھيو ڪيو پيا ھڄون. جڏھن ماڻھو اسان تي لعنتون ٿا وجھن تہ اسين کين دعائون ٿا ڪريون. جڏھن ھو اسان کي ستائين ٿا تہ اسين صبر سان ٿا سھون. 13جڏھن ھو اسان جي گلا ڪن ٿا تہ اسين سندن نيڪي ٿا ڪريون. اسين ھن وقت تائين جھان جو گند ڪچرو ۽ سڀني شين جو ٻھر پيا ليکجون.
14آءٌ ھي ڳالھيون اوھان کي شرمسار ڪرڻ خاطر نہ ٿو لکان، بلڪ پنھنجا پيارا ٻار سمجھي اوھان کي نصيحت ٿو ڪريان. 15جيتوڻيڪ مسيحي زندگيءَ ۾ اوھان جا ڏھہ ھزار استاد ھجن، پر اوھان جو پيءُ تہ رڳو ھڪڙو ئي آھي. ڇالاءِجو خوشخبريءَ جي وسيلي آءٌ ئي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان جو پيءُ ٿيس. 16#۱.ڪر ۱:۱۱، فل ۱۷:۳ تنھنڪري آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين بہ مون جھڙي ھلت ڪريو. 17انھيءَ سبب ڪري آءٌ تيمٿيس کي اوھان ڏانھن موڪلي رھيو آھيان. ھو خداوند جو ھئڻ ڪري منھنجو پيارو ۽ وفادار فرزند آھي. ھو منھنجا اھي طريقا جيڪي مسيح جو ھجڻ ڪري منھنجي زندگيءَ ۾ آھن، اوھان کي ياد ڏياريندو، جھڙيءَ طرح آءٌ ھرھنڌ ھر ڪليسيا ۾ تعليم ڏيان ٿو.
18اوھان مان ڪن ٻٽاڪون ھنيون آھن، ڄڻ تہ آءٌ اوھان وٽ ايندس ئي ڪونہ. 19پر جي خداوند گھريو تہ آءٌ جلدي اوھان وٽ ايندس ۽ جيڪي ٻٽاڪي آھن، تن جي ڳالھين جي نہ، پر سندن طاقت جي خبر لھندس. 20ڇالاءِجو خدا جي بادشاھت ڳالھين تي نہ، پر طاقت تي مدار رکي ٿي. 21اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ آءٌ اوھان وٽ ڏنڊي سان اچان يا پيار ۽ نماڻائيءَ واري روح سان؟
Currently Selected:
1.ڪرنٿين 4: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society