جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي ايمان آڻي فرمانبردار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جي آءٌ منادي ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ راز جي ظاهر ٿيڻ موجب شل خدا اوهان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري. شل عيسيٰ مسيح جي وسيلي انهيءَ واحد ۽ داناءَ خدا جي واکاڻ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.