YouVersion Logo
Search Icon

2.تيمٿيس 4

4
1هاڻ آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا ۽ عيسيٰ مسيح، جيڪو وري اچي بادشاهہ جي حيثيت سان ظاهر ٿيندو ۽ جيئرن توڙي مئلن جي عدالت ڪندو، تن ٻنهي کي حاضر ناظر ڄاڻي 2تون مسيح بابت پيغام جي تبليغ ڪندو رهہ ۽ انهيءَ جي لاءِ وقت بي‌وقت تيار رهہ. پوري صبر سان ماڻهن کي تعليم ڏيندي کين سمجھاءِ، تنبيهہ ڪر ۽ سندن همت‌افزائي بہ ڪر، 3ڇاڪاڻ تہ اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. اٽلندو هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي چوڌاري گھڻا ئي اهڙا تعليم ڏيندڙ آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اهو ئي ڪجھہ ٻڌائين جيڪو سندن ڪن ٻڌڻ چاهين ٿا. 4اهي سچ ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري هٿرادو ڪهاڻين ڏانهن ڌيان ڏيندا. 5سو تون هر حالت ۾ هوشيار رهہ، سختي سهُہ، خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم ڪر ۽ پنهنجي خدمت جي ذميواري پوري ڪر.
6باقي رهي منهنجي ڳالهہ تہ هاڻي منهنجي جان خدا جي لاءِ قربان ٿي رهي آهي. هائو، منهنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پهتو آهي. 7آءٌ چڱي ويڙهہ وڙهي چڪو آهيان. آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪري چڪو آهيان. مون ايمان کي محفوظ رکيو آهي. 8هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، خداوند عيسيٰ، جيڪو عادل جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.
ذاتي هدايتون
9مون وٽ جلد اچڻ جي ڪوشش ڪر، 10#ڪل 4‏:14، فل 24، 2.ڪر 8‏:23، گل 2‏:3، طيط 1‏:4 ڇاڪاڻ تہ ديماس هن دنيا جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن. 11#ڪل 4‏:14، فل 24، رس 12‏:12‏،25، 13‏:13، 15‏:37‏-39، ڪل 4‏:10 رڳو لوقا مون وٽ آهي. تون مرقس کي پاڻ سان گڏ وٺي اچجانءِ، ڇاڪاڻ تہ خدمت واري ڪم ۾ هو منهنجو سٺو مددگار آهي. 12#رس 20‏:4، اف 6‏:21‏-22، ڪل 4‏:7‏-8 تخڪُس کي مون اِفسس شهر ڏانهن موڪليو آهي. 13#رس 20‏:6 جيڪو جبو آءٌ تروآس شهر ۾ ڪرپس وٽ ڇڏي آيو هئس، جڏهن اچين تہ اهو کنيو اچجانءِ، ان سان گڏ منهنجا لکيل ورق بہ، خاص ڪري چمڙي جا ورق.
14 # 1.تيم 1‏:20، زب 62‏:12، رو 2‏:6 پتل جا ٿانوَ ٺاهڻ واري سڪندر مون سان گھڻي بڇڙائي ڪئي آهي. خداوند عيسيٰ هن کي پنهنجو ڪيتو لوڙائيندو. 15تون بہ انهيءَ کان خبردار رهجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هن اسان جي ٻڌايل پيغام جي گھڻي مخالفت ڪئي آهي.
16ڪورٽ ۾ صفائي پيش ڪرڻ واري منهنجي پهرين حاضريءَ تي ڪنهن بہ منهنجو ساٿ نہ ڏنو، بلڪ سڀني مون کي ڇڏي ڏنو. شل خدا کانئن انهيءَ جو حساب نہ وٺي. 17پر خداوند عيسيٰ مون سان گڏ هو، جنهن مون کي طاقت بخشي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي خوشخبريءَ جي منادي پوري ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. ائين ڄڻ تہ آءٌ شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس. 18خداوند عيسيٰ مون کي اڳتي بہ هر بڇڙائيءَ کان بچائي وٺندو ۽ پنهنجي آسماني بادشاهيءَ ۾ صحيح سلامت پهچائيندو. شل سندس عظمت جي واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.
آخر ۾ دعا سلام
19 # رس 18‏:2، 2.تيم 1‏:16‏-17 پرسڪلا ۽ سندس مڙس اڪولا کي ۽ اُنيسفرس جي گھر وارن کي سلام ڏجانءِ. 20#رس 19‏:22، رو 16‏:23، رس 20‏:4، 21‏:29 اراستس ڪرنٿس شهر ۾ رهي پيو، جڏهن تہ تروفيمس کي بيمار هئڻ ڪري ميليتس شهر ۾ ڇڏڻو پيو. 21تون سياري کان اڳ مون وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪجانءِ.
يوبولس، پودينس، لينَس، ڀيڻ ڪلوديا ۽ ٻيا سڀ ايمان وارا بہ تو کي سلام ٿا چون.
22شل خداوند عيسيٰ تو سان گڏ هجي ۽ اوهان سڀني تي سندس فضل ٿيندو رهي.

Currently Selected:

2.تيمٿيس 4: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in