YouVersion Logo
Search Icon

مڪاشفو ‮تعارف‬

تعارف
مڪاشفي جو هي مقدس ڪتاب ان وقت لکيو ويو، جڏهن عيسيٰ کي مسيح ۽ خداوند مڃڻ ڪري ايمان وارن کي خاص ڪري رومي شهنشاهت جي طرفان ستايو وڃڻ جو انديشو هو ۽ ڪٿي ڪٿي ائين ٿي بہ رهيو هو. انهيءَ جو هڪڙو سبب هي هو تہ قيصر يعني رومي شهنشاهن جو حڪم هو تہ ماڻهو کين معبود ڪري مڃين ۽ سندن پوڄا ڪن، پر ايمان وارا ائين نہ ڪندا هئا. خط جو مول مقصد هي آهي تہ پڙهندڙن کي اميد ڏيکاري وڃي ۽ کين همتائيندي تاڪيد ڪيو وڃي تہ ستائجڻ ۽ تڪليفن ۾ بہ هو ثابت قدم رهن.
هن مقدس ڪتاب جو گھڻو حصو ڪيترن ئي مڪاشفن ۽ رويائن جي سلسلن تي ٻڌل آهي، جيڪي اشارن جي زبان ۾ بيان ٿيل آهن. مثال طور هن مقدس ڪتاب ۾ بابل شهر لکيل آهي، جنهن جو اشارو روم شهر ڏانهن ٿي سگھي ٿو. ان دور ۾ انهن اشارن کي رڳو ايمان وارا سمجھي سگھندا هئا، پر ٻين لاءِ اهي حيرت ۾ وجھندڙ هئا.
جهڙيءَ طرح ڪن شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ انسان سان خدا جي محبت کي مختلف سُرن ۾ بيان ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح هن مقدس ڪتاب جا مضمون بہ مختلف نمونن سان رويائن جي وسيلي بيان ڪيا ويا آهن. جيتوڻيڪ هن مقدس ڪتاب جي مفهوم جي ادائگيءَ جي باري ۾ مختلف رايا آهن، تڏهن بہ مرڪزي مقصد بلڪل صاف آهي. اهو مقصد هي آهي تہ خدا عيسيٰ مسيح جي وسيلي شيطان سميت پنهنجي سڀني دشمنن کي آخر ۾ مڪمل شڪست ڏيندو. ان سان گڏ هو پنهنجي چونڊيلن کي نئين آسمان ۽ نئين زمين جون برڪتون عطا ڪندو.
سِٽاءُ
تعارف ۽ مضمون 1‏:1‏-8
شروعاتي رويا ۽ ستن ڪليسيائن ڏانهن خط 1‏:9‏–3‏:22
ستن مُهرن سان بند ٿيل ڪتاب 4‏:1‏–8‏:5
ست توتارا 8‏:6‏–11‏:19
ازدها ۽ ٻہ حيوان 12‏:1‏–13‏:18
مختلف رويائون 14‏:1‏–15‏:8
خدا جي غضب جا ست پيالا 16‏:1‏-21
بابل جي تباهي ۽ ٻن حيوانن ۽ شيطان جي شڪست 17‏:1‏–20‏:10
آخري عدالت 20‏:11‏-15
نئون آسمان، نئين زمين ۽ نئون يروشلم 21‏:1‏–22‏:5
واعدو ۽ آگاهي 22‏:6‏-21

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in