YouVersion Logo
Search Icon

طيطس ‮تعارف‬

تعارف
پولس رسول هي خط طيطس نالي پنهنجي هم‌خدمت ڏانهن لکيو، جنهن کي هو ڪريتي ٻيٽ ۾ انهيءَ لاءِ ڇڏي آيو هو تہ هو اتي رهي ڪليسيا جي نظرداري ڪري. طيطس هڪ غير يهودي هو، جنهن خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو هو ۽ پولس رسول جي تبليغ واري ڪم ۾ ۽ هر هنڌ ڪليسيا قائم ڪرڻ ۾ سندس ساٿي ۽ مددگار هو (گلتين 2‏:3).
هن خط ۾ ٽي اهم نقطا بيان ڪيا ويا آهن. پهريون تہ طيطس کي ياد ڏياريو ويو آهي تہ ڪليسيا جي اڳواڻن جو ڪردار ڪيئن هئڻ گھرجي، خاص ڪري ڪريتي ۾، جتي اڪثر بدڪردار ماڻهو هئا. ٻيو تہ طيطس کي هدايت ڏني ويئي آهي تہ ڪليسيا جي هنن مختلف ماڻهن کي ڪيئن تعليم ڏجي، جهڙوڪ: جوان مردن، غلامن ۽ پوڙهن مردن کي ۽ انهن پوڙهين عورتن کي جيڪي بعد ۾ جوان عورتن کي سيکارين.
ٽيون نقطو هي آهي تہ پولس رسول طيطس کي هدايت ڏئي ٿو تہ خداوند عيسيٰ مسيح ۾ نئين زندگي ملڻ ڪري ايمان وارن جو ڪردار ڪيئن هئڻ گھرجي. هن حصي ۾ خاص طور نرم طبيعت ۽ نماڻائيءَ تي زور ڏنو ويو آهي ۽ نفرت ۽ بي‌وقوفيءَ واري بحث کان پاسو ڪرڻ ۽ ڪليسيا ۾ ڏڦيڙ وجھندڙن کان پري رهڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي.
سِٽاءُ
پيش لفظ 1‏:1‏-4
ڪليسيائن لاءِ اڳواڻ مقرر ڪرڻ 1‏:5‏-16
ڪليسيا ۾ صحيح تعليم ڏيڻ بابت هدايتون 2‏:1‏-15
دائمي زندگيءَ جا وارث هئڻ ڪري نئين هلت چلت بابت تاڪيد 3‏:1‏-11
ذاتي هدايتون ۽ دعا سلام 3‏:12‏-15

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in