YouVersion Logo
Search Icon

رومين 16

16
سڄڻن لاءِ دعا سلام
1اسان جي هم‌ايمان ڀيڻ فيبي، جيڪا ڪنخريا شهر واري ڪليسيا جي خدمتگار آهي، تنهن جي آءٌ اوهان کي پارت ٿو ڪريان تہ 2اوهين خداوند عيسيٰ جي نالي هن جو اهڙيءَ طرح آڌرڀاءُ ڪجو، جهڙيءَ طرح مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن تي واجب آهي ۽ جيڪڏهن کيس ڪا ضرورت هجي تہ ان ۾ سندس مدد ڪجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترن ئي ماڻهن جي ۽ خود منهنجي بہ مدد ڪئي آهي.
3 # رس 18‏:2 پرسڪلا ۽ سندس مڙس اڪولا کي منهنجا سلام ڏجو، جيڪي نہ رڳو مون سان گڏجي عيسيٰ مسيح جي خدمت ڪندا رهيا آهن، 4بلڪ هنن منهنجي جان بچائڻ واسطي پنهنجي جان بہ خطري ۾ وجھي ڇڏي هئي. انهن جو نہ فقط آءٌ پر غير قومن جون سموريون ڪليسيائون پڻ ٿورائتيون آهن. 5جيڪا ڪليسيا سندن گھر ۾ گڏ ٿيندي آهي، تنهن کي بہ سلام ڏجو. منهنجي پياري دوست اپينتس کي سلام چئجو، جيڪو آسيا صوبي ۾ پهريون شخص آهي جنهن مسيح تي ايمان آندو هو. 6مريم کي منهنجا سلام ڏجو، جنهن اوهان جي لاءِ گھڻي محنت ڪئي آهي. 7منهنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ هئا ۽ مخصوص ڪيل تبليغ ڪندڙن طور مشهور آهن ۽ جن مون کان اڳ مسيح تي ايمان آندو هو.
8امپلياطس کي منهنجا سلام ڏجو، جيڪو مسيح ۾ منهنجو پيارو ڀاءُ آهي. 9اُربانُس کي منهنجا سلام ڏجو، جيڪو اسان وانگر مسيح جي خدمت ڪندڙ ساٿي آهي. منهنجي پياري دوست استخس کي بہ سلام ڏجو. 10اپليس کي سلام ڏجو، جنهن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آهي. انهن ايمان وارن کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جيڪي ارستبولس جي گھر ۾ آهن. 11هيروديون نالي منهنجي قوم واري کي منهنجا سلام ڏجو. نرڪسس جي گھر ۾ جيڪي مسيح جا آهن، تن کي منهنجا سلام ڏجو.
12تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند عيسيٰ جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون، تن کي منهنجا سلام ڏجو. پياري ڀيڻ پرسس کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جنهن خداوند عيسيٰ لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آهي. 13#مر 15‏:21 روفس، جيڪو مسيح ۾ اسان جو ڀاءُ آهي تنهن کي سلام ڏجو ۽ سندس ماءُ کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جنهن مون کي پنهنجو پٽ ڪري ٿي ڀانئيو. 14اسنڪرتس، فلگون، هرميس، پترباس، هرماس ۽ انهن سان گڏ جيڪي ٻيا ايمان وارا ڀائر ڀينر آهن، تن کي بہ منهنجا سلام ڏجو. 15فِللگس ۽ ڀيڻ يوليا، نيريوس ۽ سندس ڀيڻ کان علاوہ اُلمپاس ۽ انهن سان گڏ جيڪي بہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل آهن، تن سڀني کي منهنجا سلام ڏجو.
16هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام چئجو. مسيح جون سڀ ڪليسيائون اوهان کي سلام ڏين ٿيون.
نصيحتون
17آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جيڪا تعليم اوهان کي ملي آهي تنهن جي خلاف جيڪي ڏڦيڙ وجھن ٿا ۽ ماڻهن کي گمراهہ ڪن ٿا، تن کي نظر ۾ رکجو ۽ کانئن پري رهجو. 18هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين. 19جيتوڻيڪ مسيح لاءِ اوهان جي فرمانبرداري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي ويئي آهي، جنهن ڪري آءٌ اوهان مان ڏاڍو خوش آهيان، تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ اوهين نيڪ ڪمن ۾ سياڻا ۽ خراب ڪمن ۾ اٻوجھہ ٿي رهو. 20تڏهن سلامتي بخشيندڙ خدا جلد ئي شيطان کي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙائي چيڀاٽي ڇڏيندو.
اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.
21 # رس 16‏:1 مون سان گڏ خدمت ڪندڙ تيمٿيس ۽ منهنجي قوم وارا لوڪيس، ياسون ۽ سوسپطرس اوهان کي سلام ٿا ڏين.
22آءٌ ترتيس، جنهن کان هي خط لکرايو وڃي ٿو، سو بہ خداوند عيسيٰ ۾ اوهان کي سلام ٿو چوان.
23‏-24 # رس 19‏:29، 1.ڪر 1‏:14، 2.تيم 4‏:20 گيُس بہ اوهان کي سلام ٿو ڏئي، جيڪو نہ رڳو مون پولس جي بلڪ سڄي ڪليسيا جي پنهنجي گھر ۾ مهمان‌نوازي ڪندو آهي. شهر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو هم‌ايمان ڀاءُ ڪوارتس بہ اوهان کي سلام ڏئي رهيا آهن.#16‏:23‏-24 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي. آمين.
آخر ۾ دعا
25‏-26جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي ايمان آڻي فرمانبردار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جي آءٌ منادي ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ راز جي ظاهر ٿيڻ موجب شل خدا اوهان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري. 27شل عيسيٰ مسيح جي وسيلي انهيءَ واحد ۽ داناءَ خدا جي واکاڻ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.

Currently Selected:

رومين 16: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in