1
1 #
مت 13:55، 6:3 هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي خدا پيءُ جي پيار ۽ عيسيٰ مسيح جي حفاظت ۾ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن.
2شل اوهان تي رحم، سلامتي ۽ پيار جھجھي انداز ۾ ٿيندو رهي.
ڪوڙي تعليم ڏيندڙ
3اي عزيزؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ ڇوٽڪاري جي باري ۾ لکڻ لاءِ تمام گھڻو سرگرم آهيان، جنهن ۾ اسين سڀ شريڪ آهيون. پر مون پهريائين اهو لکڻ ضروري سمجھيو تہ اوهان کي تاڪيد ڪريان تہ انهيءَ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪريو، جيڪو خدا هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن کي سونپيو آهي. 4#زب 69:27-28 منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پاڪ ڪلام مطابق قديم زماني کان گنهگار قرار ڏنو ويو آهي. اهي بيدين ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي خدا جي فضل کي بگاڙي پنهنجي شهوتپرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند، يعني عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.
5 #
خر 12:51، ڳا 14:29-30 جيتوڻيڪ اوهين اڳي ئي گنهگار قرار ڏيڻ وارا هي سڀ مثال ڄاڻو ٿا، تنهن هوندي بہ آءٌ اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان تہ خداوند پنهنجي قوم کي مصر ملڪ مان ڪڍي بچائي ورتو، پر پوءِ وري انهن مان ئي جن مٿس ڀروسو نہ رکيو تن کي تباهہ ڪيائين. 6#پيد 6:1-4 اهڙيءَ طرح جن ملائڪن پنهنجي مليل اختيار واري حيثيت قائم نہ رکندي پنهنجي مقرر جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي خدا ابدي زنجيرن سان قيد ڪري فيصلي لاءِ عظيم ڏينهن، يعني عدالت واري ڏينهن تائين اونداهيءَ ۾ رکيو آهي. 7#پيد 19:1-24 ساڳئي نموني سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آسپاس جي شهرن وارا انهن ملائڪن وانگر زناڪاري ۽ حرامڪاريءَ جي پٺيان پئجي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ جي سزا پيا ڀوڳين ۽ اهو ٻين لاءِ عبرت جو مثال آهي.
8انهيءَ طرح هي بيدين ماڻهو بہ پنهنجن خوابن جي پٺيان لڳي بدڪاريءَ واري زندگي ٿا گذارين، خداوند جي اختياريءَ کي حقير ٿا ڄاڻن ۽ آسماني هستين جي بيحرمتي ٿا ڪن. 9#دان 10:13،21، 12:1، مڪا 12:7، شر 34:6، زڪ 3:2 اهڙي جرئت تہ ملائڪن جي سردار ميڪائيل کي بہ ڪونہ ٿي جو ابليس تي ڦٽ لعنت ڪري، جڏهن موسيٰ جي لاش بابت هن سان بحث ۽ تڪرار پئي ڪيائين. هن ابليس کي رڳو ايترو چيو تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“ 10پر هي ماڻهو جن ڳالهين کي ڄاڻن ئي نہ ٿا، تن تي ڦٽڪار ٿا ڪن ۽ جن ڳالهين کي هو بيعقل جانورن وانگر فطري طور ٿا ڄاڻن، تن جي پٺيان لڳي پاڻ کي تباهہ ٿا ڪن. 11#پيد 4:3-8، ڳا 22:1-35، 16:1-35 مصيبت آهي هنن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هي قابيل جي واٽ تي ٿا هلن، نفعي جي خاطر بلعام جهڙي گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ قورح وانگر بغاوت ڪري برباد ٿا ٿين.
12هي ماڻهو اوهان جي محبت وارين رفاقتي دعوتن لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪي بنا ڪنهن جي پرواهہ ڪرڻ جي رڳو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِهي بيآب ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِهي سرءُ جا سڪل وڻ آهن جيڪي ٻنهي لحاظن کان مئل آهن، يعني بيڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آهن. 13اِهي سمنڊ جون بيقابو ڇوليون آهن، جيڪي پنهنجي بيشرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. هو آسمان جا ڀٽڪندڙ تارا آهن، جن لاءِ هميشہ گھُگھُہ اونداهي رکي ويئي آهي.
14 #
پيد 5:18،21-24 حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙهيءَ مان هو، تنهن بہ انهن ماڻهن جي باري ۾ اڳڪٿي ڪندي چيو هو تہ ”ياد رکو، خداوند پنهنجي لکين ملائڪن سان ايندو. 15هو انهيءَ لاءِ ايندو تہ جيئن سڀني ماڻهن جي عدالت ڪري ۽ انهن سڀني کي گنهگار قرار ڏئي، جن بيدينيءَ جو طريقو اختيار ڪري بيدينيءَ وارا ڪم ڪيا آهن. هو انهن سڀني سخت ڳالهين لاءِ بہ هنن بيدين گنهگارن کي ڏوهاري قرار ڏيندو، جيڪي سندس برخلاف ڪيون اٿائون.“
16اهي ماڻهو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، پنهنجين برين خواهشن تي هلندڙ ۽ لٻاڙون هڻندي پنهنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آهن.
تاڪيد ۽ نصيحتون
17سو اي عزيزؤ! اوهين هنن ڳالهين کي ياد رکو، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جا رسول اڳي ئي اوهان کي ٻڌائيندا ٿي رهيا تہ 18#2.پط 3:3 ”#18 آخري زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”آخري زمانو.“آخري زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين بيدينيءَ وارين خواهشن جي پٺيان لڳندا.“ 19هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي اوهان منجھہ تفرقا وجھي رهيا آهن. هي پاڪ روح کان محروم دنياوي سوچ رکندڙ ماڻهو آهن.
20-21 #
يو 15:9
پر اي عزيزؤ! جيئن اوهين دائمي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رهو ٿا، تيئن پنهنجي نهايت ئي پاڪ ايمان ۾ هڪٻئي کي مضبوط ڪندي ۽ پاڪ روح جي مدد سان دعا گھرندي گڏجي پنهنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو. 22ڪليسيا ۾ جيڪي ماڻهو ايمان جي باري ۾ شڪ شبهو رکن ٿا، تن تي رحم ڪجو. 23ڪن کي باهہ جي سزا ۾ پوڻ کان ڇڪي ڪڍي بچائجو، جڏهن تہ ڪن تي رحم ڪجو پر خوف رکندي سندن بڇڙن ڪمن کان پاسو ڪجو، ايتري قدر جو سندن پليت ٿيل ڪپڙن کان بہ نفرت ڪجو.
خدا جي واکاڻ
24خدا، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري حضور ۾ بيعيب ۽ خوشيءَ سان معمور ڪري بيهاري سگھي ٿو 25۽ جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ڏئي ٿو، تنهن واحد خدا کي عظمت، قدرت، اختيار ۽ واکاڻ سونهي، جيئن ازل کان هو، هاڻي آهي ۽ هميشہ تائين هوندو. آمين.